سائين جي ايم سيد تاريخ ساز شخصيت استاد لغاري سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ 17 جنوري 1904ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال 25 اپريل 1995ع تي، 91 سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته 1971ع کان وٺي 1977ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا. سائين جي ايم سيد سان، منهنجي پهرين ملاقات، 23 مارچ 1988ع تي، سن ۾ ٿي هئي. ان وقت محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزير اعظم هيو. آئون، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، اسلم لغاري، عباس جلباڻي ۽ امير حمزو، محراب پور واري ڪچي جي ٻيلي کان ٿيندا، ٻيڙيءَ جي ذريعي سنڌو درياھ اُڪري، وڃي سن پهتا هئاسين. سائين جي ايم سيد جو نظريو، دنيا جي ڪنهن به آزاد قوم جي نظريي کان مختلف ناهي. فرق فقط ايترو آهي، جو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ ٻيا دنيا جا ڪيترائي نظريا، سلامتيءَ جو چولو پائي، تشدد جا حامي هوندا آهن. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “اي آزادي! تو ڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي، فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا ۽ منهنجي ڏيھ جا سڀيئي ماڻهو، شاهيءَ رستن تي وڃي رهيا آهن ۽ مان سوڙهي پيچري ۾، مُنجھي موٽي رهيو آهيان. ڇو ته مون کي ڪوئي سُونهون به نه آهي ۽ ساٿي به نه آهي. اي آزادي! مان پوءِ به شاهيءَ رستي کان گھٻرايان ٿو، ڇو ته اهو تو ڏانهن نه ٿو وڃي”. انهيءَ آزاديءَ جي سوڙهي پيچري، شهيد سورهيه بادشاھ کان وٺي، هيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ٽيپو سلطان کان وٺي، ھوشو شيديءَ تائين، ڪيترن ئي ڪُونڌرن جون قربانيون وٺي ڇڏيون آهن. پر مون کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته شاهيءَ رستي تي هلندي به، ماڻهو تخته دار تي ڇو چڙهي ويا؟ ۽ گولين جو بَک ڇو بڻايا ويا؟ اي شيخ اياز! تنهنجو بيان ڪيل فقرو، اڌواڌ سچ آهي ۽ اڌواڌ سچ نه آهي. “سچ به مايا آهي”، وشنو نادر مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي. نادر! سچ پُڇين ته نه رڳو ڪوڙ، پر سچ به مايا آهي”. انگريزن جي دور ۾، هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي، ڪوڙ سمجھي ڪُچليو ويندو هو. ليڪن انگريزن جي دور وارو ڪوڙ، اڄ جو سچ آهي. اهڙيءَ ريت، اڄ جي ڪوڙ کي، اڃان سُڀاڻي جو سچ ثابت ٿيڻو آهي. اسان هن وقت، هڪ اهڙي آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڦُرڻ واري کي ڦُرڻ جي ۽ ڦُرجڻ واري کي ڦُرجڻ جي، هر طرح سان ۽ مڪمل آزاديءَ حاصل آهي. شيخ اياز لکيو هو : “ هتي گدڙ آزاد آهن، مکيون آزاد آهن، مڇر آزاد آهن، هتان جا دانشور آزاد آهن. شاعر ٽي ويءَ تي نعتيه مشاعره ڪن ٿا. هتي جا هاري آزاد آهن، جي چاهين ته پنهنجي مٿي مان، جُوئُون ڀلي نه کڻي ڪڍن”. منهنجي سامهون سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: پيغامِ لطيف، پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آهي مون، جديد سياست جي نوَ رتن، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، خطباتِ سيد، جديد عالمي سياست، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، ديارِ دل داستانِ محبت، سنڌو جي ساڃاھ ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي وغيره شامل آهن. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو، ته منهنجي نظريي جي حق ۾، مون تي ڪيس هلايو وڃي. هُو ان جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪورٽن ۾ به ويو، پر هن جو نظريو ۽ ڪيس نه ٻُڌو ويو. ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي علمبردار ۽ هيرو، محترم نيلسن منڊيلا ۽ سائين جي ايم سيد، اهڙا عالمي ليڊر ٿي گذريا آهن، جيڪي ٽيھ ٽيھ سال نظربنديءَ واري حالت ۾ رهيا. ليڪن نظريو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي، نظريو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري، ها البت ان ۾ دير ضرور ٿي سگھي ٿي. سائين جي ايم سيد جي نظريي کي اڳتي وٺي ويندڙ، محترم عبدالواحد آريسر صاحب کان پوءِ، ڪي ڪي ماڻهو، هن وقت پنهنجن سڄڻن ۽ ساٿين جي پُٺن ۾ ڇُرا گھونپي رهيا آهن، ته انهن جو فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. نه ته شيخ اياز چيو هو: “اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ، ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا ۽ سارو سچ چئي ڏيندا، اهڙو ساهس ساهيندا، اي آزادي! اي آزادي!”. ان کان اڳ جو آئون لفظن جي پوري کاڻ کوٽيان، پنهنجي قلم کي هتي ئي ٺپيان ٿو ۽ آخري الفاظ اُچاريان ٿو: “هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ مکيون، ڪوريئڙن جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گھرنديون آهن. جتي رڍون، پنهنجي خدمت خاطر بگھڙن جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ جتي آزاد پکيئڙا، فضائن ۾ اڏرڻ بجاءِ، پڃري ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ مطالبن جي مڃتا لاءِ، سڄي عمر احتجاج ڪندا رهندا آهن”. “ڪَھِ نه سَڪي تُو اَپنِي ڪھانِي، تيرِي ڀِي پَنڇِي! ڪِيا زندگانِي ري!؟ جِس ني تيرِي ڪَٿا لکِي، آنسُو ۾ قلم ڊُبوئي...تيرا درد نه جاني ڪوئي، پِنجري ڪي پَنڇِي ري! تيرا درد نه جاني ڪوئي...!!!”. ustadlaghari333@gmail.com ٿينڪس ڊيلي سوڀ خميس 17 جنوري 2019 ع