”راجاٻٻر“ مِنٿَ نه اِلتِجا ڪامَڃين ٿي مِٺي، اوپري اوپري ڇو رهين ٿي مِٺي. سُنهن سينگار سڀ هن ڦِڪا تو اڳيان، حُسن ساري جي ملڪه لڳين ٿي مٺي. درد هاڃا لهن جو، جهوليءَ سُمهاري، تون ڦَڻي آڱريون هئه ڪري ٿي مٺي. هي شهر سارو توتي ئي آهي فدا، تو لڳين ايتري ڇو حسين ٿي مٺي. مونکي هر وِک توڏي وٺي ٿي هلي، ايڏي ”راجا“ کي تون ڇو وڻين ٿي مٺي