اکيون اليون اکين کي ڇا!!! اظهر امر مان پهريان به ڪٿي ڪنهن مضمون يا ڪنهن تحرير ۾ لکي چُڪو آهيان، هي سال اسان مٿان حاوي ٿيو آهي اسان هر سال رڳو ڊسمبر تي الزام مڙهيندا رهون ٿا، پر هن سال تي جنوري ۽ اڄ وري فيبروري به بخش ناهي ڪيو،فيبروري جي ٿڌڙي صبح جڏهن ٿي سج پنهنجا ڪرڻا ڪڍي نروار ٿيو تي اسان به گلابن جي خوشبو مان احساس وٺي سوشل ميڊيا جنهن کي اسان عالمي اوطاق ڪوٺيون ٿا انهي تي جڏهن حاضر ٿيڻ لاءِ پيش ٿياسين تي جٿان افسوس ناڪ خبر پئي اڄ وري هڪ گل ڪومائجي ويو آهي اڄ وري سياري جي سرد صبح اسان جي من کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. مان فيس بڪ تان پنهنجي پياري جي تصوير کي ڏسندو رهيس اکيون اليون ٿينديون ويون لبن تي ڪي لفظ ترندا رهيا بس مان سوچن جي سمنڊ ۾ لوڙهي ويل ٻيڙي کي تارڻ جو سوچي رهيو هئس، مان ڪناري مٿان بيٺل مسافر هئس هن جي موت تي ماڻهن جون سوشل ميڊيا تي بار بار ايندڙ پوسٽون پڙهي رهيو هئس دل کي يقين ڏيارڻ لاءِ دماغ سان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس بس ڇا ڄاڻ هن جي وڃڻ جي مند تي ڪان هئي اڃان ڪيترا ٻار سندس انتظار ۾ هوندا تي سائين ايندو اسان کي پڙهندو.ايوب عمراڻيءَ جو جنم 28 اپريل 1966ع تي اڳوڻي ضعلي دادو هاڻڪي ضلعي ڄامشوري ۽ سيد جي شهر سن جي ڀرسان ڳوٺ شاھ اويس قرني ۾ ٿيو. سائين ايوب اڃان ٻن سالن جو هو تي سندس والد کيس سڀ زميوريون ڏئي پاڻ مالڪ حقيقي طرف روانو ٿي ويو. انهي کان پوءِ ايوب پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ پلجي وڏو ٿيو ،سائين شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ سن مان،سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول مانجھند ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سن مان حاصل ڪيائين، ۽ انٽر سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ايوب سائين گريجوئيشن جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪاليج سائيڊ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري به سنڌ يونيوسٽي ڄام شوري مان ڪاليج سائيڊ گورنمينٽ سچل ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي.پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان شيخ اياز ۽ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو تقابلي جائزو ء اسلوب تي ايم فل ڪيائين.ادب جو سائين ننڍپڻ کان ئي شوقين هيو انهي کان پوءَ سائين جي پهريون نظم 1979ع ڌاري سنڌ نيوز اخبار جي ادبي صحفي ۾ شايع ٿيو انهي کان پوءِ سائين ايوب مسلسل لکندو رهيو علمي زندگي جي شروعات اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيائين.1983ع ۾ ڪيليگرافر طور هلال پاڪستان، 1984ع ۾ ڊيلي ناظم ڪراچي، 1985ع ۾ عبرت حيدرآباد، 1985ع _ 1987ع ۾ ڊيلي مهراڻ حيدرآباد ۽ روزانه سنڌو ۽ عبرت ۾ بَحيثيت اسٽنٽ ايڊيٽر طور پنهنجون ذميواريون نڀايائين.ايوب صاحب جن 1988ع کان 2009 تائين بَحيثيت پرائمري استاد گورنمينٽ پرائمري اسڪول قبي ۾ درس و تدريس سان وابسطه رهيو ۽ 2009ع کان بحيثيت ليڪچرر(سنڌي ادب) ۾ رهيو. 250 مختصر ڪهاڻيون، 1000 کان مٿي ڪالمس ۽ 60 اسٽيج ڊراما لکي چڪو هو. ان کان علاوه 50 ٽي وي ڊراما ۽ 10 فلم اسٽوريز پڻ لکيون هيائين.پاڻ ڪيترائي ناول لکيائين جهڙوڪ: ”جيئينم“، ”دوزخ“، ”هوشو“، ”سنڌو جا “، ”اميد جو موت“، ”جنم“ ،”احساس“ وغيره. ايوب عمراڻي صاحب جن مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ پڻ پنهنجون ذميواريون نڀايون جهڙوڪ: 1981ع ۾ پريس سيڪريٽري لطيف سنگت، 1985ع ۾ ميمبر سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ، سگا شاخ مانجهند، سنائي آرٽ سرڪل سن ۽ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي سن انکانسواءِ پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ مانجھند جو بنياد وجھندڙن ۾ پڻ شامل آهي.کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترن ئي ايوارڊس سان نوازيو ويو آهي. جهڙوڪ 1983ع ۾ لطيف سنگت طرفان بيسٽ آرٽيڪل ايوارڊ، 1985ع ۾ گل ڦل مئگزين طرفان بيسٽ آرٽيڪل ايوارڊ، 1992ع ۾ بيسٽ شارٽ اسٽوري رائيٽر ايوارڊ، سنائي آرٽ سرڪل سن طرفان بيسٽ ڊراما رائيٽر، 2005ع ۾ ترقي پسند پارٽي طرفان بيسٽ اسٽوري رائيٽر ايوارڊ،2010ع ۾ ترقي پسند پارٽي طرفان بيسٽ فلم رائيٽر ايوارڊ، 2010 ۾ مير محمد مورل جويو بيسٽ ڊراما رائيٽر ايوارڊ، 2011ع ۾ ايوب سماريا فائونڊيشن طرفان ايوارڊ، 2013 ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ ۽ 2015ع ۾ سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم (ايس.اين.ٽي.پي.ٽي) طرفان ”جو کيڙي سو کائي“ تي بيسٽ فلم رائيٽر ايوارڊ وغيره. اکيون اليون اکين کي ڇا! بس سندس اکين منجه ڪي منظر رهجي ويا هوندا، سندس لبن تي ننڊڙي مرڪ رهجي وئي هوندي .سندس اڌ لکيل تحريرون سندس انتظار ۾ هونديون. سندس لاءِ لڙڪ لاڙيندڙ سنڌ سندس يادون ۾ بيهوش هوندي بس بس بس مرڪ کي موٽائيندي ناڪام ويندڙ دوست سندس مرڪ کي نه ورائڻ تي هار مڃي ويٺا هوندا، ياد رهي تي گذريل هفتي آمري پُل وٽ هڪ روڊ حادثو ٿيو هيو جنهن حدثي ۾ منهنجي سنڌ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار نثري نويس ڊارمي نويس اداڪار ۽ منهنجو پيارو ايوب عمراڻي جيڪو سخت زخمي ٿي پيو هيو. جنهن کي بروقت حيدر آباد ۽ پوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو سندس زخمي ٿيڻ واري خبر سڄي سنڌ ۾ باھ وانگيان پکڙجي وئي هئي انهي کانپوءَ سڄي سندس جي ماڻهن پنهنجي محبوب ماڻهو لاءَ ڌڻي در جُهڪي دعاڳو ٿيا هئا. جن دعائن سان ايوب جي صحت ۾ ڪجهھ سڌارو آيو هو. پر اڄ اسان پنهنجي خيالن ۾ گم سم هئاسين، صبح جڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وڌي سين تي خبر پئي يار موڪلائي ويو. سندس وڇوڙو صدين تائين ياد رهندو هئين به ڪو اچانڪ وڃبو آهي. ڇا بس يار! اسان ڌڻي در دعاڳو آهيون اسان جي يارڙي محبوب ماڻهو ايوب کي مالڪ سائين جنت ۾ جاءِ عطا فرمائجان آمين.