(1) “بــُـوبڪن” جي قديم بستي، هن موجوده زماني ۾، ضلعي دادو جي تعلقي سيوهڻ ۾ واقع آهي. هيءُ ننڍڙو شهر ‘27- 26 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ‘46- 67 اوڀرندي ڊگهائي ڦاڪ تي ايشيا کنڊ جي وڏيءَ ڍنڍ، "منڇر" جي اتر - اوڀرندي ۽ سيوهن شهر جي اولهندي طرف 9 ميلن جي مفاصلي تي آباد آهي. قدامت جي لحاظ کان تمام قديم آهي. هن شهر تي انهيءَ نالي پوڻ جي متعلق ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. چوڻ ۾ اچي ٿو ته “بـُـوبڪ” نالي هڪ مڇي ٿئي ٿي، اُن تان هن شهر تي اِهو نالو پيو. ڪن جو وري چوڻ آهي ته “بـُـوبڪ” لفـظ ٻن لفظن جو مــُـرڪب آهي، يعني: "بــُـوءِ" ۽ "بــَـڪَ". ”منڇر" ڍنڍ جي نسبت سان مـُـهاڻن جي گوڙ (بـَـڪبــَـڪِ) ۽ مڇيءَ جي بدبوءِ سبب “بــُـوبڪ” سڏجڻ ۾ آيو. مسٽر هيوز پنهنجي “گزيٽيئر” (ص 146) ۾ ڄاڻائي ٿو ته هتي هڪ اهڙي قسم جو گاههُ اُڀري ٿو، جنهن جي نالي پوئتان هيءُ شهر “بــُـوبڪ” سڏجڻ ۾ آيو. بوبڪ گاه واقعي به بوبڪن ۾ ٿيندو هو. جنهن جو ذائقو کٽو هو. ساڳئي عالم جو اهو به چوڻ آهي ته هتان جي ڄاموٽ قبيلي جي هڪ چڱي مڙس جي انهيءَ نالي سان “بــُـوبڪ” سڏجي ٿو. اهي مٿيون سموريون روايتون پنهنجيءَ جاءِ تي مخدوم جعفر جي راءِ سان ڪابه اهميت نه ٿيون رکن. مخدوم صاحب جو قول آهي ته “بــُـوبڪ” نالي شهر، سيوهڻ کان اولهه طرف ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آباد آهي، جو سندس ڏاڏي “ابوبڪر" جي نالي سان سڏبو هو، جو پوءِ تخفيف ٿيندي" بــُـوبڪ" جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.(جعفر بوبڪائي، مخدوم: “المتانـه في مرمته الخزانـه" - عربي، ڏسو “مقدمو” از:علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ص 3) انگريزن جي زماني ۾ سن 1854ع ۾ هتي ميونسپل ڪاميٽي قائم هئي. هتي غاليچن ۽ ڀنگ جي پيدائش گهڻي ٿئي ٿي. ايڇ . ٽي. لئمبرڪ جي راءِ آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو ته بــُـوبڪن جي قديم بستي، اصل قديم بستيءَ جي برباد ٿيل ويراني تي آباد ٿيل هجي. (لئمبرڪ، ايڇ ٽي: “سنڌ - هڪ عام جائزو”، مترجم: سليم احمد، ص 164) “بـُـوبڪن” ۾ هر محلي ۽ پاڙي ۾مسجدون هيون، جنهن ڪري هن شهر کي "مسجدن جو شهر" پڻ سڏيو ويندو آهي. هڪ روايت آهي ته مخدوم بلاول کي بــُـوبڪن جي هڪ چاڪيءَ لوهه جي گهاڻي ۾ پيڙيو هو. (1) حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنـه جي خاندان مان عرب دؤر ۾، “ابوبڪر” نالي هڪ بزرگ، منڇر ڍنڍ جي نزديڪ "ٽهڻي" نالي هڪ ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ، پاڻ اُتان لڏي، اُن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ٻڌي اچي رهيو، جو پوءِ “بــُـوبڪ” سڏجڻ ۾ آيو