قومن جي ترقي جو سئون سڌو اثر انهن سان لاڳاپيل سماجن تي پوندو آهي تنهنڪري قومن يا سماجن جي ترقي لاءِ ڪي خاص قسم جا منصوبه ٺاهڻ ضروري هوندا آهن. انفرادي سطح تي منصوبا ٺاهي قوم يا سماج کي ترقي نٿي ڏياري سگهجي تنهنڪري سماج يا ملڪ جي ترقي لاءِ ڪا جماعت ئي ڪو موثر ڪردار ادار ڪري سگهي ٿي. ڪو به فرد ڪنهن به سماج ۾ مثبت تبديلي يا ترقي لاءِ ڪوشش ته ڪري سگهي ٿو پر هو مڪمل تبديلي آڻي نٿو سگهي نه ئي وري هو ڪنهن به سماج کي ترقي ڏياري سگهي ٿو. دنيا ۾ جنهن به سماج ترقي ڪئي آهي يا جنهن به سماج ۾ تبديلي آئي آهي ان جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن جماعت جو ڪردار ضرور هوندو. ملڪ کي هلائڻ لاءِ به جماعت جي ضرورت هوندي آهي ۽ جهموري ملڪن ۾ ڪا به جماعت چونڊن ذريعي ملڪ تي حڪومت ڪري سگهندي آهي. حڪومت ڪندڙ جماعت وٽ طاقت هوندي آهي تنهنڪري هو ملڪي قانون تحت ان ملڪ کي ترقي ڏياريندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو قانون جو آرٽيڪل ان ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ بڻبو آهي ته هو ان قانون کي تبديل به ڪندا آهن جيڪو هڪ مثبت عمل هوندو آهي. هڪ جهموري ۽ ايماندار حڪومت جو مقصد ئي عوام کي خوشحال ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل سهولتون مهيا ڪرڻ هوندو آهي تهنڪري اها حڪومت مختلف قسم جا قدم کڻندي آهي. اهڙي حڪومت پنهنجي ڪمن کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مختلف قسم جا اشتهاري به ڏيندي آهي ته جيئن عوام کي تسلي ٿي سگهي ته حڪومت انهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هو پنهنجي ڪمن کي پورو ڪرڻ لاءِ لابنگ به ڪندي آهي ته جيئن حڪومتي مفاد پورا ٿي سگهن ۽ هو پنهنجو مقصد پوري ڪري سگهن جنهنجو هو عوام سان واعدو ڪري آيا هئا. حڪومت پنهنجي ڪمن کي تيز ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن تي توجھ ڏيندي آهي اهڙي طرح جن ادارن ۾ ماڻهن جي کوٽ هوندي آهي اتي نوان ماڻهو اهليت جي بنياد تي ڀرتي ڪندي آهي. جنهن سان ادارن ۾ ڪم به تيز ٿي ويندو آهي ۽ معاشري مان بيروزگاري به گھٽ ٿيندي آهي. اهڙي طرح ترقياتي ڪم به اهليت جي بنياد تي ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ ايماندار ۽ ڄاڻو قسم جي ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن ته جيئن ترقياتي ڪم سٺي طريقي سان ٿي سگهن. چونڊن جي نظام کي به حڪومت کي بهتر بڻائيندي آهي ته جئين ايندڙ حڪومت ۾ ايماندار ۽ ڄاڻو قسم جا ماڻهوچونڊجي اچي سگهن. ڪرپيشن هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان ادارن ۽ حڪومت جي ڪمن کي ڪرڻ يا ڀرتين لاءِ لاءِ مختلف ماڻهن يا ادارن کان رشوت ۽ ڪميشن ذريعي پئسا وغيره ورتا ويندا آهن جنهن سان اهي ڪم چڱي نموني سان نه ٿي سگهندا آهن نه ئي وري ماڻهن کي اهليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو آهي اهڙي طرح ادارا تباهي طرف ويندا آهن ۽ ملڪ ۾ ترقياتي ڪم به معياري نه ٿيندا آهن. