خير محمد ڏاھري: اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاھري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاھري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس شاگرديءَ واري دور کان اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. اسڪول جي پروگرامن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي هلي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اداڪاريءَ جي سکيا استاد محمد صديق پرھيار ۽ فقير محمد عالماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سندس ڊراما سنڌي چئنلن: ڪي. ٽي. اين، مهراڻ، ڌرتي ۽ سنڌ ٽي. وي تي نشر ٿيا آهن. هن بهترين ڪردار نگاريءَ سبب پنهنجي فن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت پرائيويٽ ٽي. وي چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاھري، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.