ماضي ۾ جيڪي ملڪ پٺ تي پيل تنزل ۾ بدتر هيا اڄ اهي ملڪ ترقي جي ڪمال ۾ آسمان کي ڇُهن ٿا مگر پاڪستان جي بدقسمتي آھي جو ان کي معدنيات سان مالا مال (ذخيرا) هجڻ جي باوجود به خوشحال نه ٿي سگهيو آھي۔ جيڪي ملڪ وياج وٺي رعيت کي هلائيندا آھن اهي ڪڏهن به ترقي نه ڪندا آھن۔ ترقي ٿيندي آھي صنعت سان جديد ٽيڪنالوجي سان محنت ۽ ڪم سان، اسان مان اها محنت، ڪم ڪار نڪري ويو آھي ته پوء ڪيئن ترقي ٿيندي. هڪڙو سادو مثال وٺون ته جڏهن اسان ڪنهن ٻاهر ملڪ خوشي سرهائيءَ سان ڪم لاء ويندا آھيون ته 18 ارڙھن ڪلاڪ به مزدوري ڪندا آھيون، 14 ڪلاڪ به نوڪري ڏيندا آھيون اتي سڄو سڄو ڏينهن پنهنجي نفس ڪشي، گاريون، ڇڙٻون وغيره به سَهندا آھيون پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي به تذليل ڪرائيندا آھيون ڇو ته ڪمائڻ آيا آھيون، قرض کڻي آيا آھيون، وطن به ڇڏي آيا آھيون، برداشت ته ڪرڻو ئي پوندو نه! اڄ هتان حقير ٿي واپس ملڪ وڃون ته اتي ويتر ذليل ٿينداسون۔ هونء به ڏکيا ڏينهنڙا ٿورا۔ مگر ايتري ذلت پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ سَهون هان ته رُسوا نه ٿيون هان ايتري محنت پنهنجي معاشري ۾ ڪيون هان ته خوار نه ٿيون هان پر جيڪڏهن ايتري خدمت پنهنجي والدين جي ڪريون هان ته پنهنجي گهر ۾ ئي سون ۽ چاندي سان کيڏئون هان۔ بيرون ملڪ مان جڏهن پيسو جهجهو گڏ ڪري اسان پنهنجي ڏيھ موٽي ايندا آھيون ته پوءِ پنهنجي سوچ تبديل تي ويندي آھي هتي اچي ڀوتار ، رئيس، نواب، سردار، وڏيرا، خان ٿي ويهندا آھيون۔ ڪو به ڪاروبار نه ڪنداسين۔ اصل ترقي محنت سان آھي جيڪي قومون محنت ٿيون ڪن اهي قومون ترقي ۽ عروج رفعت تي پهتيون آھن۔ پر جيڪي قومون نشي ۾ منشيات، مخدريات ۾ عياشي ۾ زنا ڪاري ۾ بي حيائي ۾ شراب ۾ جوا ۾ پئجي ويون آھن اهي تباه ۽ برباد ٿيون آھن انهن جو نالو وٺڻ کان ڪراهت ٿئي پئي، اهڙي طرح انهن جو تاريخ مان به نالو نشان به مٽجي وڃي ٿو۔ جيڪي حڪمران، قوتون، قومون پنهنجي قوم جي ٻچن جو مستقبل نه ٿيون سَنوارين صرف ان لاءِ ته رڳو مونکي ملي، هر اها شيء مون وٽ هجي ۽ مونکي ملي۔ ته اهي اسان لاءِ ۽ ملڪ جي خوشحالي و ترقي لاء ڪهڙو ڪارنامو ڪري سگهندا!
ادا السلام عليڪم ! سٺي سوچ تي لکيل اوهان جو ليک تعريف جي قابل آهي. ٿورو جملن جي بيهڪ ڏي توجه ڏيندا ته هن قسم جا ليک انمول هوندا هن فورم جي لاء .تمام سٺي ڪوشش آهي.ان کي جاري رکندا،هميشه خوش رهو.