• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽو صاحب ۽ مير رسول بخش ٽالپور.

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
1970-71 ۾ ڪراچي جي گورنمنٽ ڪاليج آف فزيڪل ايجيوڪيشن ۾ بي پي ايڊ پئي ڪيم . مشرقي پاڪستان فوجي ايڪشن جي نتيجي ۾ الڳ ٿي ويو. بنگله ديش وجود ۾ آيو .مرحوم ڀٽه صاحب ملڪ جي صدر جو عهدو سنڀاليو سندس آمد ڪراچي ٿي ...ڀٽي جي ذات جو سحر...... جيڪو به جلسو ٿيندو هئو اتي ضرور شريڪ ٿيندو هئس.پهرين غير سرڪاري جلسا هئا پوء سرڪاري جلسا ...اسين سنڌي جيڪي ان وقت ۾ ڪراچي ء ۾ پاڻ کي نڌڻڪو سمجھندا هئاسين ..
تن کي جهڙو حوصلو ملي ويو.
جلسوڪٿي به هجي ڪيتري رش هجي مان اڳيان اسٽيج تائين پهچندو هئس.
سڪيورٽي ان وقت ۾ مسئلو نه هئي پوء ڀٽي صاحب جو انداز ....مائيڪ ڪيرائڻ ... اندرا گانڌي کي ڌمڪيون اصل مزو اچي ويندو هئو. مجموعي کي، سامعين کي پاڻ سان هلائڻ جو فن ڀُٽي صاحب کي خوب ايندو هئو. اصل خلق جي نبض تي هٿ رکيل هوندو هئس.
هڪ دفعي ذڪر آهي ته ريڪس سينيما سامهون جتي هاڻي هاشو آيڊيٽورم آهي .سامهون چونڪ جي وچ تي هڪ عورت جو مجسمو هئو جنهن جي هٿ ۾ هڪ وڏو گٽار هوندو هئو ان کي ميوزيڪل چوڪ چوندا هئا..ڀٽو صاحب جلسو ڪري رهيو هجي ..اسٽيج تي مير فقير جتوئي پيرزادا ...ڪراچي جا مقامي بلوچ ۽ اڙدو ڳالهائيندڙموجود هجن مير رسول بخش ٽالپور مرحوم به اسٽيح تي سندس بلڪل ڀر ۾ هجي ..... ڀٽي پنهجي تقريري جوش ۾ اردو ڳالهائيندي چيو”جمهوري جدوجهد کے دوراں حیدرآباد میں ہمارے جلوس کے اوپر چهتون سے گرم پانی اور ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔"
مائڪ پري ڪري مير رسول بخش ٽالپر کان پڇيائين ..
مير صاحب ٻوٽن واري ڪونڊن کي اردو ۾ ڇا چئجي ..
.مير صاحب جلدي ۾ چيو سائين ”ڪونڊے ڪونڊے“
ڀٽي صاحب تقرير جاري رکندي اردو ۾ چيو....
“گرم پانی اور کونڈے پھینکے گئے“۔۔۔۔۔۔۔۔
ان ڳاله تي مجمعي ۾ ٽهڪڙو مچي ويو...
کاٻي پاسي ويٺل اڙدو دان چيو.
”سر اُس کو گملے کہتے ہین“
ڀٽي صاحب کلي مير رسول بخش ٽالپر کي مخاطب ٿي چيو..
”مير صاحب صفا ڪو چَٽُ chatt آهين“
انگريزي ۾ ان ڪري لکيم متان ڄٽ سمجھو .... ياد رهي ته بعد ۾ مير صاحب گورنر سنڌ به رهيو
 
Back
Top