شفيق الرحمان شاڪر انهيء ۾ شڪ ناهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ جي سياست ۾ پنهنجي جاء والارڻ لاء ٻاويهن سالن جي ڊگھي جدوجهد ڪئي آهي پر هاڻي جڏهن هو ملڪ جي سڀ کان وڏي انتظامي عهدي تائين پهچي چڪو آهي،ملڪ جي وڏي ۾ وڏي صوبي توڙي ڪي پي ۾ سندس حڪومتون هئڻ سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ به سندس ئي اتحادي حڪومت قائم آهي تڏهن اها ڳالهه گھڻو نڪري نروار ٿي چڪي آهي ته سندس ان سموري جدوجهد جو رڳو هڪڙو ئي مرڪزي ۽ بنيادي نڪتو رهيو ته ”ڪهڙيء به طرح“ اقتدار ۽ اختيار جون واڳون هٿ ڪري وٺجن.هن پنهنجي پارٽيء توڙي ڪجهه ” ٻين زورن“ ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ لاء ته گذريل ٻاويهن سالن ۾ پورا حيلا هلايا ۽ هو ان ۾ ڪامياب به ٿي ويو پر هن ۽ سندس پارٽي کي نه ته اها خبر پئجي سگھي ته حڪومت ڇا ٿيندي آهي ۽ اها ڪيئن هلائبي آهي؟سياست جا ڪهڙا داء پيچ ٿيندا آهن،بيوروڪريسيء جي ڪهڙي نفسيات ۽ واردات جا طريقا ٿين ٿا؟بحران ڇا ٿيندا آهن ۽ انهن مان ڪيئن نڪربو آهي؟سياسي مخالفن جو ڪهڙي حڪمت عمليء سان مقابلو ڪبو آهي؟حڪومت ڪرڻ ۽ اپوزيشن ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟وغيره وغيره .اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن سامهون واري موثر سياسي مخالفت ۽ غيرمعمولي دٻاء سواء ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ئي بار هيٺان دٻجندي ٿي وڃي.جيڪر ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گڏيل طور تي ذهني ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي چڪي آهي جنهن لاء هر ايندڙ ڏينهن نيون پريشانيون ، مونجھارا ۽ مايوسيون کڻي پيو اچي.عمران خان جي حڪومت عام ماڻهن جا بنيادي مسئلا سلجھائڻ يا گھٽائڻ ۾ ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو ته سندس ڪجهه ”ويڙهاڪ ونگ“ جي وزيرن ۽ مشيرن جي ”بياني فائرنگ “مان چڱيء طرح لڳائي سگھجي ٿو جيڪا گذريل پنجن مهينن جي نهايت ئي شرمندو ۽ مايوس ڪندڙ سندن ڪارڪردگيء باوجود اڃا تائين ساڳي زور شور سان جاري آهي.هن وقت تائين جي حڪومتي ڪارڪردگي ته رڳو اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته اهو ”عظيم انقلابي ليڊر“ جيڪو ڪڏهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ويهي عوامي معاملن ۽ مسئلن تي ” سياسي مدبر“ جي طور تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو هو ان کي اقتدار جي حمام ۾ آخرڪار ٻين جهڙو ئي ثابت ٿيڻو هو.هو جيڪو گذريل ويهن سالن کان ٽي وي چينلن ۽ سياسي جلسن ۾ پنهنجو پاڻ کي سياسي ”مدبر ۽ مصلح “ سڏائيندو رهيو ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل عوام جي دردن جو مسيحا هئڻ جون اڀ ڦاڙيندڙ دعوائون ڪندو رهيو ، اڄ هن جون سالن کان غير مشروط حمايتون ڪرڻ وارا به مايوس مايوس نظر اچن ٿا.اقتدار جي گاديء تي ويهڻ بعد به جنهن جا انگل آرا اڃا اپوزيشن وارا ئي هجن اهو اڳتي ڪيئن حڪومت هلائيندو سمجهه ۾ نٿو اچي.عوام سان ڪيل هزارين وعدن مان ته ڪوهڪڙو ننڍڙو وعدو به هيستائين پورو ناهي ٿيو.مهانگائي جي مصيبت ۽ بي روزگاريء جي آفت ته ڇا رڪجڻي هئي هتي ته اقتداري ڪلچر ۽ سياسي اخلاقيات جو رهيل کهيل جنازو ئي نڪري ويو.تبديلي اها آئي جو هر سوال جي جواب ۾ هڪڙو ئي جواب ته ماضيء جي حڪمرانن تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏي آهي.هر معاملي تي اهو دليل ته سندن پارٽيء کي ڇڏي ٻيون سموريون پارٽيون چور،ڪرپٽ ۽ ڌاڙيل آهن.گذريل حڪمرانن جيڪي ڪجهه ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه سامهون آيو ۽ انهن خلاف جيڪو احتساب جو عمل جنهن به صورت ۾ جاري هو ان تي عوام خوش نظر اچي رهيو هو جو انهن عوام کي آزارڻ ۽ ڪنگال بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي.ماڻهن انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي روڄ راڙي ۽ آهن فريادن کي سنجيدگيء سان وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو هو،عوام جوعدالتن توڙي احتسابي ادارن تي ڪجهه نه ڪجهه ڀروسو بحال ٿيڻ لڳو هو پر تحريڪ انصاف جي هنن ”ڏاهن “ وزيرن ۽ مشيرن ماضيء جي انهن نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو ڪم ئي آسان ڪري ڇڏيو آهي.سمورو احتسابي ۽ عدالتي عمل ئي انهن تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.انهن پاڻ انهن عوام دشمن سياستدانن کي اهو موقعو مهيا ڪري ڏنو آهي ته اهي وري عوام وٽ وڃي ساڳيو سودو وڪڻن ۽ سندن همدرديون سولائيء سان خريد ڪري سگھن.هنن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيء جي مئل گھوڙي ۾ هڪ ڀيرو وري ساهه وجھي انهن جي اڳواڻن کي هيرو بنائي ڇڏيو آهي.سنڌ جي حوالي سان انهن جون جيڪي پاليسيون،بيان ۽ پرڪار هن وقت تائين سامهون آيا آهن انهن هڪ دفعو وري پيپلز پارٽيء کي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو بهترين موقعو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي ڪجهه بدبودار ۽ هر اڀرندڙ سج جي سلامي وڏيرن ۽ ڀوتارن سان گڏجي جيڪا اقتداري سازشن جي کچڻي پچائي پيئي وڃي انهيء سان سنڌ ۾ تحريڪ انصاف کي مستقبل ۾ ڪا سياسي اسپيس حاصل ٿي سگھي سو ته ٺهيو پر” هم تو ڊوبي هين صنم تم ڪو ڀي لي ڊوبين گي“ جي مصداق ماضيء جي اهڙن سمورن غير فطري ۽ غير حقيقت پسنداڻن تجربن مان هڪ ناڪام تجربو ئي ثابت ٿيڻو آهي.سنڀالجي ته هنن کان پنجاب ۽ ڪي پي ئي نٿو،مرڪز ۾ هنن جي اها حالت آهي جو ”طاقتور“ وزيراعظم کي اها همت ناهي جو هڪ ڀيرو قومي اسيمبليء ۾ اچي پنهنجي سياسي مخالفن جو سياسي طور تي مقابلو ڪرڻ لاء منهن ڏيکارڻ جي جرئت ڪري سگھي ۽ هليا آهن سنڌ فتح ڪرڻ! مني بجيٽ مٿان مني بجيٽ اچي رهي آهي،مهانگائيء عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن،روزگار جا ڪي به نوان موقعا پيدا ٿيڻ بدران ماڻهن کان رهيو سهيو روزگار کسيو پيو وڃي،حڪومتي کاتن ۽ ادارن ۾ ڪي به مثبت تبديليون ۽ سڌارا آڻن بدران اهي وڌيڪ ڇڙواڳي،انتشار،بي يقيني ۽ بدانتظاميء جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن،حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي.ٻئي طرف جواب اهو ٿو اچي ته اسان کي وڌيڪ وقت کپي،معيشت جو حال سڀني جي سامهون آهي،سڄو ڪم قرضن ۽ غريب عوام تي نوان ٽيڪس لڳائڻ تي ٽپايو پيو وڃي.هنن کان هلي ڪجهه به نٿو سواء روئڻ پٽڻ ۽ سياسي مخالفن مٿان الزامن جي مالا پڙهڻ جي.بجلي،گئس،دوائون توڙي کاڌي پيتي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا پر حڪمران پنهنجو پاڻ کي انهن سڀني معاملن ۾ بي گناهه ۽ معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.بجليء جي لوڊ شيڊنگ جي عرصي ۾ اضافي کان گئس جي غائب ٿيڻ تائين هنن مان ڪوبه پنهنجي نااهلي مڃڻ لاء تيار ناهي.انهن حالتن ۾ هنن کي وڌيڪ اقتدار ۽ اختيار حاصل ڪرڻ جو حرص ستائي رهيو آهي.اها ئي ريت ۽ اهائي خواهش ماضيء جي حڪمرانن کي به ٻوڙيندي رهي آهي جيڪا هنن کي به ترت ئي ٻوڙي ويندي جو هنن وٽ نه سياسي سمجھه آهي ۽ نه حڪومت هلائڻ جي فني صلاحيت.هنن جون زبانون جن معاملن تي بند رهڻ گھرجن انهن تي وهنديون ئي رهن ٿيون ۽ جن معاملن تي کين ڳالهائڻ گھرجي انهن تي سندن زبانون گونگيون بڻيل آهن.جڏهن ميڊيا ۾ ڪجهه دانشور اهو چون ٿا ته ڪپتان جو ڪهڙو قصور جو هن کي ملڪ ئي انهن حالتن ۾ مليو آهي يا وري اهو چون ٿا ته ڪپتان پاڻ ٺيڪ آهي پر سندس ٽيم صحيح ناهي.جيڪر انهن همراهن جي انهن ٻنهي دليلن کي قبول به ڪيو وڃي ته اهي ٻئي دليل خود ڪپتان جي نااهلي ۽ اڻ ڄاڻائيء جو ثبوت وڌيڪ پختو ڪن ٿا ۽ سندس نام نهاد قائداڻين صلاحتين ۽ سياسي تدبر تي مضبوط سواليا نشان اڀا ڪن ٿا.جيڪر ايڏي وڏي اعليٰ حڪومتي عهدي تي ويهڻ کان اڳ ڪنهن ماڻهوء کي اها خبر به ڪانهي ته ملڪ جون حالتون ڪهڙيون آهن يا هن ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاء ڪا صحيح ٽيم چونڊڻ جي صلاحيت ئي موجود ناهي ۽ جيڪر حڪومت ۾ اچڻ کان پوء حڪومت هلائڻ سکي پيئي وڃي ته پوء اهڙن عوامي ليڊرن جي تدبر،فهم ۽ فراست تي رڳو ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙي عوام جي قسمت تي رڳو روڄ راڙو ئي ڪري سگھجي ٿو! shafiquershakir@gmail.com