ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ : ڪي ماڻھون پاڻ ٻري سڄي جڳ کي روشني عطا ڪندا آھن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2019۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    887
    ورتل پسنديدگيون:
    1,980
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪي ماڻھون پاڻ ٻري سڄي جڳ کي روشني عطا ڪندا آھن ۽ جيسين جيئندا آھن ته انهن جو پل پل پنهنجي ماروئڙن ساگيئڙن لاء لوچيندي گذرندو آھي هو پاڻ تاريخ هوندا آھن ۽ تاريخ ٺاهي ويندا آھن اهڙن مان ئي هڪ ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ آھي جيڪو علم ۽ جدوجهد جي علامت ڳوٺ ھاليجي شريف ۾ جڳ مشھور عالم فاضل استاد حاجي عبدالغفور انڍڙ بن ميان جان محمد بن ميان محمد سليمان وقت جو ولئ ڪامل پهتل ولي الله هو جيڪو سائين حماد الله هاليجوي جو وڏو چاچو هيو سندن جي گهر ۾ 17 اپريل 1944ع ۾ پئدا ٿيو هي ڳوٺ سنڌ ۽ هند ۾ وڏي شھرت رکي ٿو جو هي وقت جي جيد عالم جمعيت علماء ھند جي اڳواڻ ۽ ڪارڪن مولانا ابوالڪلام آزاد مولانا عبيدالله سنڌي مولانا حسين احمد مدني ۽ امير مالٽا مولانا محمد حسين جي رفيق ساٿي مولانا حمادالله هاليجوي جو ڳوٺ آھي جيڪي هن ڳوٺ ۾ آيا ۽ رهيا مولانا هاليجوي آزادئ جي مورچي جو علمي سپاهي هو ٻئي پاسي هي ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو ڳوٺ آھي جيڪو حيدر بخش جتوئي جو سچو ساٿي جي ايم سيد جو متوالو،شيخ مجيب الرحمان، بلوچ اڳواڻن غوث بخش بزنجي،نواب خير بخش مري، عطاء الله مينگل، شاعر حبيب جالب، شيخ اياز محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ مير هزار خان بجاراڻي جو گهرو دوست سڄي عمر هاري حقن هاري هلچل طبقاتي جدوجهد لاء وقف ڪندڙ قومي جمهوري انقلاب لاء پل پل وڙھندڙ ڪامريڊ جو پڻ ڳوٺ ھو، جيڪي پاڪستان جي چئني صوبن جا سرخ پوشي ڪامريڊ ھاري مزدور اڳواڻ قومي عوامي جمهوري انقلاب جا سورما وقت بوقت ايندا رهندا هئا هي ڳوٺ هڪ پاسي ريڊيڪل مذھبي ڪارڪنن جي آماجگاه هو ته ٻئي پاسي کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو مرڪز هو انهئ ماحول ۾ ڪامريڊ رشيد انڍڙ جي تربيت ٿي ۽ هو هڪ مڪمل انقلابي وطن دوست سنڌ دوست عوامي ڪارڪن ۽ عوامي اڳواڻ طور رچي ريٽو ٿي سامهون آيو
    ڪامريڊ رشيد انڍڙ ڇهن درجن تائين تعليم حاصل ڪئي بعد ۾ ٺيڙھي جي مشھور مدرسي دارلعلوم ۾ عربي فارسي تعليم حاصل ڪيائين جنهن ڪري کيس ساٿي مولوي رشيد انڍڙ به سڏيندا هئا
    ڪامريڊ رشيد ڪامريڊ عبدالقادر جو ڀائٽيو هو انکان گهڻو متاثر هو انجي سوچ نظريئي کان بيحد متاثر ٿيو هاري ڪاميٽي جي ڪارڪن طور اڳتي وڌيو بعد ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي وارن سان سلهاڙجي انقلابي سٿ ۾ شامل ٿيو ۽ جڏهن سيپٽمبر 1978ع ۾ ڪامريڊ عبدالقادر پٽ فيڊر جي هارين جي حقن لاء بک هڙتال دؤران بيمار ٿيو دوست اتان هنکي ڪراچي کڻائي ويا اڌرنگ ٿي پيس