علي نواز ڏاهري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    علي نواز ڏاهري
    علي نواز ڏاھري: شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاھري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ايم.اي آهي. 1983ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس شاعري توڙي نثري لکڻيون ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو 1980ع کان ميمبر آهي. عملي زندگيءَ ۾ واپڊا ۾ ملازمت آهي. کيس نوابشاهه ۾ حمل فقير صدسالا جشن جي موقعي تي ’حمل فقير اوارڊ‘ ملي چڪو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جو هڪ شعري مجموعو ’ڪينجهر مٿي چنڊ[​IMG] ‘ 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو