گلقند. زال. ٻڌ جمِيءَ جا پي. سوٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻي آهي. مان وار ڪٽرايان؟ توهان جي ڪهڙو رايو آهي. جمي جو پيءُ : ڪٽرائي ڇڏ. زال : وڏي محنت ۽ مشڪل سان ڊگھا ڪيا هئم. مڙس : پوءِ نه ڪٽاءِ . زال : منهنجيون ساهيڙيون چون ٿيون ته منهنجي مکڙي تي ننڍا وار سٺا ٿا لڳن. مڙس : پوءِ ڪٽائي ڇڏ. زال : پر ننڍن وارن جو جُوڙو سٺو نه ٺهي. مڙس : پوءِ نه ڪٽاءِ. زال : چڱو هڪ دفعو تجربو ڪري ڏسان ته سهي. مڙس : پوءِ ڪٽرائي ڇڏ. زال: پر ڊپ ٿو لڳي ته خراب نه لڳن. مڙس : پوءِ نه ڪٽاءِ. زال: هو مسز هارون ننڍن وارن ۾ ڪيوٽ لڳندي آهي. مڙس: پوءِ ڀلي ڪٽراء. زال : پر ڪڏهن ڪڏهن مرد وانگر لڳي ٿي. مڙس: پوءِ نه ڪٽاءِ. زال : نه، بس ڪٽرايان ٿي. مڙس : پوءِ ڀلي ڪٽاءِ. زال : جي خراب لڳان، ته پوءِ توهان ذمہ وار هوندا. مڙس: پوءِ نه ڪٽاءِ. زال : هونئن به ننڍا وار سنڀالڻ آسان آهن. . خاوند: پوءِ ڀلي ڪٽاءِ. زال : پر ڊپ آهي ته خراب نه لڳن. مڙس : پوءِ نه ڪٽاءِ. زال : ته پوءِ طيءِ ٿيو ته وار ڪٽرائينديس. خاوند: پوءِ ڀلي ڪٽراءِ. بیوی: چڱو هاڻي ڪڏهن ٿا هلو امان وارن ڏي.؟ مڙس موبائيل ۾ منهن. ڀلي ڪٽاءِ. زال. نه نه توهان منهنجي ڳالهه نه سمجهي شايد. مڙس : ڀلي نه ڪٽراءِ. بیوی: هان هان هي ڇا ٿي ويو آهي اوهان کي؟ مڙس: ها ڪٽائي ڇڏ. زال : مٿو ته ڦري نه ويو اٿو. مڙس : پوءِ نه ڪٽراءِ. ان کان پوءِ شايد ويلڻ جو ڊرون حملو ٿيو. ڌڪ سنڌائتو مٿي جي پوئين پاسي لڳس. هي مڙس اڄڪلهه باون شاھ ملير جي درگاھ ٻاهران رلي وڇايو ويٺو آهي. هر ايندڙ ويندڙ عورت کي "پوءِ ڪٽائي ڇڏ" ۽....... "ڀلي نه ڪٽراءِ" جو وظيفو ڏيندو آهي.