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪرپشن تڏهن ٿيندي آهي جڏهن حڪومت يا طاقتور ماڻهو پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪن. ڪنهن به شعبي ۾ پنهنجي اختيار جي غلط استعمال ئي حقيقت ۾ ڪرپشن آهي ڇاڪاڻ ته ان سان حقدار کي حق نٿو ملي، اهليت رکندڙ ماڻهو کي ان جي اهليت مطابق ڀرتي نٿو ڪيو وڃي، ترقياتي ڪمن لاءِ ٺيڪا غلط ، بي ايمان ۽ نااهل ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، حڪومتي ڪمن جي پرچار لاءِ نامناسب ۽ گهڻي رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي، لابنگ جي نالي تي ماڻهن يا ادارن کي خريد ڪيو وڃي ٿو، چونڊن جو نظام يا قانون ۾ پنهنجي فائدي لاءِ تبديليون آنديون وڃن ٿيون. پنهنجي فائدي لاءِ يا پنهنجي دشمنن کي حيسائڻ لاءِ مختلف قسم جا ادارا قائم ڪيا وڃن ٿا. پنهنجي ماڻهن کي ناجائز طريقن سان نوازيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ڪيترائي غلط ڪم ڪيا وڃن ٿا جن کي ڪرپشن چئجي ٿو. ڪرپشن کي ٻن حصن يا قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ هارڊ ڪرپشن ۽ ٻي سوفٽ ڪرپشن. جنهن به قسم جي ڪرپشن هجي پر آهي ته ڪرپشن ئي. هارڊ ڪرپشن اڪثر ڪري بااختيار ماڻهو ڪندا آهن جن وٽ اختيار هوندا آهي ڇاڪاڻ ته اختيار انهن کي طاقتور بڻائيندا آهن. هو جيڪو چاهين ڪري سگهندا آهن. حڪومت ۾ هوندي هو هر قسم جو جائز ۽ ناجائز ڪم ڪري سگهندا آهن. ڪنهن به چاهين ته گرفتار ڪرائين، نوڪري ڏين، ٺيڪا ڏين، ڪهڙي به پاليسي ٺاهين، ڪيئن به لابنگ ڪن ۽ ان لابنگ لاءِ ڪيترو به خرچ ڪن. اهڙي طرح ادارن جا سربراه به طاقتور هوندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن وٽ به اختيار هوندا آهن. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هارڊ ڪرپشن جو وڏو سبب اختيار آهن جيڪي ماڻهو کي طاقتور بڻائين ٿا جنهن سبب صحي ڪمن سان گڏ غلط ڪم به ڪن ٿا. سوفٽ ڪرپشن جو واسطو اختيارن سان نه هوندو آهي بلڪه ڪنهن به فرد جي ذاتي عمل يا روين سان هوندو آهي. سوفٽ ڪرپشن هڪ اهڙي ڪرپشن آهي جنهنکي ماپي نٿو سگهجي البته محسوس ڪري سگهجي ٿو. سوفٽ ڪرپشن به ايتري ئي اهم ۽ نقصانڪار آهي جيتري هارڊ ڪرپشن. هارڊ ڪرپشن ملڪ کي معاشي طور گهڻو نقصان ڏئي ٿي جنهن ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي البته ڪجھ ماڻهو ضرور ترقي ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته سرمايو ڪن مخصوص ماڻهن وٽ جمع ٿي وڃي ٿو جنهن سبب غريب ماڻهو غريب ئي رهجي وڃن ٿا ۽ پئسي وارا ماڻهو ڏينهن و ڏينهن امير ٿيندا وڃن ٿا. اهڙي طرح سوفٽ ڪرپشن به ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ڏئي رهي آهي. سوفٽ ڪرپشن سمورن ادارن کي تباھ ڪري ٿي، پوءِ ڀلي اهي ادارا سياسي هجن، يا سماجي يا انتظامي ادارا هجن. سوفٽ ڪرپشن جي ڪري ئي اسان جا ادارا ترقي نٿا ڪن جن جو سئون سڌو اثر ملڪ جي ترقي تي ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ادارن جو صحي ڪم ڪرڻ ئي سماج يا ملڪ کي ترقي ڏياري ٿو. ادارا پنهنجو ڪم وقت تي ڪندا ته عوام جا مسئلا به حل ٿيندا ۽ ملڪ به ترقي ڪندو پر جيڪڏهن ادارا سست ٿي ويندا ۽ پنهنجو ڪم وقت تي نه ڪندا ته سماجي ۽ ملڪي مسئلا ڪڏهن به ختم نه ٿيندا. هارڊ ڪرپشن ۾ پئسي يا رشوت جو استعمال ٿئي ٿو پر سوفٽ ڪرپشن ۾ پئسي يا رشوت جو استعمال نٿو ٿئي تنهنڪري هن ڪرپشن ۾ ڪو به ڪنهن کان رشوت يا ڪو تحفو وغيره نٿو وٺي. سوفٽ ڪرپشن اڻڄاڻائي، غيرذميواري، سستي، ساڙ، حسد وغيره جي ڪري ٿئي ٿي جيڪا هارڊ ڪرپشن کان وڌيڪ نقصانده ٿي سگهي ٿي. سوفٽ ڪرپشن اهڙن ماڻهن کان به ٿئي ٿي جيڪي پاڻ کي تمام گهڻو ايماندار، ديندار ۽ سماج سڌارڪ سمجهندا آهن. سوفٽ ڪرپشن جا هونءَ ته ڪيترا ئي قسم ٿي سگهن ٿا پر هت ڪجھ قسم بيان ڪجن ٿا. مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ اڪثر ماڻهو وقت تي آفيس ۾ نه ايندا آهن يا وقت کان اڳ ۾ آفيس مان نڪري ويندا آهن جنهنجو هو ڪو به سبب ٻڌائيندا آهن پر ان عمل کي غلط نه چوندا آهن. ان عمل سان آفيس ۾ ٿيندڙ ڪم کي گهڻو نقصان پهچي ٿو جيڪواداري جي ڪارڪردگي تي اثر ڪري ٿو اهڙي طرح اهي اثر ملڪ ۽ قوم جي ترقي تي ٿين ٿا. ڪيترائي ماڻهو آفيس ته وقت تي ايندا آهن ۽ واپس به مقرر وقت ته ويندا آهن پر هو آفيس ۾ ڪم نه ڪندا آهن. اڪثر وقت ڪچهرين، چانھ پيئڻ، ٻين جي غلا ڪرڻ، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ وغيره ۾ گذاريندا آهن تنهنڪري هنن جي حصي جو ڪم رهجي ويندو آهي جيڪو پڻ اداري جي ترقي تي اثر ڪري ٿو. ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجو ڪم ته ڪندا آهن پر ان ڪم ۾ انهن جي دلچسپي نه هوندي آهي جنهن سبب اهو ڪم معياري ڪم نه هوندو اهڙي طرح وقت جي ذيان کان سواءِ ڪو فائدو ڪون ٿيندو آهي. هو پاڻ کي يا پنهنجي اداري جي سربراھ يا وري ڪجھ ماڻهو پنهنجي خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ اهو ڪم ڪندا آهن پر ان ڪم ۾ هو پنهنجي مهارت کي استعمال نه ڪندا آهن پر جلدي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن ته جيئن هنن کي ڪجھ ڪچهري ڪرڻ يا اخبار پڙهڻ وغيره جو وقت ملي سگهي. اهو رويو ڪيترن ئي ڊاڪٽرس، انجنيئرس، استادن ۽ پروفيشنلس ۾ به ڏٺو ويو آهي جنهن جو سماج کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن ڪنهن سفارش وغيره سان نوڪري ورتي هوندي آهي ۽ اها نوڪري هنن جي پسند جي نه هوندي آهي تنهنڪري هو بيدلي سان ڪم ڪندا آهن جنهن سبب انهن جو اهو ڪم معياري نه آهي. ڪيترائي ملازم پنهنجن ادارن ۾ يونين جي بهاني سياست ڪندا آهن پر هو ڪو آفيس جو ڪم نه ڪندا جنهن سبب انهن جي حصي جو ڪم اڪثر ڪري ڪنهن ٻئي ملازم کي ڪرڻو پوندو آهي يا اهو ڪم رهجي ويندو آهي. اهڙي