بلوچ صحبت : رُڃ ۽ محبت جو روح چندر ڪيسواڻي ڪراچي جي سڀ کان وڏي ادبي نرسري ”سنڌي ادبي سنگت“ جي منچ تي جن نون شاعرن اٿندي ئي پنهنجي شخصيت /شاعراڻي اڏام ۽ ورتاءُ جو ڌاڪو ويهاريو، انهن ۾ بلوچ صحبت جو نانءَ به شامل آهي. گذر سفر جي معاشي دٻاءُ ۽ حد کان وڌيڪ کنيل ذميوارين، توڙي جو صحبت جي شاعري جي سفر ۾ رڪاروٽ جي شڪل وٺي رکي آهي، پر هن خوبصورت ۽ حوصلي ڀرئي سنگتي پنهنجي شاعراڻي سفر جي هر گس تي فڪري سگهه ۽ مشق وسيلي شاعري جي سونهين جيان انهن رڪاوٽن کي عبور ڪيو آهي. سندس شڪل شبيهه ۽ چپن جي ٻيڪڙيل ڪنارن ۾ ورتل سگريٽ ڦوڪڻ جو انداز کيس اپ کنڊ جي من موجي ۽ نرالي شاعر ”ساحر لڌيانوي“ سان برميچجي ٿو. ساحر جيان صحبت به پنهنجي شاعري جي شروعات غزل جهڙي ڏکئي صنف سان ڪئي، هڪ اهڙي صنف جنهن هر دور ۾ نون ۽ سيکڙاٽ شاعرن جي شاعراڻي مان مريادا جو بچاءُ ڪيو آهي. سيکڙاٽ شاعرن جي شاعراڻي شوق جي پوئواري ۾ غزل اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندي کين حوصلو ڏنو آهي، صحبت کي به غزل سان گڏ سفر ڪندي پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي پڌري ڪرڻ جا چڱا خاصا موقعا نصيب ٿيا آهن. پر صحبت اوچتو دڳ مٽائي نثر جي انداز ۾ لکيل سهنجي ۽ سولي صنف نظم طرف ڪهي آيو آهي. صحبت جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ سندس نظمن جو ڳٽڪو آهي، پر صحبت اڳ غزل، وائي ۽ بيت کي به نهيات سهڻي انداز ۾ تخليق ڪيو آهي ان حوالي سان ڏسجي ته صحبت شاعري جي اظهار واري مامري ۾ ڪنهن خاص صنف يا ان جي اثر ۾ قيد نه آهي. خيال جنهن سٽاءُ ۽ صنف ۾ نازل ٿئي هون به شاعر جي موزون طبيعت، لاڙي ۽ مزاج جو ڏيک هجي ٿو ۽ خاص طور تي اهڙن شاعرن جو جيڪي پنهنجي شاعري ۾ اڃان لائن آف ايڪشن مقرر ڪري نه سگهيا آهن، اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته اسان جو دوست صحبت پنهنجي اندر جي هورا کورا، اڻ تڻ ۽ بياباني کي اظهار جو آزاداڻو موقع ڏيئي ٿو. صحبت جي نئين ڪتاب ”من صحرا صحرا“ ، صنف، موضوع توڻي فارم جي حوالي سان اسان لاءِ اهو فيصلو آسان ڪري ڇڏيو آهي ته صحبت نظم جي ڀيٽ ۾ گيت ۽ غزل جو وڌيڪ سٺو ۽ پختو شاعر آهي: تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن، منهنجو من آ صحرا صحرا. پورن ماسي ۾ ڪيئين ملبو، چنڊ جا توتي پهرا پهرا. ستل سور جاڳائي ويئڙا، ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا. هڪڙي ڊگهي جاڳ پڄاڻان، نيڻ هي ”صحبت“ ڳهرا ڳهرا صحبت جي شاعري بنيادي طور تي سئولي اظهار ۽ سادگي جو ڀرجهلو آهي، پر شاعري زندگي جي جنهن پراسرار محويت جي ڳولائو رهي ٿي ، ڪٿي ڪٿي ان جا چِٽ به هن جي شاعري ۾ نظر اچن ٿا. دراصل هي ئي اهو هنر آهي جنهن وسيلي صحبت جي شاعري ۾ نون امڪانن جي اميد برقرار رهي ٿي. هن شاعري ۾ جتي رومانوي گهڙيل جذبا پسجن ٿا، تِتي سندس اندر جي سٻاجهڙائپ ۽ خلوص به بيحد چٽو ۽ نمايان نظر اچي ٿو. سندس اکين جي ڍنڍ ۾ لهرن ورتل خواب ساڀيان جي ڪناري لڳن ٿا، جڏهن هو محبت جو اڻميو ونجهه کولي ڇڏي ٿو؛ سون سارو بدن رُڳي آهي، هوءَ ته موتين جي ڄڻ ڇُڳي آهي، باک آ ۾ پُسيل بدن هن جو، چنڊ جي چاهه هن چُڳي آهي. پاڻ خانه بدوش ٿي ويا هون، پنهنجي ڪاٿي نه ڪا جُهڳي آهي. ڳرين مشينن جو شور، شهري رويا ۽ اڻوڻندڙ شهري قدورن کڻي زندگيءَ جي ڪيڏي به شڪل مٽائي ڇڏين ، حياتي ۽ ڪائنات جا مسئلا به کڻي اڻڳڻيا ۽ ڪا رُکي شڪل اختيار به ڪن ، پر هن جهان جي وجود ۾ صحبت لاءِ بهرحال مُک حيثيت وري به ”محبتي مونجهارن ۽ دل جي اٽڪڻ“ کي حاصل رهي آهي. صحبت تابڪاري جي هن عهد ۾ ڇيهون ڇيهون ٿيندي به ڄڻ اڃا هڪ مثالي محبت جي تڪميل جو گهرجائو نظر اچي ٿو: تنهنجو ماڻي شباب آياسين، ڄڻ ڪمائي ثواب آياسين. تنهنجي پاڙي ۾ پيرڙا پائي، ڀوڳي ڪيڏا عذاب آياسين. پاڻ تي تهمتون مڙهيون دنيا، ان ڪري ٿي خراب آياسين. اسانجي دور جو هڪ الميو يا مشڪري هي به آهي ته جيترا شاعر هن وقت سنڌ جي منظرنامي تي موجود آهن، انهن جي اڪثريت شاعري کي محض ڪم ٽپائڻ ، وقتي دلپشوري ۽ شوق جو وهنوار سمجهن ٿا. انهن شاعرن کي ڪنهن به قسم جي محنت، سکيا ۽ شاعري جا گُر سمجهڻ جي گهرج محسوس نه ٿي ٿئي، جڏهن ته بيٺل، پختو ۽ شاعراڻي صلاحيتن جو ڪلاڪار ڪو شخص سڀ کان پهرين استاد/رهنما جو ڳولائو ٿئي ٿو ته جيئن کيس صلاحيت کي صاحب نظر گُرو کان جلا ملي. هو ته شاعري کي علم سمجهي ٿو ۽ علم رڳو استاد جي صحبت ۾ ئي پوراڻتا ماڻي ٿو. صحبت شاعري کي پورو وقت ته نه ٿو ڏيئي پر اها کيس ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته گرو جي صحبت ۽ سکيا بنان شاعري جو فيض ماڻي نه ٿو سگهجي. صحبت جو گرو محترم ”بشير سيتائي“ پاڻ به شاعري جو ڌڻي ۽ لائق شخص هو، جنهن نه رڳو صحبت جي سڀاءُ کي رنڱي، رچائي کيس شاعراڻي گس تي لاتو، پر سندس مزاج ۽ خيالن کي به ٺپي سهڻو ۽ دلڪش بڻايو. اهو شايد بشير سيتائي جي اثر ۽ فڪر جو ڪمال آهي جو صحبت رواني سان اردو لفظن جو به بيجا واهپو ڪندي پنهنجي شاعري ۾ گهڻو تڻو استعمال ڪيو آهي، کيس سُڌ رهي آهي يا نه ته هن غزل جي ڪيترن ئي قافين ۾ ٺيٺ اردو لفظن کي کَپايو ۽ کُپايو آهي. هن جي شاعري ۾ مونجهارو آهي، نه ئي وري ڪو فلسفياڻي اوڀار ۽ لنهوار پر سماجي حقيقتن، ڏيکن ۽ لقاءُ جا ڪي مهڙ ضرور آهن. ڏاڍ ۽ جبر جا ڪيئي چِٽ به صحبت جي ذهن جا بکيا