• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرور_ڪلائينٽ بيسڊ سنڌي هجي چڪاسيندڙ(اسپيل چيڪر): سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

فهد ميمڻ

سينيئر رڪن
هي هجي چڪاسيندڙ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان سنڌي انفرميٽڪس شعبي ٺاهيو آهي
هن اسپيل چيڪر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان گهڻو استعمال ٿيندڙ سيڪڙو 2000 لفظ بنيادي ڊڪشنريءَ ۾ رکيا ويا آهن
هن اسپيل چيڪر جي خاص ڳالهه ته هي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سرور ڊيٽابيس سان ڳنڍيل آهي، ڪو به ڪلائينٽ ڪو لفظ پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيٽا بيس ۾ اسپيل چيڪر ذريعي داخل ڪندو ته اهو لفظ سرور تي به داخل ٿي ويندو، هاڻي اداري جو ڪو عملدار لفظ کي اجازت نامو يا اپرو_و ڪندو ته اهي اجازت مليل درست لفظ ٻين ڪلائينٽس تي به داخل ٿي ويندا
هن اسپيل چيڪر کي مائڪروسافٽ جي اسپيل چيڪر کان طاقت ور ٺاهيو ويو آهي ڇو ته هن ۾ ڪو به لفظ جيڪڏهن بلڪل به ابتو لکبو ته اهو آپشنز يا مشورن ۾ سبتو ڪري ٻڌائيندو ته هي لفظ هيئن ٿي سگهي ٿو.
سافٽ ويئر ۾ ڪا اوڻائي يا صلاح نظر اچي ته براه ڪرم آگاه ڪجو ته ايندڙ ورشن ۾ درست ڪئي وڃي
اچو ته سنڌي عوام تائين تعليم جهڙو زيور پهچائيندي سنڌي ٻوليءَ کي ترقي به ڏياريون

لنڪ هيٺ ڏجي ٿي:
نوٽ : اداري جي سربراھ جي زباني حڪمن تي عمل ڪندي، ھن موضوع مان سنڌي اسپيل چيڪر جو ڳنڍڻو يعني لنڪ ختم ڪيو پيو وڃي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا اردو کان سنڌي ڊڪشنري جي سخت ضرورت اٿم ، پي ڊيف يا ورڊ ۾، هجي ته مهرباني ڪندا.
 
اسپيل چيڪر جي ضرورت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. 155 ميگا بائيٽ جو فائل ڊائونلوڊ تي لڳايو اٿم.
 
نوٽ: اھو سافٽويئر سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي آءِ ٽي شعبي جي اجازت کان سواءِ لانچ ڪيو ويو آھي. ھن کي اٿارٽي پاران لانچ ٿيڻ، نہ سمجهيو وڃي.. ھي انفرادي طور محترم فھد حسين ميمڻ پاران لانچ ڪيو ويو آھي..
 
نوٽ: اھو سافٽويئر سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي آءِ ٽي شعبي جي اجازت کان سواءِ لانچ ڪيو ويو آھي. ھن کي اٿارٽي پاران لانچ ٿيڻ، نہ سمجهيو وڃي.. ھي انفرادي طور محترم فھد حسين ميمڻ پاران لانچ ڪيو ويو آھي..

موضوع ۾ ته سنڌي لينگئيج اٿارٽي لکيل آهي.
 
موضوع ۾ ته سنڌي لينگئيج اٿارٽي لکيل آهي.
جيڪڏھن ڪوبہ ماڻهو پنھنجي طرفان ڪا شئي لانچ ڪري ۽ نالو سنڌسلامت جو لکي تہ ڇا اُھا سنڌسلامت پاران لانچ ٿيل سمجهبي؟ بلڪل نہ، تيئن ئي ھِن کي سمجهيو وڃي.
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top