قسم جا ملازم مطمئن هوندا آهن ته اسان ملازمن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر ڏٺو وڃي ته انهن جي ان رويي جي ڪري اداري جي ترقي تي خراب اثر پوي ٿو. ڪيترائي ئي اهڙا ادارا آهن جت تعليم ڏني وڃي ٿي يا جن ادارن جو سئون سڌو واسطو عوام سان هوندو آهي اهڙن ادارن جي ڪارڪردگي تي اهڙن ماڻهن جي ڪري گهڻو خراب اثر پوي ٿو اهڙي طرح شاگرد يا عوام پڻ متاثر ٿئي ٿو. ڪيترائي سياسي يا مذهبي ماڻهو يا سماج سڌارڪ آهن جيڪي پاڻ کي قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ارپي ڇڏين ٿا، پر اهڙن ماڻهن کان به سوفٽ ڪرپشن ٿئي ٿي جنهن سبب اهي سماج ئي متاثر ٿين ٿا جن لاءِ هو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ماڻهو سماج کي ته سڌارڻ چاهين ٿا پر انهن سماج ۾ رهندڙ فردن سان ملڻ پسند نه ڪندا آهن، انهن جي مسئلن ٻڌڻ پسند نه ڪندا آهن. هو هنن جي ترقي لاءِ ڳالهيون ته ضرور ڪندا آهن پر جن ادارن ۾ هو ڪم ڪندا آهن اتان صرف فائدا ئي وٺندا آهن ماڻهن جو ڪم نه ڪندا آهن. ڪيترائي چونڊيل نمائندا آهن جيڪي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ خاموش ويٺا هوندا آهن يا ننڊ ڪندا آهن جنهن سبب هو مختلف قسم جي موضوئن تي نه ڳالهائي سگهندا آهن نه ئي ڪا اهم راءِ ڏيندا آهن جنهنڪري اسان جو ملڪي نظام بهتر نه سگهيو آهي جڏهن ته عوام انهن کي اسيمبلين ۾ ان لاءِ موڪليو آهي ته جيئن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪو بهتر ڪم ڪري سگهن. جيتوڻيڪ انهن نمائندن مان ڪيترائي نمائندا نهايت ئي شريف به هوندا پر هو اها سوفٽ ڪرپشن ڪندا آهن. ايتري تائين جو ڪجھ وزير به پنهنجو ڪم پنهنجي سيڪريٽريز کان ڪرائيندا آهن ۽ هو پنهنجو فلسفو ۽ مهارت استعمال نه ڪندا جنهنڪري هنن جي مهارت مان قوم ۽ ملڪ کي ڪو خاص فائدو نه رسندو آهي. اهڙي طرح اهي وزير به سوفٽ ڪرپشن ڪندا آهن. ڪرپشن چاهي ڪنهن به قسم جي هجي پر ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار هوندي آهي. ملڪي ادارن کي تباھ ڪرپشن ئي ڪري ٿي. سماج ۾ رهندڙ فرد اڪثر ڪري هارڊ ڪرپشن کي ڏسندا آهيون جڏهن سوفٽ ڪرپشن ان کان وڌيڪ ٿئي پئي. جيسيتائين فرد پنهنجي ذميواري محسوس نه ڪندا ۽ پنهنجي روين کي تبديل نه ڪندا تيسيتائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي اهڙي طرح هي ملڪ ائين ئي رهندو. هارڊ ڪرپشن کي ته قانون ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو پر سوفٽ ڪرپشن کي ڪو به قانون ختم نٿو ڪري سگهي البته فرد جا مثبت رويا ان ڪرپشن کي ختم ڪري سگهن ٿا، والدين ۽ استاد پنهنجي تربيت ذريعي فردن جي روين کي تبديل ڪري سگهن ٿا اهڙي طرح سماج مان سوفٽ ڪرپشن کي گهٽائي سگهجي ٿو. هي آرٽيڪل روزاني جيجل اخبار ۾ جنوري 22، 2019 تي ڇپيو. لنڪ اوهان سان ونڊجي ٿي http://dailyjeejal.com/e-paper/2019...kcXBeNRK_duHGeVOZmJlfr4Yegj_9PO2wzieWr3kOFJxM