بعد ۾ وفات ڪيائين ان بعد ڪامريڊ عبدالقادر جي بلند ڪيل جهنڊي کي ڪلهو ڏنائين ۽ هاري ڪاميٽي ۽ هاري هلچل جو بي ڊپو اڳواڻ ٿي اڳتي آيو ۽ انهن سڀني سان ھن قربت جو رشتو رکيائين جيڪي ڪامريڊ عبدالقادر جا ساٿي هئا سندس جي چاليهي تي انهن سڀني ذميوارين جي ادا ڪرڻ جو وچن ورتائين جيڪي ڪامريڊ عبدالقادر ادا ڪندو رهيو هو ۽ هو اهو وچن زندگئ جي آخري پل تائين نڀائيندو آيو توڙي هڙئي ساٿي پوئين وقت برساتي دؤر ۾ وکري فٽ ٿي ويا مگر هن کي جبر جا طوفان، خوف جي برسات، تشدد ۽ لالچ جا مربا سندس وڌنڌڙ قدم کي روڪي نه سگهيا هن سڄي عمر سامراج سان ويڙھاند ڪئي هاري حقن لاء ولوڙ ڪئي اهو ئي سبب آھي جو شيخ اياز جهڙي قومي شاعر پنهنجي ڪتاب ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ کيس زبردست خراج پيش ڪيو آھي ۽ سندس ساراه جا ڍڪ ڀريا آھن
    سندس سوچ جو محور هو ته سندس زمين جو حقيقي مالڪ هاري آھي نه ڪي جنرل ڪنرل چودري پير مير يا وڏيرا ڌرتئ جو ڌڻي اهو آھي جيڪو هنکي سينگاري ۽ آباد ڪري سون جهڙيون پوکون اپائي ٿو هن هڪ ڪتاب ,ڌرتئ جو ڌڻي ڪير؛ پڻ لکيو ان ڪتاب تي آمراڻي دور ۾ فوري طور پابندي لڳائي ڪتاب دڪانن تان کڻائي گم ڪرايو ويو
    ڪامريڊ رشيد انڍڙ ھاري حقن لاء ڪيتروئي عرصو جيل ڪاٽيو کيس انڌهارين ڪوٺين ۾ رکيو ويو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ قيد و بند جون صعوبتون سٺيون مسلسل جدوجهد سندس جان و مال ملڪيتون نادري حڪم تحت ذبط ڪيون ويون نتيجن سندس زندگي تي ناڪاري اثر وڌا پر ڪڏهن به هيڻي نه ٻوليائين دوستن جي منع ڪرڻ باوجود مسلسل آخري دم تائين جدوجهد ڪندو رهيو سنڌ هاري ڪاميٽي جو هڪ چڪر مرڪزي صدر ۽ ڪيترائي ڀيرا مرڪزي جنرل سيڪريٽري سميت مختلف وقتن تي اهم عهدن تي رهيو غريب عوام لاء جلندو ۽ ڀرندو رهيو تتي ٿڌي ڪاهيندو رهيو آخري ڏينهن ۾ کيس وڏو چاه هو ته ڪامريڊ عبدالقادر جي وڏي پئماني تي ورسي ملهائجي قومي اڳواڻ گهرائجن راڳ رنگ ۽ ڪل سنڌ ملاکڙو ڪرائجي ان لاء سهتي سميت سڀني سان صلاح مشورا به ٿيا گڏجاڻيون به ٿيون پلان به جوڙيو ويو ته اوچتو مٿس بيماري حملو ڪيو اپريل 2004ع جي 16 تاريخ سکر ديوان مشتاق اسپتال داخل ڪيو ويو جتي سنڌ جي دلبند ۽ هاري انقلاب جي جاکوڙي اڳواڻ ايڪويه اپريل 2004ع تي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب سنڌ ۽ پنهنجي ساٿين کان موڪلائي وفات ڪئي کيس هاليجي شريف ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو مرتئي تي سڄي سنڌ سوڳوار هئي قوم پرست وطن دوست کاٻي ڌر جا اڳواڻ عشقيار هئا.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,695
    ورتل پسنديدگيون:
    27,154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب جو اوهان ڪامريڊ بابت ليک شامل ڪيو.

    هي ڪنهن جو لکيل آهي يا ڪنهن اخبار يا ڪتاب مان ورتل آهي. ان جو حوالو ڏيندا ڪريو ته قرب ٿيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو