گلزار سيال : باهه جو سمنڊ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]
    احمد شاڪر ۽ گلزار سيال​

    گلزار سيال : باهه جو سمنڊ

    احمد شاڪر

    اسان کي تون مليو آهين،
    اسان کي ڪجهه نٿو گهرجي.

    (اسحاق سميجو)
    ***

    هڪ هند ۾ گلزار- آهي ۽ ٻيو سنڌ ۾ گلزار- آهي.
    ***

    هند جو گلزار- جنهن جي گلدستي ۾ فلمي گانن جا گُل به آهن ۽ نه ڄاڻ ته ڇا - ڇا هُن- جي گلدستي ۾ ڪهڙن ڪهڙن شعبن جي خوشبو آهي ۽ سنڌ جي گلزار- جي گلدستي ۾ شاعري جي خوشبو آهي ۽ اُها خوشبو کيپَ چاڙهيندڙ ۽ عاشقيءَ ۽ قوميت جي رنگت واري خوشبو آهي.
    **

    سنڌي شاعريءَ جي شانائتي سفر ۾ جيڪڏهن جينيئس شاعرن جي ڳڻپ ٿيندي ته اُتي گلزار- کي ضرور ڳڻيو ويندو. هُن جو هر نظم پنهنجي جوهر ۾ سچيت ۽ سماج منجهه شعور ۽ بيداري بابت آگاهي ڏيندي نظر ايندو. جنهن جو هڪڙو مثال سندس- نظم “وتايو” آهي.
    ***

    جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي سٽ حوالي طور تي ڏني وڃي يا وري هڪ مُحاوري جي صورت اختيار ڪري وڃي ته، اهو سمجهڻ گهرجي ته، هُو- هڪ ڪامياب شاعر آهي، جنهن معاشري جي نفسيات کي سمجهي شعرَ چيا آهن ۽ اهڙي حوالي سان گلزار- جي گهڻن ئي نظمن جُون سِٽون حوالاتي ڏئي سگهجن ٿيون. جيئن:
    اسان رول ماڻهو، رُلياسين ته ڇاهي.
    *

    رب آهي، رب ناهي
    اِن تي پوءِ اچون ٿا.
    بُک آهي، بُک ناهي
    پهريان ان تي ڳالهايون.
    ***

    هن جو هڪ هڪ نظم کڻي نقادن پُورا پيپرَ لکيا آهن، اها هن جي نظم جي وسعت سان گڏ هن جي ڪاميابي آهي.
    ۽-؛
    هن جا طويل نظم طوالت رکندي به طويل ناهن لڳندا. هُو پنهنجي طوالت ۾ ئي مڪمل هوندا آهن. اِها گلزار- جي ۽ گلزار- جي نظمن جي خوبي آهي. نه ته طويل نظم اڪثر ٿڪائيندڙ هوندا آهن، جيڪي پڙهندڙ کي گهڻي ڀاڱي دق ئي ڪري وجهندا آهن.
    ***

    گلزار- جنهن جو جنم اٺ - اپريل اُڻويهه سو پنجهٺ ۾ شاهنوار سيال- جي گهر ۾ ٿيو ۽ جنهن ڳوٺ ۾ سندس- جنم ٿيو. اُن جو نالو “ٿلهو” آهي ۽ اِهو ڳوٺ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچي ٿو. سندس- تعليم بي - اي آهي. هُو- هن وقت علمِ تدريس جي شعبي سان وابسطا آهي.
    ***

    هونئن ته سڄي سنڌ علم ادب ۾ خوشحال آهي- پر ٽکڙائي، هالائي ۽ سيتائي شاعرن پنهنجو حصو پتي ان شاعراڻي سفر ۾ جتي شامل ڪيو. اتي ناٿن شاهي شاعرن جو حصو به ڏسڻ جوڳو آهي. ۽ انهن جي شاعراڻي اُڀَ تي ڪيترائي نالا ڪنهن چمڪندڙ تاري جيان پري پري تائين پڌرا نظر ايندا رهن ٿا ۽ انهن نالن منجهان ڪجهه نالا ضرور ٿو ڳڻائڻ سمجهان ۽ اُهي نالا هي آهن- وفا ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي آثم ناٿن شاهي ۽ ٻيا ڪيئي انيڪ نالا آهن، جيڪي حوالي طور نه صرف ڳڻائي سگهجن ٿا، پر انهن کي دل ۽ تاريخ جي صُفحن ۾ جاءِ ڏيڻ تي سُرهائي به محسوس ڪري سگهجي ٿي ۽ ائين ئي - ان سلسلي جي ڪڙيءَ کي حال ۾ به ڳنڍيون ايندڙ ايترا ئي نرالا ۽ شاندار نالا آهن، جن جي شاعريءَ ۾ به ناٿن شاهي شاعرن جي شاعريءَ جي خوشبو موجود آهي ۽ اُها خوشبو ايتري ئي وڻندڙ آهي، جنهن جي محسوسات کان ڪو ڪافر ئي ڪنارا ڪشي ڪري سگهي ٿو ۽ انهن نالن منجهان ذوالفقار گاڏهي، ساٿي محبوب، گلزار ۽ ٻيا ڪيئي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ انهن جي شاعراڻي باغ منجهه جيڪي شعري گُلَ آهن، انهن ۾ پنهنجي پنهنجي انفراديت آهي ۽ انهن منجهان گُلزار- جي شاعريءَ جي خوشبو ته هوند هر کنڊَ ۾ سُرهائي جي سُرهاڻ پهچائڻ جيتري نه صرف سگهه رکندڙ آهي، پر هُن جي شاعري ته، جنگجُو جي جيءَ ۾ گهر ڪري وڃڻ جيتري سگهه رکندڙ آهي.
    ***

    انصاف:
    سندس- هڪ نظم جو عُنوان آهي ۽ اِهو نظم عالمي تاريخ جو هڪ زبردست ۽ ڀرپُور باب آهي. جنهن ۾ اوهان کي عالمي منظر نامو ملندو. آدم کان مارڪس تائين ۽ ماسڪو کان سنڌ تائين جا پيرا کنيل آهن ۽ جنهن ۾ قابيل جي قتل جي ڪيس کي اُڪلائڻ جي اپيل به ڪيل آهي ته، چرچل جي چالبازين کي چٽو پڻ ڪيو ويو آهي. انصاف نظم - سچ ته اهو آهي، سنڌي شاعريءَ جي اُوچائي جو رووشن مُنارو آهي ۽ اِن نظم جي خالق انصاف - نظم سميت ڪيترائي شهپارا تخليق ڪيا آهن.
    ***

    سنڌي ادب ۾ ورهاڱي جي پس منظر ۾ ڪربَ جي قبيلن مان گُذاريندڙ تحريرون تمام گهٽ لکيون ويون آهن ۽ اُهي به نثر ۾ - نظم ۾ ته نه جي برابر! ورهاڱي جي پس منظر ۾ گلزار- جا ٻه نظم جيڪي لکيل آهن ۽ اُهي نظم ايترا ئي گهرا آهن! جيترو ڪرشن چندر جو ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل ناول “غدار” آهي يا امرتا پرتم- جو ناوليٽ “پنجر” آهي ۽ اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهجي ٿي ته، اُهي نظمَ جيڪڏهن مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي هر هٿ پهچن ته، هُوند- بَرَ ۾ باهيون لڳي وڃن ۽ اُنهن نظمن جا عنوان ئي ٻُڌائين ٿا ته، اهي ڪيترا نه پاور فُل آهن ۽ اُهي عنوان هي آهن. “درد ستيتاليهن جو” ۽ “شيام جي ڪهول لاءِ” اچو ته انهن کي پڙهي ڏسون:
    هي دنيا موڳن جي ناهي
    هي ڌرتي آهي ڏاهن جي
    جن ورتو دڳ کاهوڙين جو
    جي رنگ سجائن ڳاڙهي ۾
    ۽ پيٽ ڪمائن ڪاڙهي ۾
    مٿيون حصو نظم “درد ستيتاليهن جو” آهي ۽ اهو حصو نظم جو شروعاتي حصو آهي ۽ ان ئي نظم جو وائنڊاَپ هئين آهي:
    جي لوڪ ٻين جي لفظن ۾
    جا ڳائڻ سمجهو ڪونهي ڪو
    جو پنهنجي لوڪ تراني ۾
    ڪو لفظ به پنهنجو ڪونهي ڪو
    مان ڳائي ڪيئن ٻُڌايان جو
    هت عمر ملي چاليهن جي
    ۽ درد ستيتاليهن جو.
    ۽ هاڻي نظم “شيام جي ڪهول لاءِ”-
    اهي ويا ته مورتيون قضا تي روئينديون رهيون
    پکين جي لڏپلاڻ وقت نير پوئينديون رهيون
    اهي ويا ٻه هٿ پيٽ سان ٻڌا اسان
    اهي ويا ته پستين جا پيرَ، هٿ لڌا اسان
    *

    اهي ويا ته چنڊ کي ڏسڻ جي سڪ نه ٿي لڳي
    اهي ويا ته سنڌ جي منڊي تي ٽڪ نه ٿي لڳي
    وطن جي حُب رکيون اچن ٿا- رُوح جي رهاڻ سان
    ويا هئا ته، سنڌ کي وٺيون وڃن ها پاڻ سان
    ***

    اهي ٻئي نظمَ جهڙوڪ ته ٻَه - ٻنهين ڪنڌين سان ٽمٽار وهندڙ دردَ جا دريا هُجن.
    ***

    گلزار- جي ڪاميابي ۽ ڏاهپ جي پرک سندس- ڪنهن به هڪ يا مُڙني اسمن ما پرکي سگهجي ٿي ۽ اهو ان معنيٰ ۾ چوان ٿو ته، توهان هن جو ڪو به، غزل کڻو، گيت، نظم يا ترائيل، ترويني يا هائيڪو ئي کڻو اُهو اوهان کي هڪ ئي موضوع تي تسلسل سان هڪ موضوعاتي ملندو ۽ اِها اُڻت ۽ اُن سان نڀاءُ - تسلسل سان ڪنهن صنف ۾ پلٽڻ ڪو ايترو آسان قطع ڪونهي. جيترو ڪنهن کي محسوس ٿئي ٿو. هُن- جو هڪڙو غزل آهي، جيڪو هُن- حُڪومت تي لکيو آهي ۽ سڄو غزل اٺن شعرن تي مشتمل آهي ۽ انهن ۾ حڪومت جي حڪمت عملين ۽ چالبازين جي چُرپُر ۽ چئني پاسن / ڏسائن کي وائکو ڪيو ويو آهي. اُن غزل جو هڪ شعر آهي:
    نوجوانن جي خوابن جون ارٿيون کڻي،
    ساڀيا ۾ به ساڳي جهلڪ ٿي رکي.
    ۽ ائين ئي، اِن شعر جيان سندس- غزلَ جي هي شعر ۾ هڪ وڌيڪ وارڌات لفظن جي لباس ۾ هرکندو ويو آهي.
    ***

    هُن- جا نظم نه صرف نرالا ندي جي رواني جيان وڻندڙ آهن، پر هُن جا ڪيترائي نظمَ ڪيترين ئي معنائن ۾ مزاحمت، اُتساهه، بهادري، حقيقت پسندي جي ويجهو به آهن. هُن- جي اظهار ۾ سگهه مونکي ان ڪري به لڳندي آهي، جو هن وٽ وطن جي لئه محبت جو دريا وهي ٿو.
    ***

    گلزار- جو هي نظم “اسان رول ماڻهو....” ڪيترو پاور فُل آهي. اها خبر، تڏهن پوندي. جڏهن اسان اِن نظم کي پڙهنداسين. هيءُ نظم خواهشن جي ريزا ريزا ٿيڻ وقت ته نه سرجيو ويو هو-؟ هن نظم جو هر حصو هيڪاندي حسرت ۽ حيرتن جا در کوليندو ويندو آهي. پڙهڻ وقت! نظم جون هي ٻه سٽون پڙهو.
    حسينن جي هوندي، اڪيلو گُذارڻ،
    وڏي ثابتي آ اڀاڳي هجڻ جي.
    ڪيڏو ڪرب آهي- محسوس ڪري سگهو ٿا ته ڪريو. ۽ آئون پڙهندڙن کي دعوت ڏيندس ته، هن نظم کي اوهان پڙهو ۽ پنهنجي پنهنجي زاوين ۾ ڏسو، ڪٿي منهنجي مختصر راءِ اوهان تي مُڙهجي نه وڃي.
    هي نظم هتي ڏيڻ جا ٻه سبب آهن.
    پهريون ته هيءَ شاعري آهي.
    ٻيو ته هيءُ نظم ڪافي سالن کان، سُهڻي شاعر حسن درس- جي نالي سان سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي. سو هيءُ شاندار ۽ جاندار نظم حسن درس- نه بلڪي گلزار- جو آهي ۽ اُهو نظم هيءُ آهي:

    اسان رول ماڻهو....

    نه منزل! جي رستا ڀلياسين ته ڇاهي؟
    اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

    اسان، جيڪڏهن دل ۾ مندر هجون ها
    حسينائون ڀيٽا ۾ ٻارن ها ڏيئا
    اسان، يا ته مسجد جا محراب ٿيون ها
    پون ها اسان تي ڪي سجدن جا ليئا
    نه هو عشق ۾، حج جو امڪان ڪوئي
    ٻڌي خالي احرام نڪري پياسين
    اسان لاءِ گنگا جي اشنان تي جهل
    ڪناري ڪناري ئي هلندا رهياسين
    محبت جو معراج ناهي، اسان لئه
    ائين خالي اڀ ڏي اڏياسين ته ڇاهي؟
    اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

    نه وارن کي مليون ڦڻيون، آڱرين جون
    نه زلفن مان آئي، هوا ڪا اُٺي جي
    زماني ۾ ڀلجي، ڪئي ڪنهن نه هوندي
    اسان لاءِ ڳڻتي، ڪا پرتي رُٺي جي
    حسينن جي هوندي، اڪيلو گذارڻ
    وڏي ثابتي آ اڀاڳي هجڻ جي
    اسان جي ته تقدير، ڪنهن وقت سکڻي-
    ڪئي ناهي دعويٰ، سڀاڳي هجڻ جي
    اسان لاءِ سنسان سڀ گهر! گهٽي ۾-
    وڃي ڪنهن به در وٽ رڪياسين ته ڇاهي؟
    اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

    اسان، پيار کان ڏور مئاسين او جانان!
    خدا ڪونه بخشيندو جنت اسان کي
    آ هٿڙن تي ميندي جي حسرت اسان کي
    ملي ڪانه اهڙي دعوت اسان کي
    رکي در کليل جي ڏسن راهه پنهنجي
    اسان کي نگاهون سي هٿ ڪونه آيون
    جتي ٿڪ بدن جا ڀڄن ها سمورا
    کليل دل ۽ ٻانهون سي هٿ ڪونه آيون
    اسان سان زماني کي ڪا غرض ناهي
    انهيءَ ساڻ ڄاڻي رسياسين ته ڇاهي؟
    اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟
    *

    توهان هي نظم اسان جي پياري شاعر ذوالفقار گاڏهي- جي مرتب ڪيل ڪتاب “موکي مٽ اُپٽيا” جي صفحي 225 کان 227 تائين ڏسي سگهو ٿا.***

    جينيئس شاعر پنهنجي شعري سفر ۾ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي يا وري لوڪ ڏاهپ کي جديديت جي دائري ۾ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان سامهون آڻيندا آهن ۽ اِها اُن شاعر جي ڪماليت چئجي جو، هُو ائين ڪري پنهنجي هڪ الڳ / منفرد مقام حاصل ڪندو آهي. جئين هند ۾ گلزار- ترويني لکي. سنڌ ۾ آثم ناٿن شاهي- ٽه - سري لکي ۽ اها انتهائي حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو اوهان گهاڙيٽو ڏيو ۽ اُن ۾ خيالَ جي نرالاپ ڏيکاريو. گلزار- وٽ به اسان کي ڪُجهه اهڙيون نراليون شيون ملن ٿيون ۽ جن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته، ائين چئي سگهجي ٿو ته، اِهو ڪمال صرف گلزار- جهڙو جينيئس شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. جهڙوڪ هُن گيت پرولي، نظم پرولي ۽ بيت پرولي لکي آهي ۽ اُهي اسم عام ٿيڻ کپن ۽ خاص طور تي شاعرن تائين پهچن.ته، جيئن انهن تي ٻيا شاعرَ به طبع آزمائي ڪري سگهن.
    ***

    گلزار- جي ڪو شاعراڻي مهارت ۽ آرٽ جي عڪس بندي ڏسڻ چاهي ٿو ته، اُهو- هن جا ٻه هي نظم ضرور پڙهي. مان هتي اُنهن نظمن جا عنوان ڏيڻ پسند ڪندس ۽ اُهي عنوان هي آهن. “ڊان ليڪس” ۽ “راول پنڊي جي پاڇي ۾”- هي نظمَ سياست جي سُٽ کي سُلجهائيندڙ ۽ هِنن چئني ڪُنڊن کي جڪڙي رکندڙن جي چالبازين ۽ ٽڪساٽن کي نظمن ۾ چٽيو آهي . هيءُ هڪ مثالي نظمَ آهن. بلڪ گلزار- جي ساري شاعري مثالي آهي.
    ***

    سندس- “سنڌي ادبي سنگت” تي لکيل نظم سنڌي ادبي سنگت- جي شان وٽان آهي ۽ هيءُ نظم پڻ هن جي مُڙني نظمن جيان گهرو ۽ وزنائتو آهي. اها هڪ حقيقت آهي، منهنجي خيال مطابق ته، سنڌي ادبي سنگت- کي هن وقت تائين ڪنهن اهڙي وڻندڙ لفظي مالها ناهي پارائي، جهڙي گلزار- پارائي آهي ۽ اُن نظم جي اُڻت هنن سٽن سان آهي.
    ٻولي جي ورجيسن ۾ ترڪيبن، تشبيهن ۾،
    جا به شعوري رنگت آ، هي سڀ ادبي سنگت آ.
    ***

    سندس- هڪ غزل جي سٽ آهي:
    رب کان عورت ٺاهڻ وارو بُرش وٺان!
    هُن- وٽ رُومانس کي اظهارڻ جو به، مُنفرد ڏانءُ آهي ۽اُهو ڏانءُ ايترو ئي اثرائتو ۽ وڻندڙ آهي، جيترو سندس شاعريءَ ۾ سماجي، سياسي پاسو- ۽ هُن جا هي رُومانس سان ڀرپُور خيالَ ڪيترا نه وڻندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ آهن ۽ اُهي خيالَ هي آهن:
    آرزو جي آبياري جي صلي ۾
    وصل جي ڪنهن مرحلي ۾
    جئن اکين کي پروئي
    آرسي جوڙي وٺين ها!
    *

    حسين گول دائره
    چپن جا گول دائره
    چمي جي رسم ٿي وڃي
    نئين اصُول وانگيان.
    هي حصو جنهن نظم جو آهي، اهو سڄو نظم “چُمي” جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ هيءُ نظم “چُمي” ٻن چپن کان ويندي چپن جي ملڻ سان چئن چپن تائين جو شاندار سفر آهي ۽ انهي ئي نظم جو هڪ حصو هي به پڙهڻ وٽان آهي.
    چپن جي ميل ساڻ ٿي چمي وجود ۾ اچي
    چمي چپن جي ڌيءُ آ
    چمي جي پاڪدامني تي آڱريون ڇو هٿ کڻن
    روپئي جي زور تي چپ خريد ڇو ڪجن
    چمي خريد ڇو ڪجي.
    الائي ته ڇو-؟ اڃان دل چاهي ٿي ته، هن نظم کي اڃان به هتي آڻجي. سو- هي به حصو پڙهي وٺو:
    چمي تي روڪ ٽوڪ ڇو
    سڌي يا اڻ سڌي ڏجي
    اڪيلي يا قطار ۾
    مگر وفا جي گُهرج ۾
    چمي ڏجي ته پيار سان.
    ۽-؛
    انهن شعرن جهڙي رنگت رکندڙ ڪيترائي شعرَ سندس- شاعريءَ ۾ عيان آهن.
    ***

    گلزار- جي شاعراڻي اُڏار شهباز کان گهٽ ناهي. هُو زمين کي کڻي- آسمان تي رکڻ ۽ آسمان کي کڻي- زمين تي رکڻ ۽ چنڊ کي چونئري مٿان رکڻ ۽ سج کي پهاڙي چوٽيءَ تي رکڻ جيتري سگهه رکي ٿي ۽ هُو جيڪڏهن هئين چوي ٿو ته:
    آزاديءَ جي حڪمت عملي سک مون کان،
    سر ڌڙ جو واپار ڪرڻ اچ سک مون کان.
    اِن شعر ۾ جيئن خودي کي اُوچو ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهڙي اُوچائي صرف هڪ سُچيت تخليقڪار کي ئي سُونهي ٿي.
    ***

    هُن- پنهنجي خيالن کي ٽن ٻولين ۾ اظهاريو آهي ۽ اُهي ٽي ٻوليون سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو آهن. انهن سان هُن جي اظهار جو نرالو انداز جنهن ٻولي ۾ پوئيل محسوس ٿو ٿئي. اُهو سنڌي ٻولي ۾ ٿو لڳي ۽ ائين به ناهي ته، هُن سرائيڪي ۽ اردو ۾ خيالن جي خدائيءَ جون حدون اورانگهيون ناهن. هُن جا خيالَ ائين ئي انهن ٻولين ۾ اظهاريل آهن. جئين هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ اظهاريا آهن. سندس- سرائيڪي ۽ اردو شاعري جيڪا منهنجي آڏو آهي. اُها نه صرف پڙهڻ وٽان به آهي پر، پنهنجي ڳوٺ، شهر، مُلڪ ۽ دنيا سان ونڊڻ وٽان به آهي. هُن جو اردو نظم “مقامي عشق هوتا هي”- ايترو ته عمدو آهي. جيڪو پڙهڻ وقت پڙهندڙ کي پاڻ ۾ لاهي وڃي ٿو. اُن نظم جو هڪ حصو هتي ڏجي ٿو.
    مقامي عشق هوتا هي، مهاجر ڪڇهه نهين هوتا
    جو مڻي سي نهين اُگتا وه شاعر ڪڇهه نهين هوتا

    ڪلاچي هو ڪه گورکهه هو
    وه جنت هو يا دوزخ هو
    ڪهان پر کس زبان مين بات ڪرني هي
    سبهي کو سيکهنا هوگا.
    *

    ۽-؛
    هاڻي وري سرائيڪي گيت جو مُکڙو:
    تون وعديان دي ضياقت تي رڳا پيا آسري ڏيندئين
    نه گُل ڏيندئين، نه ڦُل ڏيندئين
    نه جُز ڏيندئين، نه ڪُل ڏيندئين
    تُون جُز دا، ڪُل دا ماڻهو اين
    تون ڪهڙي مُل دا ماڻهو اين
    ***

    شاعر جي تخليق جو اثر اُن وقت ٿيندو آهي.، جڏهن هُو- سماج تي قلم کڻندو آهي ۽ اُها تخليق جهڙوڪ ته، هڪ آئينو هوندي آهي. جنهن ۾ سماجي اُوڻاين کي سامهون آندو ويندو آهي ۽ اُن کان پوءِ اُها تخليق دائميت جي دائري ۾ داخل ٿيندي آهي. جنهن ۾ “وطن” کي ڳايو ويندو آهي. اظهاريت جو اعليٰ نمونو انسانيت کي ڳائڻ آهي ۽ا هو تخليقڪار جينيئس آهي، جيڪو سماج، وطن، مٽي ۽ انسان کي پنهنجي تخليق ۾ مُڙهي ٿو. گلزار- اُنهن تخليقڪارن منجهان آهي، جنهن پنهنجي تخليقن ۾ سماج کي، وطن کي، انسان کي ۽ مٽي کي ڳايو آهي ۽ اُن سان گڏ سياست ۽ رُومانس کي به ڳايو آهي. هُن جي هر تخليق جهڙوڪ هڪ موضوعاتي هوندي آهي ۽ اُن جو اظهار ايترو ئي سگهارو هوندو آهي، جيترو اُهو موضوع پنهنجي اندر۾ اُونهو هوندو آهي ۽ گلزار- جي تخليق ۾ اثر انگيزي ان ڪري به هوندي آهي، جو انهيءَ ۾ انسان جي عظمت، اهميت، تڪليف سرشار عامَ آڏو آندي ويندي آهي.
    ***

