شفيق الرحمان شاڪر سال 2018ع به ٻين سالن جيان نيٺ گذري ويو.وقت جي زوراور گھوڙي کي اڄ تائين ڪوبه لغام پارائي نه سگھيو آهي.اهو پنهنجي مقرر رفتار سان اهڙي ته نه محسوس ٿيندڙ انداز ۾ گذري ٿو جنهن جو احساس رڳو ان وقت ٿيندو آهي جڏهن وقت هٿن مان هليو ويندو آهي.وقت جي اثر هيٺ ڪيترائي قانون قدرت ۽ فطرت لاڳيتو بنان ڪنهن ساهيء جي ڪم ڪندا رهن ٿا جيڪي اڻ ٽر ۽ نه بدلجندڙ ٿين ٿا.ننڍپڻ کان جواني،جوانيء کان ٻڍاپو ۽ ڪمزوري ۽ نيٺ موت انهن ئي قانون قدرت جو نتيجو آهن.مٽ مائٽ .دوست يا پوئلڳ،پرستار هجن،چاهيندڙ يا محبت ڪندڙ اهي سڀ وقت سان گڏ بدلبا رهن ٿا.ٻين کي ڪهڙي ميار ڏجي جو جيڪي ننڍپڻ جا ساٿي ڪارا وار اهي به ته وقت جي وهڪري سان گڏ بدلجيو وڃن.پر انسان جي فطرت ڪجهه ان نموني جي آهي جو هو سخت سچائين ۽ تلخ حقيقتن کان منهن موڙڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھندو آهي.بلڪل ان ڪبوتر جيان جيڪو سامهون ڪنهن شڪاري جانور کي ڏسي وقتي طور تي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي يا ان اٺ پکيء جيان جيڪو سامهون ايندر ڪو خطرو پسي پنهنجو منهن مٽيء ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي.اسان مان به هرڪو ايئن ئي ڪري ٿو.جڏهن طاقت،جواني،اختيار ۽ اقتدار جي مستي ۽ نشو هوندو آهي تيستائين ڪا به حقيقت سمجهه ۾ نه ويهندي آهي جو چوڌاريء محبتن جون محفلون آباد رهن ٿيون،چاپلوسن جون چوڪڙيون چاهت جا نظرانا پيش ڪنديون رهنديون آهن،قدم قدم تي سر ۽ ساهه صدقو ڪندڙن جا ميلا مچيل هوندا آهن پر جيئن ئي وقت جو ورتاء بدليو،جسم،جان،دولت يا اقتدار جي طاقت جي ديويء منهڙو مٽايو ته سامهون رڳو نصيحتن جون سوئيون هڻندڙ ۽ تنقيدن جا تير وسائيندڙ ئي نظر ايندا.ازل کان دنيا جو اهو دستور هلندو ٿو اچي ۽ اڄ به جاري آهي.2018ع ۾ پاڪستان ۾ ڪجهه ان نموني جون تبديليون محسوس ٿيڻ لڳيون هيون ڄڻ صدين جي خزائن پڄاڻان ڪنهن بهار جو سنديس هجي،زخمن ۾ چور مسڪين ماڻهن کي ڪو مرهم ميسر ٿيندو هجي،بکن ،بدحالين ۽ بيمارين وچان ڏٻرا بڻيل ڏيل ٻن وقتن لاء پيٽ ڀري کائي سگھن،وحشت ۽ دهشت ۾ ورتل سماج ۾ ڪو تحفظ جو احساس پيدا ٿي سگھي،در در جا ڌڪا کائيندڙ مظلومن کي ڪٿان ڪو انصاف ذرو پلئي پئي سگھي.اهي اميدون ان ڪري به پيدا ٿيون هيون جو ٻڌايو اهو پئي ويو ته عام مخلوق جو معاشي قتلام عام ڪرڻ وارا قانون جي لوهي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن،جن مسڪينن جي دولت چورائي پنهنجا ڀڀ ڀريا ۽ پنهنجي عياشيء جو سامان ڪٺو ڪيو انهن لاء حساب جو ڏينهن اچي چڪو آهي پر اهي اميدون سال گذرڻ باوجود اڃا اميدون ئي آهن يا شايد وڌيڪ نراسائين ۾ بدلبيون ٿيون وڃن. مٿان وري اهي “مسيحا“ آيا جن کي پارسائيء جي دعويٰ هئي،سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جو نسخو هو،ديانت ۽ شفافيت جي گھوڙي جا شهسوار هئا،تبديلين جي تسبيح پڙهي رهيا هئا،عوام جي احساس ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا،عوام هميشه جيان اميدوارين اکين سان انهن جو منهن تڪڻ لڳو پر اڃا ته اهو خواب به رڳو خواب ئي آهي ۽ شايد آسن ۽ اميدن جي اهڙي رڃ آهي جنهن پويان اڃايلن جيان ڊڪندي پنهن جي رهيل توانائي به وڃائي اڻ ڄاڻ موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.2018ع ۾ بدلجڻو ته گھڻو ڪجهه هو پر ڪجهه به نه بدليو،سورن ۽ سختين ۾ ماٺار اچڻي هئي پر جيئن جيئن دوا ٿي درد وڌندو ئي رهيو.