شفيق الرحمان شاڪر تحريڪ انصاف جي اتحادي حڪومت ۾ شامل هڪ ووٽ واري پارٽيء جو اڳواڻ ۽ ريلوي جو وفاقي وزيرشيخ رشيد هونئن ته روزانو نت نوان ”انڪشاف“ ۽ ”اڳڪٿيون“ ڪندو رهندو آهي پر تازو هن جيڪي عجيب ۽ غريب ڳالهيون فرمايون آهن اهي ٻڌي ڪري مٿو ئي چڪرائجي وڃي ٿو.سندس انهن انڪشافن تي اچڻ کان اڳ سندس ان بيان تي ٿورو غور ويچار ڪيون ٿا جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته وزير اعظم عمران خان نه رڳو وٽائنش ”قيمتي“ صلاحون وٺندو رهندو آهي پرڪلاڪن جا ڪلاڪ سندس ڳالهيون به ٻڌندو رهندو آهي.هاڻي سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن ٻنهي مان خوش نصيب ڪير آهي،عمران خان جنهن کي شيخ رشيد جهڙو ”قابل“ ۽ ”تجربيڪار“ صلاحڪار نصيب ٿيو آهي يا شيخ رشيد جنهن کي عمران خان جهڙو ”جذباتي“ ۽ ” ناتجربيڪار“ وزير اعظم هٿ آيو آهي؟بهرحال ڪيئن به هجي پر شيخ رشيد جو خود پنهنجي باري ۾ اهو پڪو خيال آهي ته هن کان وڌيڪ ڪو ٻيو سياستدان پاڪستان جي سياست کي سمجھڻ وارو نه آهي ۽ ملڪ ۾ جيڪر ڪنهن شخص وٽ سياسي ”بصيرت“ ۽ ”د انائيء“ جو خزانو آهي ته اهو شخص هو اڪيلو پاڻ آهي.هاڻي اچون ٿا ان ”داناء “ ۽ ”صاحب بصيرت“ جي انهن اقوال زرين طرف جيڪي هن تازو هڪ ميڊيا ڳالهه ٻولهه دوران ظاهر ڪيا آهن.فرمائي ٿو ته هن ملڪ ۾ صرف هڪڙو ئي ادارو آهي جيڪو اهم ۽ مضبوط آهي سو آهي فوج. ٻئي نمبر تي جيڪر ڪو ادارو فوج جيان مضبوط ۽ اهم آهي ته اهو آهي پاڪستان ريلوي! هاڻي ڏيو منهن. ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار. صاحب موصوف رڳو اتي ئي دنگ نه ڪيو پر اڳتي فرمايائين ته پاڪستان ريلوي ميزائيل به ٺاهي سگھي ٿي ۽ جهاز ۽ ٽينڪون به جوڙي سگھي ٿي.هاڻي ان عقلمند وزير کان ڪو اهو پڇي ته ريلوي سڀ ڪجهه ٺاهي سگھي ٿي پر ڇا اها ريلوي جي ڇنل ٽتل انجڻين جي ڪا مرمت به ڪري سگھي ٿي،ڀڳل ٽٽل پٽڙين جو به ڪو جڳاڙ ڪري سگھي ٿي يا نه؟جن لائينن تي سالن کان هلندڙ لوڪل ٽرينون بند ٿي چڪيون آهن انهن کي ٻيهر اسٽارٽ ڪري سگھي ٿي يا نه؟عجيب حال آهي اسان جي حڪومتن توڙي وزيرن مشيرن جو.اهڙا اهڙا بيانن جا ڌماڪا ٿا ڪن جو ڪنن ۾ تاڙا پئجيو وڃن پر هنن کي پنهنجن فرمانن ۽ بيانن تي ٽڪي جي به حيرت نٿي ٿئي.هڪڙو ٻيو بيان جيڪو شيخ صاحب هن وقت تائين اٽڪل درزن دفعا ورجائي چڪو آهي سو اهو ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئرمين بنائي ٻلي کي کير جي چوڪيداريء تي مقرر ڪيو ويو آهي.هو بار بار اهو اعلان به ڪري رهيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف جيڪو خود سندس حڪومت جو ئي ڪيل فيصلو آهي تنهن خلاف سپريم ڪورٽ ويندو.ٻئي طرف هن عمران خان کي عرض نياز ڪري پنهنجو پاڻ کي ان ئي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو ميمبر مقرر ڪرايو آهي جنهن ڪميٽيء جي اڳواڻي سندس چوڻ مطابق ڪو ”ٻلو“ ڪري رهيو آهي.سمجھه ۾ نٿو اچي ته جنهن ڪميٽيء جو سربراهه ئي غير آئيني،غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقي سان مقرر ڪيو ويو هجي ۽ سندس لفظن ۾ اهو ”چور” ۽ ” ڏاڙيل“ هجي ته پوء اهڙي ڪميٽيء جو ميمبر ٿيڻ جو مطلب ڪهڙي کاتي ۾ ليکيو ويندو ۽ اهڙي ڪميٽيء ۾ شامل ٿيڻ ڪميٽيء جي قانوني ۽ اخلاقي حيثيت کي تسليم ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟هئڻ ته ايئن گھربو هو ته ٽحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا هروقت انصاف،احتساب ۽ شفافيت جو دهل وڄائيندي رهي ٿي اها پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جي حوالي سان ميان شهباز شريف کي ڪنهن به طرح مقرر نه ڪرڻ واري پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽي هر قسم جي نخالفت ۽ مزاحمت کي منهن ڏئي ها ۽ سياسي مخالفن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿئي ها توڙي جو ان جي نتيجي ۾ اسيمبليء جو ڪار وهنوار به ڀلي رڪجي وڃي ها پر جيئن هر معاملي ۾ هيء حڪومت مونجھارن ۽ بي همتيء جو شڪار بڻيل آهي سا فيصلا به پاڻ ڪري ٿي ته وري انهن فيصلن تي تنقيد به پاڻ ئي ڪري رهي آهي.حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف ميان شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئرمين مقرر ڪري پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي ۽ هڪ” نادر“ مثال قائم ڪيو آهي ته جنهن ماڻهوء تي ڪرپشن جا سوين صاف الزام هجن،مٿس نيب جا ڪيس ۽ ريفرنس هجن،جاچون ۽ تحقيقاتون هلي رهيون هجن اهو سرڪاري پروٽوڪول ۽ سموريون سياسي ۽ سرڪاري رعايتون حاصل ڪرڻ جو اهل آهي،ايستائين جو هو سندس ئي احتساب ڪندڙ ادارن ۽ سندس ئي ڏوهن جي جاچ ڪندڙ عملدارن کي پنهنجي سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري سگھي ٿو.انصاف،احتساب ۽ ادارن جو اهڙو حشر ته پرويز مشرف به نه ڪيو جيڪو هن ”انصاف پسند“ حڪومت ڪيو آهي.هاڻي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جهڙي اهم قومي اداري کي تماشو بنائڻ کان پوء اڃا به وڌيڪ تناشو بنائڻ لاء ان ۾ شيخ رشيد جي نالي سان هڪ ”فرشتو“ شامل ڪيو ويو آهي.اڳيان انهن اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي تنهن جو اندازو لڳائڻ ايترو مشڪل به ڪونهي.ويتر جيڪر راڻو ثناء الله يا خواجا سعد رفيق مان ڪو ٿڙي ڦٿڙي ان منڊليء ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوء ته رنگ لڳي ويندا.حڪومت توڙي مخالف ڌر جهڙيء طرح هن جمهوري ۽ سياسي نظام کي تماشو بنائي رهيون آهن انهيء سان نه رڳو عوام ۾ هن نظام جي باري ۾ سخت مايوسي ۽ بيزاري وڌي رهي آهي پر پوري دنيا ۾ پاڪستاني سياستدان ملڪ لاء طنز ۽ ٺٺول جو سبب بڻجي رهيا آهن.اهي هڪٻئي خلاف جيڪا اڻ وڻندڙ زبان استعمال ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي جي ذاتي ڪردار ڪشي پيئي وڃي تنهن پوري سماج کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته جن کي قوم جي سياسي،سماجي ۽ اخلاقي تربيت ڪرڻي هئي اهي پاڻ ئي جڏهن اخلاقي پستين جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا ٿا وڃن ته پوء عوام رهبريء لاء ڪنهن ڏانهن واجھائي؟اهي سڀ ان ڳالهه کان ئي بي پرواهه بڻجي ويا آهن ته جيڪر ملڪ ۾ هاڻي خدا نخواسته سياسي نظام سندن غير ذميداراڻيڻ حرڪتن سبب ناڪام ٿئي ٿو ته ان جي ذميداري ڪنهن تي ايندي؟هڪ طرف ملڪ جي معاشي ٻيڙي اونهي ڪن ۾ ڦاٿي پيئي آهي ۽ عوام جي آزارن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو وڃي ٻئي طرف هيء ناعاقبت انديش اشرافيا آهي جيڪا نان اشوز توڙي پنهنجن ذاتي مفادن جي تحفظ لاء هڪ ٻئي کي سياسي طور تي بليڪ ميل ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي.لڳي ٿو ته هنن جي سنگدلي ۽ عوامي مسئلن ۽ آزارن کان منهن موڙڻ ۽ اخلاقي اصولن کان اکيون پورڻ سبب اها اشرافيا قدرتي طور تي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي. نيوٽن جي قوت جي ٽئين قائدي مطابق هرعمل جو هڪ ردعمل جيڪو مخالف پر هڪجيترو ٿئي ٿو.فطرت جا اهي اصول ڪنهن جي لاء به تبديل نٿا ٿين،انهيء عظيم اشرافيا لاء به نه!