• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سونهن ڀري اخبار

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
ڪاوش اخبار جيڪا سنڌ جي نمائندگي جي هڪ بهترين ڪردار آھي ڪاوش اخبار ننڍي وسندي جي مسئلن کان وٺي وڏن شھرن جي ترقي جي رفعت تائين هڪ زبردست پيشڪش ڪري انهن کي حقوق حاصل ڪرائي پنهنجي مڃتا دنيا اندر شاندار نموني سان ڪرائي پنهنجو مقام ٺاهيو آھي۔ ڪاوش اخبار جاويد جدوجهد جي انداز ۾ بي لوث ۽ نادار عوام جو آواز بڻجي ايوان اعلي تائين واڪو ڪيو آھي۔
هن وقت ڪاوش اخبار جي نشر رپورٽ ۽ خبر تي پوري دنيا اکيون ٻوٽي اعتماد ڪري رهي آھي ۽ ڪرڻ به گهرجي هميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسائل تي به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ سڌ جو صادق سچو محور به رهي آھي۔ اهو سمورو مانُ ڪاوش جي سٿ ۽ انهن محنتي رپورٽرن ڏانهن وڃي ٿو۔
تازو شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي ننڍڙن ملازمن طرفان لڳاتار پندرنهن مهينن تائين حصول روزگار لاء مرڻ تائين جدوجهد ڪئي ويئي هئي پر ان ۾ لاڙڪاڻو ڪاوش سٿ جو ڪردار نفي مترادف رهيو ڪڏهن به ايترن مهينن ۾ چار سؤ خاندانن تقريبن چار هزار فردن جو چلهو داء تي لڳل هيو ان ۾ لاڙڪاڻو ڪاوش اخبار سٿ پنهنجي اداري کي اوندھ ۾ رکي اسانجي نمائندگي ٺپ رکي ڇڏي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اسانجي روزگار جي مسئلي کي سرعام وائکو ڪري اسان جي نمائندگي ڪري ها مگر لاڙڪاڻو جي سٿ ابتڙ اسان سوين ملازمن جي خاندانن سميت ڄڻ ذاتي وير رکي انهن کي پست ڪرڻ ۾ سرفهرست رهي۔ اسانجي حصول روزگار جو مسئلو هجي يا جائز حقن جي ڳالھ ھجي لاڙڪاڻو ڪاوش اخبار بيورو ان جي اڪثر مخالفت ۾ خبر جاري ڪئي آهي۔ ڪاوش لاڙڪاڻو بيورو جون بي ضابطگيون عيان ٿي چڪيون آھن ان تي اداري کي خاموش تماشائي نه بڻجڻ گهرجي لاڙڪاڻو ڪاوش بيورو جو ڪردار اسانجي لاء مشڪوڪ رهيو آھي اسين ڪاوش مرڪزي سٿ کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته لاڙڪاڻو سٿ تي نظر رکي ۽ اسين ڪاوش اخبار جي سٿ کي صاف شفاف صحافت جو دليل و تمغو سمجهون ٿا۔
 
Back
Top