• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب تي تبصرو

khadim ghirano

سينيئر رڪن
لطيفي دنيا جائزو خادم گھراڻو
هڪ ننڍي شهر اڏيرو لعل جي ڀر ۾ جنم وٺندڙ ابو بڪر ڇٽو هڪ اهڙو ڪم ڪيو آهي جنهن کي ياد ڪيو ويندو . هن شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالللطيف ڀٽائي تي هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي اهو ڪتاب گنج بخش ڪتاب گھر وارن شايع ڪرايو آهي ڪتاب ڪچي جلد سان هڪ سو ويهه صفحن تي آهي هن ڪتاب ۾ هڪ خط به آهي جنهن ۾ غلام علي الانا کين شاھ لطيف انسائيڪلوپيڊيا ۾ شامل ٿيڻ جو چيو آهي جيڪو شاھ تي تحقيقي ڪم ڪرص رهيو آهي شاھ لطيف جي جنم جي حوالي سان ۽ تعليم جي حوالي سان هن هڪ بحث ڇيڙيو آهي جنهن ۾ شاھ صاحب جو جنم ٽن جاين هالا حويلي ، سوئي ڪنڌر ، ڀئين پور ۾ ڄاڻايل آهي اهو بحث طلب آهي تعليم جي باري ۾ چيووڃي ٿو شاھ لطيف امي هو هن وٽ لدني علم هو پر اها ڳالهه به اشڪبار آهي ته شاهه لطيف آخوند نور ۾حمد نه پڙهيو پر پنهنجي پيءُ وٽان تعليم حاصل ڪئي جنهن جي دستار بندي نه ٿي . هن ڪتاب ۾ جن ماڳن تي شاھ صاحب جن ويا ۽ ماڻهن سان مليا انهن جو ذڪر به ٿيل آهي شاھ لطيف جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي به بحث ٿيل آهي .شاھ لطيف جتي به ويو رهيو انهن کي تڪيو چيو ويو آهي هن ڪتاب ۾ تحقيق ڪري انهن تڪين جو بيان ڏنو ويو آهي اهو به ڏنو ويو آهي شاھ لطيف ڪهڙيون شيون استعمال ڪندو هو ٽوڦي لٺ ۽ ٻيون وغيره اهي هن وقت ڪٿي آهن 7 ڪنهن وٽ آهن هن ڪتاب ۾ جن کي شاھ جا بيت ياد هئا انهن جو به بيان ڪيو آهي انهن ماڻهن جا نالا لکيا آهن شاح جو رسالو ڪهڙين ٻولين ۾ ڇپيو انهن جو بيان اڄ تائين شاھ جي رسالي جا ڇاپا ڪهڙا ۽ ڪنهن ڇپا يا آهن انهن جو بيان آهي هن ڪتاب ۾ جن کي شاھ لطيف ايوارڊ مليو آهي انهن جو بيان آهي انهن جا نالا آهن ته اهي ڪهڙا خوش نصيب آهن جن کي اهو ايوارڊ مليو علي اڪبر سومرو شاھ لطيف جي بيتن جيڪا خطاطي ڪئي ان جو بيان آهي جن جن ٻين شاعرن جو ڪلام شاهه جي ڪلام ۾ شامل ٿي ويو آهي انهن جو ذڪر آهي انهن تي جن تحقيق ڪئي انهن جو تفصيل آهي ان ۾ شاھ جي سرن جو بيان آهن انهن جي معنى به لکيل آهي انهن ۾ جن پکين جيتن جانورن هٿيارن وغيره جو استعمال ٿيل آهي انهن جي لسٽ به آهي شاھ جي رسالي ۾ مختلف رسالن جيڪي مختلف ماڻهن ترتيب ڏنا آهن انهن ۾ ڪيترا سر ، ڪيترا بيت ۽ ڪصتريون وايون آهن انهن تي به تحقيق ٿيل آهي ابو بڪر آزاد اها تحقيق ڪئي آهي ته ڪهڙن سرن ۾ ڪيتريون آيتون آهن ۽ بيتن ۾ ڪهڙن ڪهڙ ن شهرن جو ذڪر آيل آهي هن ڪتاب ۾ موکي ۽ متارن جو به تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي اهي ڪير هئا انهن جو موت ڪيئن ٿيو انهن جون مزارون ڪٿي آهن هن ۾ جن ڪتابن تان مدد ورتي ويئي آهي انهن جو به تفصيل آيل مطلب ته هي ڪتاب جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي اهو هڪ معلوماتي ڪتاب آهي اسان جي شاگردن کي اهو پڙهڻ گھرجي جيئن هن ڪتاب مان فائدو حاصل ڪري سگهن
 
Back
Top