اُڍيڙين ٿا. يادگيرين جي شدت کيس سوالن ۽ وسوسي جي آڏو آڻي ٿي، هن جو اندر اُکلجي ٿو. زندگي خوف جو شڪار ڇو آهي، ۽ سچ ان خوف هيٺيان ڇو ڦتڪي ٿو، شهر ڏک ۾ ورتل ڇو آهن، ڏک ٽري ڇو نه ٿو، ٻالڪپڻي لاءِ سِڪجي ڇو ٿو، ماحول دونهون دونهون ٿي ويو آهي، زندگي ۾ ايڏي ڪوڙاڻ ڇو ٿي وئي آهي. اهو سڀ صحبت اندر ئي اندر ۾ سوچي ٿو، لوچي ٿو، ۽ مسلسل سوچيندي سندس سڀاءَ ڪٿي ڪٿي ترش ۽ تکو ٿيندي به پسجي ٿو. تکائپ جو اعتراف به هو کليل ۽ چٽو ڪري ٿو: اڙي آمر! اڙي آمر!، اسان سان تون وڙهي سگهندين، اسان جي جوش جذبن کي ڀلا آخر پڙهي سگهيندين. اسان ٻارڻ ٿي ٻرياهون، وڪاڙها ٿي ڪڙهيا هون، اچي هن قيد ڪوٽن ۾، اسان جيان تون ڪڙهي سگهندين. هي عجب شاعر آهي، محبت جي ڪوڙاڻ ۽ ڊوهه کي مڪمل گهرائي پروڙي به ٿو، پر محبت جي بدصورتي ۽ ڏکاين تي احتجاج کان پاسيرو به نه ٿو ٿيئي، هو زندگي جي ظاهري ڏيک ۽ بگاڙ ۽ ان جي بي ترتيب ٿيندڙن منظرن ۾ وچڙي پرين کي نه ٿو وساري پر محبت جي گُهر کي پاڻ اڃان وڌيڪ گهرائي ۽ شاعراڻي انگن اکرن سان ڪوري پيش ڪري ٿو. هن شاعري ۾ محبوب کي ٻاڏائڻ، محبت جي اڻهوند ۽ پاڻ ماري مڃائڻ وارو لاڙو حاوي آهي. پرين سان هجت ۽ پيار جا پنڌ به فنا جي ڏس ۾ جهڙوڪر صحبت جي شاعراڻي سفر جو ليکو چوکو آهن. مايوسي جو انبار ۽ ٽڙيل پکڙيل خواهشن جو هڪ جهنگ آهي، جيڪو پري پري تائين پڌرو ٿيندي نظر اچي ٿو . هن جي شاعري ۾ بلاشڪ اُها پختگي به نه ٿي ملي جيڪا رومانوي شاعرن جو هنر وکر ليکجي ٿو. انهي جو سبب شايد اُن پسگردائي ۽ ماحول جي اڻهوند آهي جيڪا هوند اعليٰ رومانوي شاعري جي احساسن ۽ خيالن کي نوان ويس ۽ نيون معنائون اوڙاهي ٿي. صحبت جي هن ڪتاب ۾ سندس خيال جي گهرائي ۽ ڪٿي ڪٿي ته وري بنهه نڪور خيال پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. توڙي جو سندس نظم بيانيه ۽ موضوعاتي آهن پر آءُ کيس صلاح ڏيندس ته هو محسوساتي ۽ ڇهندڙ آزاد نظم ڏانهن به ڌيان ڏيئي. سندس نظم ”اکين جا پر“ ، ”وجود جا ڇُرا“ ، ۽” اجنبيت جي ڀاڪر ۾“ اهو ڏسين ٿا ته جيڪر هو ان طرف ڪهي آيو ته تخليق جا شاهڪار سندس نانءُ سان نشانبر ٿي سگهن ٿا. صحبت کي مطالعي جو به بيحد شوق آهي. مطالعو ئي سندس شاعري ۾ مددگار بڻجي ٿو. صحبت اعليٰ شاعري تخليق ڪرڻ جي دعويٰ به نه ٿو ڪري، نه ئي کيس ڪو شاعر هجڻ جو تڪبر آهي، پر سندس اندر کي اورڻ جي صلاحيت ۽ فن جيڪو نصيب ٿيو آهي، ان کي اظهارڻ ۾ هو سيبتو، بيحد سنجيده ۽ سلڇڻو آهي. سندس ڪوشش آهي ته هو جيڪڏهن شاعري جو ڪو وڏو تخليقي ڪم نه به ڪري سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ هن کي هڪ شاعر جي حوالي سان ضرور ڌيان ۾ آڻي. 8.12.2018 تي دادو ۾ ڪتاب جي مهورت واري ميڙ ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ پڙهيو ويو.
ڌيمي لهجي جو شاعر: بلوچ صحبت علي تحرير: ممتاز مهر ڌيمي لهجي جي شاعري ، ڌيمي لهجي جي موسيقي مون کي وڻندي آهي.ها ڌيمي لئه جيئن ٽمندڙ برسات جي ٽم ٽم ڪندڙ پاڻي جي لئه. مغرب جا ڪيئي اهڙا موسيقار گذريا آهن جن جون ڌُنون ٻڌڻ سان برسات جي ٽمندڙ بوندن جو ورلاپ محسوس ٿيندو آهي. اهڙي ڌيمي لهجي وارا تخليقار، خود به تمام نفيس طبيعت جا هوندا آهن. بلوچ صحبت علي پنهنجي طبيعت ۾، پنهنجي شخصيت ۾ ۽ پنهنجي شاعري ۾ ان ڌيمي روپ جو عڪس آهي، اظهار آهي. اهو عڪس، اهو اظهار خود ساخته نه، پر بي خوديءَ جور روپ ۽ ورلاپ آهي. مان اردو شاعريءَ جا ڪجهه مثال ڏيئي، پوءِ بلوچ صحبت علي فن تي اظهاريندس. هڪ نامعلوم اردو شاعر جو ڌيمي لهجي ۾ بي ساخته چيل شعر هن ريت آهي. جنهن جي پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان هڪ عجيب اُداس ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي: ڪافي عرصه بيت گيا، جاني اب وه ڪيسي هوگي، وقت ڪي ساري ڪڙوي باتين، چهپڪي چهپڪي سهتي هوگي، مجه سي بجهڙي عرصه بيتا، اب وه ڪس سي لڙتي هوگي؟ اچها تها جو ساتهه هي رهتي، بعد ۾ اس ني سوچا هوگا، اپني دل سي ساري باتين خود سي خود ڪهتي هوگي، ڪافي عرصه بيت گيا، جاني اب وه ڪيسي هوگي، سو اهو آهي اوچتي وڇوڙي جو ورلاپ ۽ درد. صحبت پنهنجي درد جي ڪيفيت هيئن بيان ٿو ڪري: تنهائي ۾ تنها ڪمرو ماريندو آ، خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ماريندو آ، سپنن جو سنسار آ ”صحبت“ ذهنن ۾، جنهن جي ساڀيان ناهي سو سپنو ماريندوآ. سادا لفظ، پر هر لفظ ۾ درد جي ڪيفيت جو اظهار. مُکڙيون ناهن کِليون هن پيار جون، وقت کان ئي سي اڳي پٽجي ويون، راهه تان شيشا هٽائڻ چاهيم، آنڱريون منهنجون مڙئي ڪٽجي ويون. يا وري روز ٿو روشن ڪيئي فانوس ڪيان، هر گهڙي توکي مٺي محسوس ڪيان، چنڊ تارا روز ٿا تنهنجو پُڇن، ڪيئن انهن کي پاڻ سان ملبوس ڪيان!. محبت جا ڪيئي رنگ آهن ۽ ان جي فني اظهار جا اڻ کٽ احساس آهن. ڪنهن جو اردو شعر آهي : وه دن بهي کيا عجيب ٿي، تم سانس سي بهي قريب ٿي. يا قفص سي نڪلي لاپته پرندو سي، هوائي شام ! ڪوئي رابطه پرندون سي ؟ احمد فراز جو آخري غزل آهي: غم هيات کا جهگڙا مٽا رها هي ڪوئي، چلي آو ڪه دنيا سي جا رها هي ڪوئي. ازل سي ڪه دو ڪه رک جائي دو گهڙي، سُنا هي آني کا وعد نبها رها هي ڪوئي. مان هي اردو شاعريءَ جا ڪجهه مثال ان ڪري ڏيئي رهيو آهيان ڇو ته محبتن جي ڪيفيت ۽ انساني صورتحال، لاڳاپن جي وچ ۾ سرحدو ناهن هونديون. دنيا جون سڀ خوبصورتيون ۽ خوبصورت رچنائون اسان سڀني جون آهن ۽ اسين سنڌي ڪُل انسان ذات جي غمن ۽ خوشين ۾ گڏ آهيون. جيڪي نظريا ۽ عقيدا انسان کي ڌار ڪن ٿا، تن کي اسان ڌڪاريون ٿا، انسانيت جو پرچارڪريون ٿا، جيئن شاهه لطيف فرمايو؛ سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. صحبت به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي: عبادت امن جي ڪيون ٿا گهرن ۾، نه ڪا دشمني آ، اسان جي نگر ۾ ڌرتيءَ سان پيار ۽ اُنس انسان جو فطري جذبو آهي، بلوچ صحبت علي ان جو اظهار ڪيئي ڀيرا ڪيو آهي: اسين سنڌ واسي صدين کان سچا، اسان جي صداقت کي پرکي ڏسو، اسان سونهن جي پيا ٿا پوڄا ڪيون، اسان جي عبادت کي به پرکي ڏسو. سنڌ جي ڏُکايل صورتحال کي صحبت هيئن پيش ڪيو آهي: اچي ديس جا ڏس تون مارو ويچارا، هي غربت جا ماريل، بُکايل ڏُکايل. ٿي بنجر وئي آ، هي ڌرتي اسان جي، ويو ڏيهه سارو ٿي آهي ڏُڪاريل. بلوچ صحبت علي شاعر سان گڏوگڏ،پيشي جي لحاظ کان، وڪيل به آهي. هِن زوالپذير سماج ۾ انصاف ڪئين تورجي ٿو ۽ وڪامجي ٿو، هو هڪ سجاڳ ذهن سان ان تماشي کي بخوبي ڄاڻي ٿو، سمجهي ٿو، سو علامه اقبال جي منظوم ”شڪوه“ وانگر علامتي طور هڪ نوٽيس خدا ڏانهن موڪلڻ چاهي ٿو، ان نوٽيس ۾ ڇا هوندو خبر ناهي، پر ”بيلف“ عنوان سان نظم ۾ هن ملڪ ۾ وڌندڙ مُلائيت ۽ مُلان جي تصور خدا کي سواليه نشان بڻايو آهي. مسجدن جي حالت جيڪا موجوده دور جي فرقيپرست مُلن ڪئي آهي، اُها حالت ڏيڍ سو سال اڳ ننڍي کنڊ ۾ مختلف نه هُئي. جنهن صورتحال کي ڪلاسيڪي دور جي اردو شاعر ”مومن خان مومن“ هيئن پيش ڪيو آهي: ڪل شب جو مسجد د۾ جا پهنسي مومن، رات ڪاٽي خدا خدا ڪرڪي. پر بلوچ صحبت علي جي شاعريءِ جو محور عشق آهي، جنهن کي هن ڌيمي پر لئه دار نموني سان اظهاريو آهي: ساري جڳ ۾ عشق ۽ الفت جو ميلو آ متل، عشق وارن کي ڏسون يا سونهن وارن کي ڏسون. تنهنجي چهري کي ڏسڻ سان جي نه ٿو ڀرجي پرين، تنهنجي ڳلڙن کي ڏسون يان تنهنجي چپڙن کي ڏسون. ڪيترو ماتم ڪجي، پنهنجن پراون جو هتي، ڪهڙي رهبر کي ڏسون ۽ ڪهڙي رهزن کي ڏسون. جن سبب شاعر ٿياسين يار ”صحبت“ شهر ۾، هل ته هڪ ڀيرو هلي تن چنڊ چهرن کي ڏسون. ڇا ته زور بيان، بي ساختگي ۽ سوز ۽ تڙپ آهي صحبت جي مذڪوره غزل ۾! اهو منهنجي نظر ۾ سندس مجموعه ڪلام ”من صحرا صحرا“ جو سڀ کان وڌيڪ دلڪش اسم آهي. صحبت جي عشق کي، ان عشقي ڪيفيت کي نفاست سان اظهارڻ ۾، من ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڪئٿارسس پيدا ڪرڻ لاءِ کيس سلام آهي. بقول علامه اقبال: اگر هو عشق تو هي ڪفر بهي مسلماني، نه هو تو مرد مسلمان بهي ڪافر و زنديق. شاعر گذريل پلن کي ياد ڪندو ۽ گونجاريندو آهي. پنهنجي رنج ۽ غم کي شعري رنگ ۾ رچي اڪيلائپ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندو آهي، پر عارضي. وه دن بهي کيا عجيب تهي، تم سانس سي بهي قريب تهي. انگريزي جو سدا بهار شاعر ڪيٽس (Keats) جنهن جو هڪ شعر : A thing of beauty is a joy for ever. حسن جي سرهاڻ، راحت ئي راحت. عام محاورو بڻيل آهي، شيڪسپيئر جي تخليقي اُڏام کي ساراهيندي چيو هو ته شاعر جي تصور واري دنيا ۾ ڪيئي پنڌ پيچرا هوندا آهن، ان ۾ شعور جي منطق ۽ حقيقت تي ٻڌل هڪ سڌي سنواٽي راهه نه هوندي آهي، پر انيڪ اُميدن، نا اُميدين، شڪن، شبهن، اسرارن سان ڀريل امڪانن، رنڊڪن، ڌڪن ڌاٻن سان پُر هوندي آهي. بلوچ صحبت علي ان راهه جو پانڌي آهي: ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي، زخم اسان جا گهرا گهرا. ٻاجهاري نهار رکندڙ ۽ هميشه مرڪندڙ صورت واري پيار شاعر بلوچ صحبت علي جو شعري مجموعو ”من صحرا صحرا“ نئين سنڌي شاعري ۾ سهڻو اظافو آهي. سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ شاعري ۾ شهزادو ٿي رهندڙ شخصيت آغا سليم جي لفظن ۾ : ”سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب“ ڪنهن نا معلوم سنڌي نوجوان شاعر جو شعر آ: وري اچ موٽي ته ماضي کي دهرايون، گهڻو وقت ٿيو آ، جو کليا ئي ناهيون. يا وري ”هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجهن ٿا“. جرمن فليسوف هائيڊيگر چيو هو ته ”ڳالهائڻ يعني لفظن جي ترتيب ۽ ان جو اظهار منهنجو وجود آهي“. شاعر کان وڌيڪ ٻيو ڪير لفظن جي اهميت ۽ انهن جي ترتيب کي سمجهي سگهي ٿو، جيڪو ساڳي وقت عاشقن جي قافلي جو مهندار آهي ته رولاڪ پڻ. درد اسان جي در تي آيو، ڪاريهر جئن ڪاهه ڪري، اسان انهيءِ کي ساهه ۾ سانڍيو، چوڏس وارا چاهه ڪري. نياز همايون. ”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي“. ڪاميو چيو هو ته ”آزاد اهو آهي، جيڪو نهڪر ڪري“. بلوچ صحبت علي ۾ اهڙي همٿ ڀايان ٿو، جيڪو فرانسيسي شاعر وليجو (Villejo) وانگر چئي ڏيندو آهي؛ I was born one day When God was ill ظاهر آهي ته هن دنيا ۾ اسان پنهنجي مرضيءَ سان ته ڪون آيا آهيون، نه ڪي پنهنجي مرضي سان هليا وينداسين. امڪان ۽ حادثا ته ڪيئي ٿين ٿا، خودڪشيون، خوني حملا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. پر زندگي ڏاڍي پياري آهي، بهشت جو تمنائي به سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهندو آخر تائين ته موت ٽري وڃي ۽ زماني جا مز وڌيڪ ماڻجن، پر زندگي هڪ سفر آهي، هڪ ايڊوينچر آهي، جنهن جي پڄاڻي به آهي. صبح هوتي هي، شام هوتي هي، زندگي يون هي تمام هوتي هي.