بهلول دانا ۽ سوداگر

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2019۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته عباسي دور جا مشهور مجذوب حضرت بهلول دانا هڪ نخلستان ۾ تشريف آور ٿيا اها ڳالهه جڏهن هڪ سوداگر کي معلوم ٿي تڏهن هن وڃي بهول دانا کي سلام ڪيو ۽ تمام ادب سان وڃي عرض ڪيو ته سائين اها ڪهڙي جنس وٺان جو مون کي نفعو ٿئي تنهن تي بهولو دانا رح فرمايو ته وڃ وڃي ڪري ڪارو ڪپڙو وٺ سوداگر ان ڳالهه تي عمل ڪندي سڄي مال جو ڪارو ڪپڙو خريد ڪيو ڪجهه ڏينهن بعد ملڪ ۾ بادشاه جو انتقال ٿيو ۽ ان جي سوڳ ۾ ماڻهن ڪارو ڪپڙو خريد ڪرڻ شروع ڪيو جنهن تي ڪارو ڪپڙو انمول ٿي ويو ۽ سوداگر کي تمام گهڻو فائدو ٿيو
    ٻئي دفعي اهو سوداگر وري ڳولهيندي ڳولهيندي حضرت بهول دانا وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو ته اها ڪهڙي جنس وٺان جو مون کي فائدو ٿئي ان تي بهلول دانا فرمايو وڃ وڃي ڪري گدرا وٺ ان سوداگر پنهنجي سموري مال جا پوري ملڪ مان گدرا خريد ڪيا پر ڪجهه ڏينهن گذريا پر گدرن جو وڪرو نه ٿيو ۽ گدرا خراب ٿيڻ شروع ٿيا آخرڪار گدرا خراب ٿيندي ٿيندي بلڪل سڙي ڌپ ڪري ويا ۽ سوداگر قرضي ٿي پيو اهڙي حالت ۾ اهو سوداگر بهلول دانا وٽ ويو ۽ انهن وٽ وڃي عرض ڪرڻ لڳو ته سائين اهو توهان مون سان ڇا ڪيو ان تي بهلول فرمايو ته مان توسان ڪجهه به ڪو نه ڪيو آهي پر جيڪو ڪيو آهي اهو تون پاڻ سان پاڻ ڪيو آهي جڏهن تون ادب سان مخاطب ٿئين تڏهن مالا مال ٿي وئين ۽ جڏهن تون بي ادبي سان مخاطب ٿئين تڏهن برباد ٿي وئين
    واقعي مال جي گهڻائي انسان کي بي ادب بڻائي ڇڏيندي آهي تڏهن انسان پنهنجي تباهي پاڻ ئي ڪندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو