شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان جي بدترين آمر جنرل ضياءالحق چيو هو؛ ” آئون اوهان کي يقين ڏيارڻ گھران ٿو ته مون کي اداڪاري ڪرڻ نٿي اچي.جيڪر مون کي سياسي اقتدار جي خواهش هجي ها ته مون کي ڪير روڪڻ وارو آهي؟آئين ڇا ٿيندو آهي؟ڏهن ٻارهن صفحن جو هڪ ڪتاب.آئون سڀاڻي ئي ان کي ڦاڙي اڇلي سگھان ٿو.“ انهن جملن مان اهو ته اندازو هرڪنهن کي چڱيء طرح ٿي سگھي ٿو ته عوامي اقتدار تي قبضو ڪندڙ غير آئيني حڪمران آئين کي ڪيتري عزت ۽ اهميت ڏيندا رهيا آهن.هاڻي ٿورو ماضيء ۾ موٽي هلجي.4 جولاء 1947ع تي برطانوي پارليامينٽ ۾ انڊين انڊپيڊنس بل پيش ڪيو ويو جنهن جي منظوريء بعد دهليء جي عبوري حڪومت کي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهائي ڇڏيو ويو ۽ انهيء سان گڏوگڏ ٻه آئين ساز اسيمبليون به وجود ۾ اچي وييون.انهن اسيمبلين کي ٻه فرض ڏنا ويا هئا.هڪ آئين جي تياري ۽ ٻيو جيستائين نئون آئين نافذ نٿو ٿئي تيستائين وفاقي آئين ساز اسيمبليء جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ.پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس 10 کان 14 آگسٽ 1947ع تائين منعقد ٿيو.شروع ۾ اسيمبلي ميمبرن جو تعداد 69 هو جن جو انگ بعد ۾ بهاولپور،خيرپور،بلوچستان ۽ قبائلي علائقن کي نمائندگي ملڻ بعد 74 ٿي ويو.پهرئين تجويز ڪيل آئين جو ڊرافٽ پاڪستان ٺهڻ جي پنجن سالن بعد 22 ڊسمبر 1952ع تي آئين ساز اسيمبليء سامهون رکيو ويو جنهنجي منظوريء جي تاريخ 25 ڊسمبر 1954ع مقرر ڪئي ويئي هئي پر اڃا ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا جو گورنر جنرل غلام محمد هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي نين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.اهو ٿيو حشر پهرين آئين ساز اسيمبليء ۽ سندس جوڙيل آئين جو.آئين ساز اسيمبليء جي صدر مولوي تميزالدين خان گورنر جنرل جي ان اعلان کي غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪوٺيندي سنڌ جي عدالت ۾ چيلينج ڪيو جنهن متفقا طور تي مولوي تميزالدين جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيو ته آئين ساز اسيمبلي جيستائين پنهنجو ڪم مڪمل نٿي ڪري تيستائين اها بحال رهندي.حڪومت سنڌ ڪورٽ جي فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي،ان وقت چيف جسٽس مشهور جسٽس محمد منير هو. فيڊرل ڪورٽ 21 مارچ 1955ع تي چار هڪ جي اڪثريت سان گورنر جنرل جي حق ۾ فيصلو ڏيئي پاڪستان جي سياسي تاريخ تي لاقانونيت جي مهر لڳائي ڇڏي . جنهن کان پوء ”آئين ٽوڙيو ۽ آئين جوڙيو“ واري لاڳيتي راند شروع ٿي ويئي.7 جولاء 1955ع تي ٻي آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس مريء ۾ ٿيو. 8 جنوري 1956ع تي آئين جو ڊرافٽ پيش ڪيو ويو جيڪو ڪيترين ئي ترميمن بعد 23 مارچ 1956ع کان نافذ ٿي ويو.ان آئين پنهنجي نفاذ بعد اڃا رڳو اڍائي بهارون ئي ڏٺيون هيون ته 7 آڪٽوبر 1958ع تي هڪڙيء اڌ رات ميجر جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳائي آئين منسوخ ڪري ڇڏيو.بعد ۾جنرل ايوب خان سڪندر مرزا کي هٽائي ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ اقتدار سنڀالي ورتو.مرڪزي ۽ صوبائي ڪابينائون برطرف جڏهن ته اسيمبليون ٽوڙيون وييون.سمورين سياسي جماعتن تي پابندي لڳائي ويئي ۽ اها مارشل لا 8 جون 1962ع تائين جاري رهي.10 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان هڪ حڪم جاري ڪيو ته هو ڪنهن به وقت ڪنهن به قانون کي تبديل ڪري سگھي ٿو.17 فيبروريء 1960ع تي جنرل ايوب پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي اڳواڻيء ۾ هڪ آئيني ڪميشن قائم ڪئي جنهن اها سفارش پيش ڪئي ته پاڪستان ۾ پارلياماني نظام حڪومت ناڪام ٿي چڪو آهي.سياستدانن ان ڪميشن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو.ڪميشن مئي 1961ع ۾ پنهنجي رپورٽ ايوب خان کي پيش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽئين آئين جو مسودو تيار ڪري پهرين مارچ 1962ع کان ان کي نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.13 مارچ 1969ع تي صدر ايوب خان پارلياماني نظام ۽ سڌين چونڊن واري عمل کي ٻيهر زندهه ڪرڻن جو اعلان ڪيو.ان مقصد لاء قومي اسيمبليء ذريعي آئين ۾ ترميم ٿيڻي هئي پر اهو سڀ ڪجهه ڇهن مهينن جي احتجاجي جلوسن.مظاهرن ۽ تحريڪن تي ختم ٿيو.چونڊون 1970ع ۾ ٿيڻيون هيون پر ڪجهه سياستدان ايوب خان جي استعيفا واري مطالبي تي ڄمي ويا.حالتون ايتريون خراب ٿيون جو ايوب خان کي اقتدار آرميء جي ڪمانڊر انچيف جنرل يحيٰ خان حوالي ڪرڻو پيوجنهن 5 مارچ 1969ع تي مارشل لڳائي آئين کي منسوخ ڪري ڇڏيو. شروعاتي ٻاويهن سالن جي تاريخ ۾ اهو منسوخ ٿيندڙ پاڪستان جو ٽيون آئين هو.30 مارچ 1970ع تي يحيٰ خان ليگل فريم ورڪ آرڊر جاري ڪيوجنهن مطابق قومي اسيمبليء کي 120 ڏينهن ۾ نئون آئين جوڙڻو هو.ڊسمبر 1970ع ۾ بالغ راء دهيء جي بنياد تي عام چونڊون ٿيون.اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ ۽ اولهه پاڪستان م پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريتي جماعتن طور سامهون آيون.گڏيل طور تي پاڪستان جي اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ هئي.جنرل يحيٰ جي ليگل فريم ورڪ آرڊر هيٺ آئين جي جوڙجڪ ۽ حڪومت بنائڻ جي حقدار عوامي ليگ هئي.3 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبليء جو اجلاس گھرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.عوامي ليگ پيپلز پارٽيء سان گڏجي آئين جوڙي سگھي ٿي پرڪن سببن هيٺ ايئن نه ڪرڻ ڏنو ويو.پيپلز پارٽيء 13 مارچ 1971ع تي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبليء جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن تي جنرل يحيٰ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا.فوجي زور تي بنگالين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.نيٺ ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو.اهڙيء طرح 1971ع جو آئين سقوط ڍاڪا جي نذر ٿي ويو.نئين پاڪستان ۾ 20 آڪٽوبر 1971ع تي جنرل يحيٰ خان اقتدار جي واڳ ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪو پاڪستان جو پهريون سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر بڻيو.14 اپريل 1972ع تي عبوري آئين جي منظوريء سان گڏ 21 اپريل تي اهو نافذ ٿيو ۽ مارشل لا هٽائي ويئي.10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبليء نئين آئين جي منظوري ڏني جيڪو 14 آگسٽ 1973ع کان نافذ ٿي ويو.ان آئين مطابق آئين کي جزوي يا ڪلي طور تي معطل يا منسوخ ڪندڙ جي سزا موت مقرر ڪئي ويئي.ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت آئيني مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ئي مارچ 1977ع ۾ عام چونڊون ڪرايون.مخالف ڌر حڪومت تي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلين جا الزام هنيا ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.جلسا،جلوس ۽ هنگاما شروع ٿي ويا.موسم سازگار ڏسندي ئي جنرل ضياء الحق 5 جولاء 1977تي آئين معطل ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي.24 مارچ 1981ع تي جنرل ضياء الحق پاران عبوري آئين يعني بدنام زمانه پي سي او جاري ڪيو ويو.اهو ڪرڻ جي گھرج ان ڪري ٿي جو اعليٰ عدالتون مارشل لا ڪورٽن جي فيصلن تي نظرثاني ڪري رهيون هيون.هاڻي ان حڪم جي شق 2 هيٺ 1973ع جي آئين جي ڪجهه شقن سواء ٻيوسمورو آئين معطل ڪيو ويو.انهيء ئي حڪم جي شق 16 هيٺ صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر آئين ۾ ترميم جا اختيار به حاصل ڪري ورتا.ڊسمبر 1981ع ۾ ضياء مجلس شورا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.12 آگسٽ 1983ع تي جنرل ضياء مجلس شوريٰ کي ٻڌايو ته هو غير جماعتي بنياد تي چونڊون ڪرائي 23 مارچ 1985ع تائين اقتدار عوامي نمائندن کي منتقل ڪري ڇڏيندو.14 آگسٽ 1983ع کان تحريڪ بحالي جمهوريت شروع ٿي چڪي هئي.19 ڊسمبر 1984ع تي هن پنهنجو پاڻ کي صدرات جي عهدي تي بحال رکڻ لاء ريفرينڊم جو ڊرامو رچايو.اهڙيء طرح هن پنهنجو پاڻ کي صدر چونڊرائي ورتو. فيبروريء 1985ع تي غير جماعتي بنيادن تي جنرل ضياء صوبائي ۽ قومي اسيمبليء جون چونڊون ڪرايون ۽ محمد خان جوڻيجي کي وزير اعظم نامزد ڪيو ويو.2 مارچ 1985ع تي جنرل ضياء آئين جي بحاليء جو اعلان ته ڪيو پر ان ۾ ايتريون ته ترميمون ۽ تبديليون ڪرايون جو آئين جي شڪل ئي بگڙي ويئي.29 مئي 1988ع تي جنرل ضياء آئين ۾ ڪيل ترميم 58 ٽو بي جو سهارو وٺندي محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي گھر موڪلي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.نيٺ 17 آگسٽ 1988ع تي ضياءالحق جي موت سان مارشل جو خاتمو آيو.16 ڊسمبر 1988ع تي ٻيهر عام چونڊون ٿيون.حڪومت ٺهي ۽ ڊهي،وري ٺهي ۽ ڊهي ۽ اهڙيء طرح آئين سان راند جو سلسلو جاري رهيو.ايستائين جو 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف هڪ دفعو وري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.اهڙيء طرح هڪ دفعو وري آئين معطل ٿي ويو.