ڪي عوام جو سڀ ڪجهه ڦري لٽي،کائي پي ،هضم ڪري،عوام جو رت ست نپوڙي ۽ کين مصيبتن جي اونهي اوڙاهه ۾ اچلي به معتبر ۽ معزز ئي رهيا ۽ شايد اڃا به رهندا،ٻئي طرف جن جي درد جو درمان ٿيڻو هو انهن جي مقدر ۾ مهانگائيء جي مصيبت سواء ٻيو ڪجهه به نه آيو.2018غ گذري ويو پر اسان کي مايوسين جي وڌيڪ ڌٻڻ ۾ غرق ڪري،وڌيڪ نراسائين ۽ نااميدين جي ڄار ۾ ڦاسائي،وڌيڪ ذهني،سياسي ۽ معاشي غلامين جي زنجيرن ۾ جڪڙي.اها ئي آئي ايم ايف،اهي ئي قرض ۽ اهي ئي عوام کي ڪهندڙ سخت شرط،اڄ نه ته سڀاڻي وري انهيء ئي درٻار جي حاضري ڀرڻي پوندي،انهن جا ئي فرمان مڃڻا پوندا،مني بجيٽ تيار ٿي رهي آهي،عوام جي لاء صبر جو سبق لکجي رهيو آهي.2018ع ۾ عوام کي پنهنجي نمائندا چونڊڻ جو اختيار عنايت ڪيو ويو،پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جي آزادي ڏني ويئي پر پارليامينٽ جو ديدار ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته هتي عوامي نمائندن بدران اهي ئي ڀوتار،صنعتڪار،بينڪار ۽ قبضا گروپ جا هٿيار نظر آيا.فرق رڳو ايترو ته انهن مان گھڻا پنهنجن منهن تي مختلف ماسڪ چاڙهي آيا،مختلف ميڪ اپ ڪري آيا،سڄي سال ۾ ان عوامي ايوان ۾ عوامي نمائندن پاران ڪنهن به اهم عوامي اشوء تي ڪو ٻڙڪ ٻاهر نڪتو هجي ته ضرور ٻڌايو.هڪڙا ٻين تي سنگين ڪرپشن جا الزام مڙهيندا رهيا ته ٻيا وري انهيء ڪرپشن جي صفائي ڏيڻ بدران سامهون وارن تي به ساڳئي قسم جي ڪرپشن جا جوابي الزام هڻندا رهيا.ڪڏهن ڏانڌلين جو شور رهيو ته ڪڏهن خلائي مخلوق جي غيبي امداد جو گوڙ رهيو. پيشيون، پٽيشنون، ريفرنس،سزائون،جيل،ضمانتون،وضاحتون،فصاحتون،بلاغتون،شرارتون،شرافتون،عداوتون،الفتون،يو ٽرن،مفاهمتون،مصالحتون.تڪرار،مخالفتون،محاذ آرايون ۽ ڇڪتاڻ بس اهو ئي گذريل سال جو حاصل رهيو.عوام کي ان سڄي عمل مان ڇا حاصل ٿيو، خدا ڄاڻي.سياسي پارٽين ان سڄي سال ۾ ڪهڙا لڪ لتاڙيا ۽ ڪهڙيون منزلون پار ڪيون،صوبن جي وچ ۾ موجود تڪرار ڪيتري حد تائين نبريا،اختيار ڌڻين پنهنجا ڪهڙا رويا تبديل ڪيا،عوام پوري سال ۾ ڪهڙا پاپڙ ويليا ۽ نون آيل حڪمرانن ڪهڙا ڦاڙها ماريا،اهو سڀ هڪ معمو آهي ۽ هميشه جيان معمو ئي رهندو.سال کي گذرڻو هو سو گذري ويو جو ڪيلينڊر تي رڳو وقت جو وس هلي ٿو.اسان سڀ وقت سامهون بيوس آهيون پر ان سوال جو جواب ته بهرحال اسان کي ئي ڏيڻو آهي ته زندگيء جو پورو سال بنان ڪجهه حاصل ٿيڻ جي جيڪر گذري ويو ته پوء اسان ڪهڙي ترقي ۽ ڪهڙي شعور جي ڳالهه ڪريون ٿا؟ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجو احتساب به ڪرڻو پوندو ته منهنجي زندگيء جا پورا ٽي سو پنجهٺ ڏينهن ڪيئن گذريا؟انهن پورن ٽي سو پنجهٺ ڏينهن جي محنت ۽ مشقت واري هڙ ۾ مون کي تاريخ کي ڏيڻ لاء به ڪا مناسب شيء موجود آهي؟