حيف هجئي۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2019۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پاڪستان ۾ جڏهن به اليڪشني ماحول جڙندو آھي ته سڀ کان پهريان اسان جهڙن غريبن جي عيد ٿيندي آھي۔ سياستدانن کي اسين ڳولهي لهندا آهيون. اسان ڪمائڻ کان اڳ ۾ ئي بيزار هوندا هياسين ويتر ڪمائڻ کان به آجا ٿياسين۔ اسان جهڙن ٻٽاڪين سان ڀوتارن جون اوطاقون گونجاڙجنديون آھن۔ جن اوطاقن تي پنجن سالن کان مٽي ۽ ڌوڙ ڇانئيل هئي۔ اِنهن ڏينهن ۾ اسان جهڙن پيلپاون مڙسن سان ڀريون پيون هونديون آھن۔ اسانکي وري ڪجھ سماج سڌارڪ شخصیتون ڳاڙھي ٻوڙ وارا ، ھُش تي خوش، دهل تي ٺينگ ٽپا ۽ نچڻ وارا بهرحال اهڙن وڏن وڏن لقبن سان نوازيندا آھن۔ اصل ۾ اهي ماڻھون اسان سان ريسارا هوندا آھن اهو نه سوچيندا آھن ته اڙي جيڪڏهن اسانجي ڀوتار کٽيو ڄڻ اوهان سوباسيؤ۔ سيلفيون فوٽو اوهان ڪڍرائيندؤ ڳوٺ وارن ۾ شھرن وارن ۾ توهانجي عزت ٿيندي پوليس وارا اوهان کي کيڪاريندا۔ ڪم ڪار لاء ماڻھو توهانجي در تي ايندا، اوهان معتبر سڏبَؤ جتي سائين ويندو اتي اسان کي به ساڻ نيئندو ڊبل ڪئبين، ويگو گاڏي تي چڙھنداسين گهمنداسين ڪجھ پنهنجن کي ساڙينداسين وڏا واسطا ٺھندا هر هر چانهيون بوتلون ڪيڪ ڪڪڙ ڪڙھائيون کائينداسين۔
    پنهنجو پيٽ سکيو ته گهر وارا به سکيا۔
    اسان ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته اسان جي پٺيان ڪيترا ڀاتي اسانجي خير خيريت لاء روزگار لاء امن، صحت لاء دعائن جا جهول ڀري ان اميد سان اسيڙو ڪندا آھن ته اسانجو ٻچڙو، ڀاء، بابو، مڙس مزدوري تي ويو آھي ڇا ٿو آڻي ته پيٽ جو گذر سفر ڪيون!
    هڪ سربراھ پٺيان ڏهن فردن تي مشتمل خاندان آھي۔
    اڄ جي مزدور جي مزدوري 300 کان 500 روپيه آھي مون کي حڪومت وارا يا وزير مشير يا انهن جا ڏاها، داناء صلاحڪار ان 500 روپين مان ٻن وقتن جي ويلي جي ماني جي خرچ جي ورڇ ڪري ٻڌائين ته اسين انهن جا ادنى غلام ۽ ٿورائتا رهنداسين!
    ٻيون روزمره جي زندگيءَ سان وابسطه ضرورتون پنهنجي جاءِ تي رهيون رڳو پيٽ ڪاٽڻ لاء اها اجرت پوري پني ڪري ڏيکارين! سچي ڳالھ اها آھي ته اها آمدني نا ڪافي ۽ نه جي برابر آهي۔ رب پاڪ پالي، پرورش ڪري پيو باقي هر دؤر ۾ رت جا ڳوڙھا رُنا آھيون۔
    چوندا آھن ته
    غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو۔
    تازو ڊرگ رگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان طرفان دوائون 9% کان 15% تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو پر اهو 9 کان 91% تائين ملٽي نيشنل ۽ نيشنل ڪمپنين جون قيمتون وڌايون ويون آھن۔ ڇا انهن دوائن جي وڌڻ جي وِڄُ ڪنهن تي ڪڙڪي ۽ ڪري؟ ڇا اميرن تي يا بالا آفيسرن تي؟
    سرڪاري ڪارِندا پنهنجو علاج وڏين نجي اسپتالن ۽ ٻاهرن ملڪن جي شاندار ميڊيڪل سينٽرن مان ڪرائين ٿا انهن کي مهانگائي جو ڪهڙو احساس ٿيندو؟ تباهڪاري اسان جهڙن غريبن جي آھي جيڪي 500 روپيه روز ڪمائين ٿا جيڪڏهن روزگار تي مجبوري وچان نه ٿا وڃن ته اهو ڏهاڙو فاقه ڪشي ۾ پورو خاندان گذاري ٿو۔
    حڪومت وڏا وڏا اعلان ڪري ٿي ته سنڌ جي اندر اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ پڻ مفت دوائون به مهيا ڪيون وڃن ٿيون۔ اهڙيون غير معياري دوائون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي اسان نه ٿا سمجهون ته ڪڏهن اهڙيون دوائون پاڻ ۽ پنهنجي خاندان تي ڀلجي به استعمال ڪيون هوندئون۔ ريسرچ ۽ پايونر دوائون جي مڪمل بجيٽ ته رکي وڃي ٿي پر ان جي پرچيز ڪنهن جڳاڙي ۽ بي پيمانيه ڪمپنين کان ڪيون پيون وڃن۔ جيئن پراڻو مقولو آھي ته ”ٽڪي ڌڙي“
    دوائن جون قيمتون وڌائي اسان کي اڃان وڌيڪ لاچاري جي ڌٻڻ ۾ گچايو پيو وڃي۔ روزگار ڏنو ڪو نه پيو وڃي جيڪڏهن پڙھيل ڳڙھيل نوجوانن کي نوڪري جو دلاسو به ڏنو پيو وڃي ته اشتهار ۾ اهڙيون گهرجون طلبين پيا جيئن سادو پڙھيل (بغير ڪنهن ڪميپوٽر ، ٽاپنگ ڪورس ۽ واڌاري هنري لياقت وغيره) اميدوار انهن جي معيار تي نه لهي سگهي۔
    اهڙو نصاب پڙھايو ئي نه وڃي جنهن ۾ شاگرد اهل نه بڻجي سگهن۔ يا اهي ضروري علمَ نصاب ۾ شامل ڪيا وڃن ٻيو ڪجھ نه ته اسان جا بيروزگار ڪنهن ٽيسٽ ۾ اهل ٿي ظاهر ته ٿين!
    حڪومت جاويد رهندي پر ڪارندا هميشه نه رهندا هڪ ڏينهن اسان اڳيان اهي ضرور پيش ٿيندا پر ان وقت اسانجا منهن انهن کان موڙيل هوندا۔
    سوال ڇا ائين ڪڏهن ٿي سگهي ٿو؟....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو