شفيق الرحمان شاڪر ڪڏهن ڪڏهن اسان مان گھڻن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان جي آسپاس سڀ جا سڀ رڳو پاڳل ۽ چريا رهن ٿا.هر انسان تي ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهندي آسمانن تي اڏام ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي چوڌاريء رهندڙ سموري مخلوق کي جاهل ۽ بيوقوف سمجھڻ لڳندو آهي پر اها ڪيفيت جيڪر ڪنهن جي ذهن ۽ روين تي سدائينء لاء ڇانئيل رهي ته اها پاڻ ئي وڏي چرپڻ ليکي ويندي آهي.پر عام طور تي اها ڪيفيت عارضي ٿئي ٿي جو اها ڪيفيت ختم ٿيندي ئي اوچتو سڀ ڪجهه عام رواجي نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. هن وقت ملڪ ۾ هڪ دفعو وري اقتدار جي ڪرسين تي نوان حڪمران ويٺل نظر اچي رهيا آهن، جيڪي ڪلهه تائين گھٽيون ماپي رهيا هئا سي اقتداري گھوڙي جا شهسوار بڻيل آهن ۽ جيڪي ڪجهه عرصو پهرين اقتداري ايوانن جي سونهن بڻيل هئا انهن مان ڪجهه ته جيلن جي لوهي سيخن پويان جڏهن ته باقي رهيل انتظار واري قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.پاڻ سواء ٻين سڀني کي پاڳل سمجھڻ واري اها ڪيفيت ڪن مٿان سوار ٿي رهي آهي ته ڪي وري پنهنجي نارمل ذهني ڪيفيت ڏانهن موٽي رهيا آهن.انسان جيڪي ڪجهه سوچي رهيو هوندو آهي،جيڪي ڪجهه تجربا ۽ تجزيا ڪندو رهندو آهي ۽ جيڪي منصوبا جوڙي رهيو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وقت جو سنگدل وهڪرو انهن سڀني شين کي اونڌو ڪري ويندو آهي ۽ نتيجا عمل يا سوچ جي بلڪل ابتڙ ايندا آهن.اها ئي انساني سچائي آهي ته انسان جي هر خواهش پوري نٿي ٿئي ۽ خواهش جيتري وڏي هوندي آهي انهيء جو موت ايترو ئي گھڻو دردناڪ هوندو آهي.انهيء ڪري ئي شايد غالب مرحوم کي اهو مڃڻو پئجي ويو هو ته انسان جي دلين ۾ خواهشن ۽ تمنائن جا جيڪي اڻ ڳڻيا انبار آهن انهن مان هر خواهش تي ساهه وڃڻ جو خطرو آهي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ جانور به انسانن جيان ڳالهائيندا هئا سو شايد باندرن ۾ به شعر ۽ شاعري ٻڌڻ جو شوق هو ۽ باقائدي انهن جي وچ ۾به خوب مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون.شايد مشهور سائنسدان ”ڊارون“ به انهن ئي ڏينهن جي پيداوار هو جو جڏهن هن پنهنجي آسپاس باندرن کي ڳالهائيندي ڏٺو ته “باندرن مان انسان جي ارتقا“ جو اهو نظريو اسان جي مٿان ٿاڦي ويوته انسان پهريائين باندر هو. جڏهن ته گھڻن جو چوڻ آهي ته انسان پهرين به پاڳل هو ۽ هاڻي به پاڳل آهي.پهريان جهالت هٿان پاڳل بنيل هو ۽ هاڻي جديد سائنس کيس پاڳل بنائي ڇڏيو آهي.اهو به چيوويندو آهي ته ”چرين کي جي چريو چون ٿا سي چريا آهن پاڻ“. پاڳلخاني جو دورو ڪندڙ ڪنهن ٽيم هڪ ڪمري ۾ ڏٺو ته هڪ نرس جيئن ئي ڪنهن پاڳل مريض کي انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته پاڳل وات مان فائرنگ جو آواز ڪڍڻ ۽ نرس طرف هٿ سان پستول جا اشارا ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ نرس ترت ئي مرڻ جي اداڪاري ڪندي هيٺ زمين تي ڪري پوي ٿي.وري جڏهن ٻيو ڀيرو کيس انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته ساڳيو سين ٿئي ٿو ۽ نرس مرڻ جي اداڪاري ڪرڻ لڳي ٿي.لاڳيتو اهو منظر ڏسي ٽيم جي هڪ ميمبر اڳتي وڌي نرس کان پڇيو ته اهو شخص ته آهي ئي پاڳل جيڪو اهڙيون اجايون حرڪتون ڪري رهيو آهي پر تون ته پاڳل ناهين جيڪا هر هر هن سان سر ۾ سر ملائي رهي آهين؟نرس چيو؛ جيڪر آئون مرڻ جي ايڪٽنگ نه ڪريان ته اهو شخص سمجھڻ لڳندو آهي ته سندس پستول خراب ٿي ويو آهي جنهن ڪري صحيح ڪم نٿو ڪري.پوء ته هي مون تي جوڊو ڪراٽي جا وار ڪرڻ لڳي ٿو.“ اسان جي ملڪ ۾ به لطيفن جون فيڪٽريون تمام گھڻيون آهن.چون ٿا ضياءالحق جي دور ۾ جڏهن موصوف جا ڪيترائي لطيفا ٺاهيا ويا ته هن فوجي آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائي ته اهي ان ماڻهوء کي ڳولهين جيڪو هن جا لطيفا ٺاهي ٿو.ضياءالحق جي آفيسرن نيٺ ان ،ماڻهوء کي وڃي ڳولهي هٿ ڪيو.جنرل ضياء ان ماڻهوء کي چيو ته تون منهنجا لطيفا ٿو ٺاهين.توکي خبر ڪانهي ته آئون هن ملڪ جوسڀني وڌيڪ پاپولر ليڊر آهيان؟ ان شخص جواب ڏنو؛ لطيفا ته مون واقعي کوڙ ٺاهيا آهن پر هي لطيفو جيڪو تون پيو ٻڌائين اهو منهنجو هرگز ٺاهيل ناهي.ڪجهه ماڻهو پاڳلن کان وڌيڪ پاڳل هوندا آهن پر ماڻهو انهن جي گھڻي عزت ڪندا آهن ڇو ته انهن کي پاڳلپڻي جو سرٽيفڪيٽ مليل نه هوندو آهي. آمريڪا جي هڪ پاڳل خاني ۾ نفسيات جا ٻه ماهر هڪ پاڳل جي دماغي حالت جو جائزو وٺڻ لاء کانئس سوال پڇي رهيا هئا ته آمريڪا جوپهريون صدر ڪير هو؟پاڳل جواب ڏنو؛ جارج واشنگٽن.ماهر نفسيات حيران ٿي ويو جو هن بلڪل صحيح جواب ڏنو هو.ٻيو سوال ڪيائين؛ ٻڌاء امريڪا جو ٻيو صدر ڪير هو؟ جواب مليو؛جان ايڊم.ماهر نفسيات جو وات حيرت وچان کليل ئي رهجي ويو.سندس ٻئي ساٿيء چيو ته هن پاڳل جي ذهني حالت ته بلڪل درست لڳي ٿي.اوهان هن کان آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو به پڇي وٺو.پهرئين ماهر پريشانيء وچان چيو؛ پر مون کي پاڻ ئي آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو نٿو اچي! اهڙيء طرح جڏهن سالن جا سال پاڳل خاني ۾ زير علاج رهڻ بعد هڪڙي پاڳل کي سندس اطمينان بخش رويي سبب گھر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته آخري چڪاس بعد ميڊيڪل آفيسر پاڳل کي ٻڌايو ته ميڊيڪل بورڊ کيس گھر موڪلڻ جو ارادو ڪيو آهي.ڇا تون اهو ٻڌائڻ پسند ڪندين ته گھر وڃي تون ڪهڙي طرح زندگي گذاريندين؟ پاڳل ڌيان سان ڊاڪٽر جي ڳالهه بڌي پوء سنجيدگي سان چوڻ لڳو؛ ڊاڪٽر صاحب! مون کي نارمل زندگي طرف موٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو.آئون ڪوشش ڪندس ته پنهنجن پوين غلطين کي نه ورجايان.اصل ۾ آئون هڪ ايٽمي سائنسدان هئس ۽ نهايت ئي گھڻا ڪيميائي ۽ ايٽمي هٿيار جوڙڻ ۽ ڏينهن رات ان ڪم ۾ محنت ڪرڻ ڪري آئون پاڳل خاني پهچي ويس.پر هاڻي آئون واپس وڃي پريڪٽيڪل هٿيار ٺاهڻ بدران رڳو ٿيوريء تي ڪم ڪندس جنهن سان اميد تي منهنجي ذهن تي ڪو دٻاء نه پوندو.ڊاڪٽر چيو؛ ڏاڍو سٺو. پاڳل چوڻ لڳو جيڪر ٿيوري واري ڪم کان مون کي ڪا ڪوفت ٿيڻ لڳي ته پوء آئون ايٽمڪ سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺندس ۽ پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندس.ڊاڪٽر چيو؛ اهو ته تمام سهڻو خيال آهي.پاڳل چوڻ لڳو ته جيڪر آئون اهي ٻئي ڪم نه ڪري سگھيس ته پوء گھر ويهي پنهنجي زندگيء جي تجربن تي سائنسي ڪتاب لکندس ته جيئن ايندڙ نسل اهي ڪتاب پڙهي لاڀ حاصل ڪري سگھي.ڊاڪٽر شاباس واري لهجي ۾ چيو؛ اهو ته نهايت ئي شاندار خيال آهي!.. پر ڊاڪٽر وڌيڪ ڪجهه چوي ان کان اڳ ئي هن ڊاڪٽر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي چيو؛ ۽ ڊاڪٽر هڪ ڳالهه اها به ٻڌي ڇڏ ته جيڪر مٿين سمورن آپشنز مان جيڪر آئون ڪوبه آپشن اختيار ڪري نه سگھيس يا حالتن مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته پوء آئون واپس ريلوي اسٽيشن تي پان ۽ سگريٽن جو کوکو ٻيهر شروع ڪري وٺندس!