(حضرت سنڌي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ڪوي آصف جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2019۔

  1. ڪوي آصف جسڪاڻي

    ڪوي آصف جسڪاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2019
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ج ڏونگر ۾ لامون لاڙي رهيو هو پاڇا ڊگھا ٿي ختم ٿيندا پئي ويا ڏکڻ جي هير پنن جي وڻن کي چميندي تيزي سان اتر پار ڊوڙي رهي هئي منهنجي وارن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڦر ڦر جا آواز ٿي رهيا هئا باغ واري ڪچي رستي سان ٺلندو ٺلندو پکين جي اڏارن کي تڪيندو تڪيندو موري تي اچي ويٺو هيس تنهنجي يادن جو پهرو دل تي گهيرو ڪري هو کن پل رکي سگريٽ کي تيلي ڏني هيم ناسي رنگ جا دونهوان آزاد فضا ۾ پنهنجو وجود وڃائي رهيا هئا يادون ڪشن جو روپ وٺي اندر جي قيد خاني مان فرار ٿي رهيون هيون ساعتون ماتم ڪري رهيون هيون منهنجي يونيورسٽي جي ويڪيشن جا ڏينهن قيد جي ڪوٺي منجھ گذارڻ برابر ٿي پيا هئا دل کي وندرائيڻ خاطر هر روز شام جو ٻيلي جي سامهون پاڻي جي ڪڙي واري موري تي اچي ويهندو هيس ويهي وهندڙ پاڻي جو قدرتي سازن سان سمايل ۽ دل کي مهيندڙ آواز ٻڌندو هيس پاڻي جي وهڪري م مڌ جو آواز ٻڌي بيقرار من کي قرار اچي ويندو هو انهي ڏينهن به قدرتي آوازن ۾ تنهنجو نالو پسي رهيو هيس.
    سامهون چاچي گولــــــو جي واڙي جيڪا ڇانهن گدرن ۽ ٽماٽرن سان ٽمٽار لڳي پئي هئي ولهون ٻانهون وڇائي محبوب پکين کي سڏي رهيون هيون ولهن جي مٿان شفق شام جا هلڪا پاڇا سونهري رنگ ۾ جرڪي رهيا هئا من مهيندڙ منظر ۾ منهنجي نيڻن ۾ اتر ۽ اولھ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف صرف ئي صرف تنهنجو روپ سمايل هو ته پويان اچانڪ اکين تي ڳورن هٿن جو پردو اچي ويو هو پنهنجي هٿن سان انهن هٿن کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هيم ته هٿن ۾ قلندري ڪنٺا قلابا پاتل محسوس ٿيا هيا ته ڪي پل ته مايوس ٿي زهن کان سيڪنڊن م سوال ڪري ورتو هيم ته اهڙن وزني هٿن وارو ڪهڙو شخص ٿي سگهي ٿو؟
    وڏي طاقت سان هٿن کي هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هيم پر هٽائي نه سگھيو هيس اچانڪ هٿن ۾ نرمي اچي وئي هيئي ۽ ازخود هٽي ويا هئا پهريان ته پورو ماحول منهنجي اکين آڏو دوندلاٽو نظر اچي رهيو هو آهستي آهستي اکين جي آرسي ۾ رستا وڻ ٻوٽا چٽا ٿيڻ شروع ٿيا هئا پوئتي نهار ڪئي هيم ته اکيون ڦاٽل رهجي ويون هيم پلڪن پڄاڻان دهلجي ويو هيس جنهن ٽائيم ڪلاشنڪوپ سان گڏ ڪنهن نقاب ۾ ويڙهيل چهري تي نظر پئي هيئي! پلڪ گذري هيئي ته ماسڪ ۾ ويڙهيل شخص ڪلاشنڪوپ ڪاڪ ڪئي هيئي مان اکيون بند ڪري ڏنيون هيم سمجھي ويو هيس ته ڪنهن خلائي مخلوق جي ور چڙهي ويو آهيان گولي جي هلڻ جو شديد خوف سان گڏ انتظار ٿي پيو هو پر گولي نه هلي هيئي اکيون کوليون هيم ته چهرو بي نقاب ٿي ويو هو سامهون پرائمري وارو محبوب يار ڪمون کي بيٺل ڏٺو هيم ڪمون مشين تي دهڪ وهائي مون ڏي نهاري وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا هئا ٽهڪن جو سلسلو ختم ڪري وراڻيو هيو؛
    ’’’’ اڙي وڏا ڊڄي وئين اکيون بند ڪيئي ڀاڙيا ڪو بهوڪ!’’
    مون کي ڪجُه به سمجھ نه اچي رهيو هو ڇا چوانس؟ خوف ته ٿڌي تي شوڪاري ۾ پرڙا هڻي ڏور اڏامي ويو هو پر حيرت ذهن ۾ آستانه هڻي گهر ڪري وئي هيئي جنهن ويل ڪمون کي الهڙ جواني ۾ ڪلاشنڪوپ هٿ ۾ ڏٺي هيم ۽ انهي سان گڏ سندس ٻانهن ۾ ڦڪا ڳاڙها ۽ پيلا ڪنٺا ڪولابا مٿان وري وڏن وارن ۾ ڦڪو ٽوال ٻڌل ۽ لوي جي لامن جهڙن شهپرن مون کي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو هو بنا ڄاڻيندي بنا پوڇيندي خبر ناهي ڪمون تي ڪهل پئي آيم خاموشي سان کن پل اهڙي حالت کي تڪي رهيو هيس.
    ڪمون وري هٿن سان لوڏيندي اشارا ڏيندي چيو هو؛
    ” وڏا ڪهڙي سوچ ۾ گم ٿي وئين ’’
    مان ڊگهو شوڪارو ڀريندي وراڻيو هيم؛
    ’’ پيارا انسان ته هر روز نوي هزار سوچن ۾ هميشه مبتلا رهي ٿو جنهن مان صرف ڏه هزار سوچون درست باقي منفي هونديون آهن پر تون هن حالت ۾ هي وڏا وار ٻانهن ۾ ڪنٺا قلابا يار خوشي ۾ يا مجبوري ۾ ؟’’
    ’’’ ڳٽ ۽ ڳانا ڀلا ڪو خوشي ۾ پنهنجي ڳچي ۾ وجهيندو آ ڪمال ٿو ڪرين ٰ ٰٰ
    ڪمون موري جي بند تي ويهندي مشين کي جھولي ۾ رکندي وراڻيو هو’’ پيارا هاڻي اسان انهي رستي جا مسافر ٿي ويا آهيون جن کي وارثي جو ڪفن وڏي مشڪل سان پلي پوندو آ’’’
    مان ڪمون جي اهڙي سفر ڏانهن اوکي پند ڪرڻ جي راض کي سڌن لفظن ۾ سمجهڻ خاطر معاملي جي تھ تائين وڃڻ لاءِ سڌو سوال ڪيو هيم
    ڪمون ڪنهن جي عشق ۾ رنگجي هي حال ڪيا ٿي؟ ڪنهن سان پيار ڪيو ٿي جو هن منزل تي پهتو آهين؟ ڪنهن مجبور ڪيو ٿي جو پنهنجي گھر کي ڇڏي روپوشي واري حالت ۾ گذارين پيو؟
    ڪمون سگريٽ کي تيلي ڏيندي ڪجه پلن لاءِ بي ساهو ٿي ويو هو وري پاڻ سنڀاليندي مخاطب ٿيو هو؛
    ’’´وڏا ڳالھ سورنهن آنا سچي آ مان ڪنهن مايا مڏي لاءِ هي هٿيار هٿن ۾ ناهن کنيا نه ئي ڪنهن جي ڀيڻ ڌي زال يا ماءِ تي ڪارو داڳ ڏيئي روپوش ٿيو آهيان مان پنهنجي پاڪ پويتر ماءِ جي عشق ۾ اچي وڏن جي ڳالھ تي عمل ڪري جيجل جي سوڌي نه ڪرڻ تي دربدر ٿيو آهيان! اهڙا لفظ وراڻيندي ڳوڙها ڳلن تان ڳڙي پيا هيس!
    مان حيرت ۾ پئجي ويو هيس ڪمون جي ماءِ پرائمري اسڪول واري زماني ۾ ئي مري وئي هئي ڪمون ڪهڙي ماءِ جي ڳاله ڪري رهيو آهي ڳالھ سمجھڻ ناتي ڪمون ڏي نهاريندي مخاطب ٿيو هيس؛
    ’’ ڪمون ڪهڙي ماءُ تنهنجي ماءِ ته“ چئي الجهن م الجهي پيو هيس ’’
    ’’ ڌرتي يار ڌرتي’’ ڪمون مشين کي هٿ ۾ کڻيندي چيو هيو؛ ٻڌو ڪونه ٿي اها ڌرتي جيڪا هر غيرت مند لاٰءِ ٻي ماءُ مثل هوندي آ انهي ماءُ خاطر وڙهان پيو جيڪا ابن ڏاڏن کي صدين کان ورثي ۾ مليل هئي هاڻي انهي تي وڏيري سلطان خان قبضو ڪيو آ چوي ٿو مون کي ٽڪن تي وڪڻي ڏيو مان هن تي فيش فارم هڻي وڏن شهرن ۾ ونجھ واپار ڪئندس مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو چيم اهي ويھ ويسا بابا کي ڏاڏا سائين جا مليل هيا جن تي تنهنجي پيءِ شاھ ڏنل خان بابا سائين سان ڌوڪو ڪري پنهنجو عارضي منڇي بڻائي بعد م ڀومي تي قابض ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي هئي بابا سائين کان انهن جي گھر به ڪئي هئي پر بابو روپين تي نه ء وڪاڻو هو ۽ تنهنجي پي سان اکين ۾ اکيون ملائي سڌي مذامت ڪئي بعد م منڇيري گيري ڇڏي بغاوت تي لهي آيو هو تنهنجي پيء کي چيو هيس ته جيڪڏهن اڄ توکي هي ڏيئي ڇڏيان ته منهنجو ايندڙ نسل ڇا ء کائيندو؟؟ جنهن تي تنهنجي پي منهنجي بابا سائين تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي جيل اماڻي ڇڏيو هو پويان بابا جا سڀ ساٿي ۽ مٽ مائٽ مرائي ڇڏيا هيس اڃان بابا کي مرندي ٽيويھ سال مس ٿيا آهن جنهن زمين ۾ بابا جا هڏا مدفون ٿيل آهن انهي ڌرتي تي اڄ تون ڪاهي آيو آهين چوين ٿو وڪاڻي ڏيان پنهنجي وڏن جا توکي هڏا ڪئين وڪڻي ڏيان! ڪڏهن به نه نڪي سوڌو ڪيوسين نه ئي ڪئنداسين وڏا انهي ڏينهن پڄان اسان جي جنگ ڇيڙي پئي آھي!
    ’’ ڪمون قانون به ڪنهن شي جو نالو آ ’’ ڳنڀير حالت ۾ اچي ڪمون جي ڪلهي تي هٿ رکيندي وراڻيو هيم’’´تون ڪورٽن جا در ڇو نٿو کڙڪائين؟
    ’’ اڙي يار ڇا آئون گھٽ ڪئي هوندي مان قانون جا پير وٺڻ پئي چاهيا پر قانون به غدار نڪتو ڪيس ڪيم بدلي ۾ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ سلطان خان وارن جا واٺيا انڌهيري جو فائدو وٺي رات جو جڏهن مان پاڻي تي ويل هيس ته پويان ڪارن وارن جھڙي ڪاري رات ۾ ڪارن ڪپڙن ۾ گھر تي چڙهائي ڪري منهنجي ننڌي ڀاءُ آزاد علي کي کنڀي ويا منهنجون ڀينرون ٿاڻي تي پاڪ ڪتاب قران مجيد کڻي پهتيون پر ڪا داد فرياد نه ٿي قانون الٽو اسان مٿان ڏمرجي پيو يار تڏهن ته پوء هن حال م پهچي ويس ڇا تو ڪنهن چي گويري نالي گوريلي جو قول ناهي پڙهيو ته ظلم جي راڪاس کي ماري مات منزل پهچائڻ لاءِ هميشه هٿيار جي ٽائيگر تي هٿ جي آڱر ڄمائي رکڻي پوندي آهن تڏهن راڪاس مري مات ٿي ويندو آ مان به آڱر ڄمائي آهي ياد ڪجان سلطان جو ساھ ڪڌي ڇڏيندس پر زمين نه ڏني آ نه ڏيندس ’’
    جڏهن چي گويرا جو نالو کنيو هيس ته خبر ناهي سنڌيا تون ياد اچي وئي هيئن جڏهن يونيورسٹي واري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ اڳيان پارڪ م ويهي چيو هو ’’’ اڄ دل ٿي چوي دنيا جي سجاڳ ۽ ستل قومن تي ڪئين!
    مان مرڪي پيو هيس توکي پيار مان ڪامريڊ سڏيندو هيس ڇاڪاڻ تون سياست،انقلاب کان سواءِ ڪجھ نه ڳالهائيندي هئين توڏانهن نهاريندي چيو هيم؛
    ’’ڪامريڊ اڄ ڪهڙي فلسفي ۽ انقلاب تي ڳالهائيندي ڳالهاءِ’’’
    تو پنهنجي ڪاپي کي منهنجي ڪلهن ۾ وهائي مذاق ۾ مخاطب ٿي هئين
    ’’’ٻڌ منهنجي ڪامريڊيڻ مون کي اهي قومون ڏاڌيون وڻنديون آهن جيڪي ڪاسترو فيڊرل , چي گويرا لينين ۽ نيپولين جهڙن گوريلن کي جنم ڏينديون آھن جيڪي پنهنجي حقن لاءِ جنگ ڪئندا آھن اهي قومون ڪيڏيون نه بهادرآهن جن اسرائيل جھڙن ملڪن سان مهاڏا اٽڪائي به پير پوئتي نه ڪيو آهي برمين جي ڪاتين هيٺان ٻچا ڏئي نعرا نيهن جا لڳايا اٿن پنهنجي سڃاڻ ۽ پنهنجي وسئلن لاءِ پاڻ پتوڙين پيون ڪشميرن جيان سامراجي قوتن سان اکيون ملائي بغاوت تي لهي آيون آهن مان انهن قومن سان بي انتها محبت ڪيان ٿي جڏهن ظالم قانون مٿان غلامي جا ڳٽ بڻجي ڳچي ۾ پوندو اٿن ته مذامت ڪئندي دير ناهن ڪئنديون ۽ جڏهن عدالتون ظالمن جا گھر بڻجديون آهن ته مضلوم کي مذامت ئي ڪرڻي پوندي آهي ڪميل تون ڄاڻين ٿو زنده قومون پنهنجي حال تي روئنديون ناهن بلڪ مذامت ڪئندي دير ناهن ڪئنديون تون ايتري ريت به واقف آهين ته انسان پنهنجي ويسي تان قبضي هٽائڻ لاءِ هٿيار کڻندو آ پوءِ پنهنجي حقن ۽ وطن لاء ڇو نه؟؟ ياد ڪجان اهي ڪشميرين سان گڏ دنيا جون سڀ قومون هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي سڃاڻ ڪئندي دير نه ڪئنديون جيڪي آزادي جي راھ تي هلن ٿيون ۽ باغي ٿين ٿيون اهي نيٺ هڪ نه هڪ ڏينهن ظلم واري قانون مان آزاد ٿي وينديون! باقي مون کي ڪاوڙ ايندي آ انهن قومن تي جيڪي ظلم ته برداشت ڪئنديون آهن پر مذامت ناهن ڪئنديون ۽ ظالمن جي ظلم تي صبر ڪئنديون آهن مان ڏٺو آ اهي قومون روڊن تي کلا کائينديون پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ته ڪئنديون پر مذامت نه احتجاج به ايندڙ نسل لاٰءِ گفٽ سمجھي ڇڏي ڏينديون آهن جڏهن احتجاج مان به کڙ پاڻي نه نڪرندو اٿن ته ماٺ ڪري گھر ويهي رهنديون آهن ء هميشه پنهنجي حقيقي ڌرتي وڃائي بس ڪتابن ۾ قيد ٿي وينديون آهن!
    تنهنجي يادن ۾ مبتلا ٿي ويو هيس خبر ئي نه پئي هئي پوري دنيا ۾ انڌهيرو ئي انڌهيرو ڇائنجي ويو هو ڪمون ڪاڏي اٿي ويو هو ڪا خبر ئي نه پئي هئي پري کان ڳوٺ جون لائٽون نّظر اچي رهيون هيون گهر ڏانهن موٽيندي سڄي واٽ سوچيندو رهيو هيس انسان ويسي خاطر وڙهي ٿو پر
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو