ڪتاب: اذيتن جي اُس (ڪھاڻيون) ليکڪ: جعفر شاهاڻي تبصرو: اظهر امر سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪبو ته ڪيترائي نالا سامهون ايندا، جن ۾ امر جليل، نور الهديٰ شاھ، ماڻڪ، نسيم کرل کان ويندي نئين ٽهيءَ جا ٻيا به کوڙ نالا اسان جي سامهون ايندا پر پوءِ به سنڌي ساهت ۾ اُهي ڳالهيون اڪثر گسين پنڌينءِ ٻُڌڻ ۾ اينديون رهنديون آهن ته سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي يا سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي آهي. اها دعويٰ ته جنهن ڪئي سا ڪئي پر ڳالهه چوٽ ضرور چڙهي وئي. نوجوان ڪهاڻيڪار انهي ڳالهين کي قطعي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڪهاڻيون لکندڙ اڃا به لکن پيا ۽ اهڙي طرح نه صرف مقدار پر معيار تي پورو لهندڙ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به لکيون وڃن پيون ۽ مسلسل انهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر گهٽتائي جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ائين به چئجي ته غلط نه ٿيندو ته سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر ختم ناهي ٿيو بلڪه وڌيو ضرور آهي. انهي ڪهاڻيڪارن مان نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار جعفر شاهاڻي به هڪ آهي. سندس ڪهاڻي ڪتاب ”اذيتن جي اُس“ مارڪيٽ ۾ آيل آهي ۽ هن نوجوان جو تعلق ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ساڏوري سان آهي. جعفر سان منهنجو عوامي اوطاق (فيسبڪ) تان واسطو ٿيو، جيڪو دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا ملاقات ناهي ٿي، پر ساڻس ملاقات جي تمنا ضرور آهي.ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪندو رهيس ته سندس ڪهاڻي ڪتاب تي لکان مگر هڪ وقت ساٿ نه پئي ڏنو ٻيو وري سچ ۾ جعفر تي لکڻ مون کي مشڪل پئي لڳو پر پوءِ به ڪوشش ڪري رهيو آهيان اميد ته جعفر منهنجي طرفان لکيل چند لفظ سيني سان لڳائي قبول ڪندو. جعفر جو تعلق جنهن علائقي سان آهي اُنهي مٽيءَ جا ماڻهو سڄي سنڌ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن علائقي جا منظر ڪڏهن مرڪون ڏيارندڙ منظر لڳندا آهن، ته جڏهن وري برسات پوي ته ماڳهين ٿر جا منظر فطري طور دل کي وڻندڙ لڳندا آهن. جڏهن وري ڏُڪار ٿئي ته ماڻهو لڙڪن کي روڪي ناهي سگهندو. جعفر جي ڪتاب اذيتن جي اُس ۾ ارڙهن مختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن. جن مان ڪجهه اهڙا موضوع آهن، جيڪي اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان سامهون پيش ايندڙ واقعا آهن، جن مان ڪجهه موضوعن تي ڳالهجي ٿو. ”خفتي“ لفظ پڙهندي ئي اسان جي ذهن ۾ مختلف سوال ڪر کڻن ٿا ته اسان جي معاشري ۾ اوهان کي مختلف خفت ڪندڙ ڪڪڙن جا خفتي، ڪبوترن جا خفتي، ڪتن جي خفيتن سميت ٻيا به کوڙ خفتي ملندا. ”عيد نماز“ ڪهاڻي جهڙا ڪجهه واقعا مون اکين سان ڏٺا ۽ ڪنن سان ٻُڌا پڻ آهن جيڪي ماڻهو پنهنجي ڳوٺجون مسجدون ڇڏي ٻين ڳوٺ ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ مختلف عذر پيش ڪري وڃي پڙهن ٿا. اُهي يا اهڙا ”ورڪر، نيت جو نانگ، ڪُٺيس ڪويڄن، بي پيرو“ ڪهاڻين سميت کوڙ موضوع آهن جن تي جعفر لکيو آهي جيڪي اسان جي معاشري ۾ ناسور بڻيل آهن. مون جڏهن سندس ڪهاڻيون پڙهيون تڏهن دل ۾ عجيب خيال جاڳيا ته هيءُ ڪهاڻيڪار جڏهن انهن موضوعن تي لکن ٿا ته هنن وٽ سيني ۾ دل هوندي آهي يا نه، جو انهن معاشرتي عڪسنکي ڏسي انهن واقعن کي ٻُڌي خود به خود ڪيئن ايترو آساني سان لکي وٺندا آهن. منهنجي ذهن ۾ بار بار اهو خيال ايندو رهيو ته ڇا ڪهاڻيڪارن جون دليون پٿر جون دليون هونديون آهن جيڪي ايترو جلدي انهن واقعن تي روئڻ بجاءِ اُنهن واقعن کي لفظن ۾ قيد ڪري وٺندا آهن. ڪتاب اذيتن جي اُس جعفر ڪيئن ۽ ڪهڙين ڪيفيتن ۾ لکيو، انهي جي ڄاڻ صرف جعفر شاهاڻيءَ کي هوندي. مون جعفر کي هڪ ڏينهن فون تي چيو هو ته، شاهاڻي ذات مون کي ڏاڍي وڻندڙ آهي ته هُوءَ مرڪي پيو هو...! جعفر شاهاڻي پنهنجي هِن ڪهاڻي ڪتاب جي ارپنا پنهنجي فيملي جي ڪجهه فردن کي ڪئي آهي جن ۾ سندس والد صاحب يار محمد شاهاڻي جيڪو سندس ساٿ ڇڏي چڪو آهي. جنهن لاءِ جعفر لکي ٿو، سندس بي پناھ پيار ۽ وڇوڙي جو ڏُک لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. ٻيو هن ارپنا پنهنجي امڙ سانئڻ کي ڪئي، جنهن جي ممتا ۽ پيار جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ٽيو هن پنهنجي ڀاءُ ميان بخش شاهاڻيءَ کي ڪئي آهي ۽ آخر ۾ لکيو اٿس، دل ۾ رهندڙ سڀني همدرد ۽ هڏ ڏوکين مقدس جي نانءِ. جعفر جي هِن ڪتاب جو مهاڳ نالي واري ليکڪ پياري ماڻهو عزيز ڪنگراڻي صاحب، بئڪ ٽائيٽل شاعر آسي زميني لکيو آهي ۽ ان کان سواءِ عاشق حسين زندپور بلوچ ۽ اسحاق ساند جا مختصر رايا پڻ شامل آهن. جعفر شاهاڻيءَ جو هيءُ ڪهاڻي ڪتاب اذيتن جي اُس ڪنول پبليڪيشن قمبر طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. (ڪجهه ڏينهن پهريان 16 جنوري 2019ع تي اظھر امر جي ٿورن سان روزاني هلال پاڪستان اخبار ۾ منهنجي ڪتاب تي شايع ٿيل تبصرو)