• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيارو ۽ واڻيو پنهنجي ڪسر ڪانه ڇڏي.

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
اتر لڳو اُلهندو ويو،
سياري ڪيا سڏ.
ڪک پن ڪاغذ، ڪاٺيون ميڙي ڪيوگڏ.
ترس نه ڪندو تر جيترو،
هروڀرو ٺاريندو هڏ.
جي رٺل هجو راڻا،
ته به گسڪي سمهو گڏ.
سُڻي سياري جا سڏ،
پرچي وڃو پاڻ ۾.......... ❤️
سيارو عجيب موسم آهي، گهڻي ڀاڱي سڀني لاءِ وڻندڙ ۽ گوارا...... لڳ ڀڳ 8 مهينا اونهارو هلي ٿو. گرمي جا ستايل ستابا ته سک جو ساه کڻڻ ٿا، کين کائڻ، پائڻ ۽ سمهڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو.
رهي ڳالھ غريب جي سو هر حال ۾ خوش رهڻ سکيو آهي، گرميءَ ۾ گنجي گوڏ جو، سردي ۾ سوڙ جو اڀري سڀري اوڇڻ جو، گرم رٻ جو ۽ مَچ جو مزو ماڻي ٿو.
ڪم ڪرڻ جي استعداد سياري ۾ وڌيو وڃي.....
وڏي ڳالهه ﷲ تبارڪ وتعالي جون عظیم نعمتون تازہ ميواجات ۽ خشڪ ميواجات سڀ سياري جون سوکڙيون آهن. پنهنجي حال آهر هر هڪ واپرائي پيو.
اسان ته بوهي منڱ کي ڪل ڪائنات سمجهي نيزن پستن اخروٽ بادام جي
جاءِ تي استعمال ڪيو خوش آهيون.
شڪر آهي جو ڀڳڙا سستا آهن شُگر جي مرض ۾ به مفيد آهن. رات جو گهر ۾ دال ته ٺهي ٿي، ان کي ڇڊو ڪري سوپ وانگر ڪارا مرچ ملائي هڪڙا ٻه ڪوپ پيو يقين ڄاڻو نڙي صاف نزلہ زڪام گم.
ساڳي وقت ساڳ سرنهن جو، مٽر چڻي جي پلي، بيه، سائبيريا جا پکي هن موسم ۾ جام مليو وڃن. بس ﷲ ڏئي انسان وٺي.....
پس اي گروہ انس وجن ﷲ پاڪ جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندين.
هر جاندار پيو جيئي ڪو بک وگهي نه مئو آهي.
رڳو همت حوصلي ارداي جي مضبوطي گهرجي. هر شي مقدر تي هڻي ماٺ ڪري بهانو بڻائڻ اجايو آهي.
باقي جي رٺل هجو راڻا ته به گسڪي ٿيو گڏ واري صلاح تي عمل ضرور ڪندا.
سياري جي مُندَ جي پڇاڙيءَ ۾ سِوَ(شِوَ) جا ستَ سيءُ، سياري جي ڪسرَ هوندي آهي، ويندي ويندي، به ست ڏاڍا سيءَ هڻي ويندو آهي، تيئن واڻيو به حساب ڪتاب يا واڌيءَ جي حساب ۾ ڪسرَ نه ڇڏيندو آهي.@@@@@@@@@@
 
Back
Top