مجنون جو ليلي سان اهڙو عشق هوندو هو جو هو ان جو سايو ڏسي ئي ديوانه وار ڊڪندو هو ان جي ڪڍ، هڪ دفعو مجنون کي ليلي نظر آئي هو ان جي پويان ديوانن جيان ڊوڙيو، ۽ هڪ نمازي جي اڳيان گزري ويو، نمازي کي غصو آيو ان نماز ڀڃي مجنون کي روڪيو ته تون ڇو منهنجي سامهون ويين جڏهن ته مان عبادت ڪري رهيو هوس؟ مجنون چيو: مان پنهنجي ليلي جي عشق ۾ توکي ڏسي نه سگهيس پر تنهنجو پنهنجي رب سان ڪهڙو عشق آهي جو تون مونکي ڏسي رهيو هيين؟