    ڪنهن به سُچيت شاعر وٽ اِها صلاحيت هوندي آهي، ته هُو مُڙني صنفن ۾ مختلف گهاڙيٽن کي سامهون آڻيندو آهي ۽ گلزار- وٽ نظم لکڻ لاءِ مختلف گهاڙيٽا آهن ۽ اُهي ايترا ئي سليس ۽ وڻندڙ پيرائي وارا آهن، جو انهن ۾ لفظي جڙاوت ۽ رواني پڙهڻ وقت ڪٿي به رُوڪاوٽ جو شڪار نٿي ٿي. هن جا ڪيترائي اهڙا نظمَ آهن، جن جا شروعاتي حصا وڙهڻ ۽ ٻُڌڻ وقت غور / حيرت جي اُونهي غار ۾ گهيلي کڻي وڃن ٿا ۽ هُن جي ڪيترن ئي نظمن جُون سٽُون هنيانوءَ ۾ هٿ وجهن ٿيون ۽ هُن جي ڪيترن ئي نظمن جون سٽون زنده انسان کي پنڊپهڻ ۽ پنڊپهڻ ۾ ساهه ڀرڻ جيتري سگهه رکن ٿيون. هُن جو نظم “گهورڙيو” ان جو هڪ مثال آهي. اهو نظم جنهن خيالَ منجهه خلقيل آهي. اهو خيال سجاڳي جو سڏ ڏيندڙ آهي ۽ اهو سڏ پٿر کي ميڻ ۽ ميڻ کي پٿر ٺاهڻ جو ساهس رکي ٿو.
    نظم “گهورڙيو” مان هڪ ٽڪرو:

    گهورڙيو جي گاج وانگر
    آنءُ هوڪو آتما جو
    آتما پر ماتما جو
    اک پٽڻ جي لاءِ وٺندوء
    سُٽ ڪتڻ جي لاءِ وٺندوء
    دل رکڻ جي لاءِ وٺندوء
    ***

    گلزار- جي شاعري هر هينئن ۾ ان ڪري به گهر ڪري وڃي ٿي جو، ان ۾ حقيقت پسندي جي عڪس بندي هوندي آهي ۽ آرٽسٽ جو اهو شهپارو مُتوجهه ڪندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ سماجي ڳانڍاپو هوندو آهي. سماجي لڳ لاڳاپي کان سواءِ تخليق بي اثر هوندي آهي ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي تخليقن مان انساني محبت، سماجي رشتي کي خارج ڪندوء ته، اوهان جي تخليق ۾ وُسعت ڪانه رهندي ۽ اُها ائين جو ائين ئي پستيءَ ۾ پير کوڙيندي غرق ٿي ويندي.
    ***

    شاعريءَ ۾ خيالن کي سمائڻ ائين ئي اوکو آهي، لفظن کي اظهاريت جو لباس اوڍائڻ ائين ئي اوکو آهي، جيئن امداد حسيني- چيو آهي:
    لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
    باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي!
    ۽-؛
    اها هڪ حقيقت آهي ته، لُڙڪ کي لفظ ۽ لفظن ۾ ساهه وجهڻ سولو ڪم قطع طور تي ناهي ۽ اهو مسيحائي ڪم هڪ سُچيت تخليقڪار ئي ڪري سگهي ٿو. گلزار- جي شاعراڻي اظهار ۾ اهو بخوبي پرکي سگهجي ٿو ته، هُن جي تخليق باهه جي ستن سمنڊن مان پار پڳي / راس ٿيل آهي ۽ هُن جي لکڻ جي رفتار مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هُو سوچ جي سمنڊ جي اُونهائيءَ ۾ غور و فڪر جي اُونهائيءَ ۾ غرق ٿي، لفظن جا موتي چونڊي لفظن کي اظهار جو آواز بخشي ٿو ۽ خوبصورت خيالَ نظمن ۾ پروئي ٿو.
    ***

    حق تو يه هي، حق ادا نا هوا-!
    *
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو