پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    پاڪستان جو باني ، قائداعظم محمد علي جناح.
    فقير محمد سنڌي.
    امام غزالي رح جو قول آهي ته :،، حڪمت ۽ ڏاهپ، شريف جي شرف ۾ اضافو ڪندي آهي ۽ علم کي ته ايترو وڌائيندي آهي جو ان ۾ بادشاهن واريون صلاحيتون پيدا ٿي وينديون آهن،، انسان جو حوصلو سڀ کان قيمتي سرمايو آهي، زندگيءَ جي انهيءَ قيمتي سرمائي کي قائداعظم سونھري بڻائي ڏيکاريو . قائداعظم محمد علي جناح، 25 ڊسمبر 1876ع تي جناح پونجا جي گھر جھرڪن ۾ جنم ورتو، هڪ ٻئي تحقيق مطابق جناح صاحب راءِ ته وزير مينشن ڪراچي به جنم جو هنڌ ڄاڻايو ويو آهي. شيرين ٻائي عرف مٺي ٻائي جيڪا جناح صاحب جي امڙ آهي، انهيءَ تي برصغير جي عوام کي فخر آهي. جنهن قائداعظم محمد علي جناح جھڙو پٽ ڄڻي قوم تي احسان ڪيو. جناح جي گجراتي ٻوليءَ ۾ معني آهي، سنهڙو ۽ عربيءَ ۾ جناح جي معني آهي بازو - ٻانهن. دنيا ۾ جناح جي سڃاڻپ وڏي اهميت جوڳي آهي . قائد اعظم محمد علي جناح جو خاندان ڪاٺياواڙ گجرات کان 1861ع تي لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺو. جناح صاحب 4 جولائي 1887ع کان تعليم جو سفر شروع ڪيو، پرائمري تعليم سنڌ مدرسہ السلام ڪراچي مان حاصل ڪئي.
    پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو خانداني ۽ زندگي جو مختصر خاڪو :
    قائداعظم محمد علي جناح جي امڙ آغا خان جي خليفي موسي جمعه جي ڌي هئي، قائداعظم کي ٽي ڀائر، بنده علي، احمد علي ۽ بچو هو، جناح صاحب جي ڀيڻ فاطمه جيڪا قائداعظم سان تحريڪ آزاديءَ ۾ ٻانهن ٻيلي رهي. جناح صاحب 15سالن جي عمر ۾ ايمي ٻائي سان شادي ڪئي، . قائداعظم 5 جون 1893ع تي لنڪنزان لنڊن ۾ قانون جي تعليم لاءِ قائداعظم انهيءَ لاءِ داخلا ورتي ته لنڪنزان جي دروازي تي قانوندانن جي فھرست ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو نالو سڀ کان مٿي لکيل هو.جناح صاحب 1896ع تي لنڊن مان واپسي ڪئي. قائداعظم ٻئي شادي 42سالن جي عمر ۾ رتن ٻائي يا رتي ٻائي سان 18 اپريل 1918ع تي ڪئي، جنھن مان جناح صاحب کي انهيءَ مان هڪ ڌي دينا واڏيا پيدا ٿي. قائداعظم 1913ع تي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، مسلم لیگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ لکنو پيڪٽ ڪرائڻ تي قائد اعظم کي سفير امن جو لقب مليو. 20 فيبروري 1929ع تي قائداعظم جي ٻئ گھر واري رتي ٻائي جو وڇوڙو ٿيو. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي زندگي ۾ مسلسل جدوجھد ڪئي، مارچ 1929ع تي جناح صاحب 14 نقطا پيش ڪيا. اهڙي طرح جناح صاحب ڪافي ذميواريون سنڀالي ورتيون هيون جنهن ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس 1906ع کان 1920ع تائين اھڙي طرح آل انڊيا مسلم ليگ 1913ع کان 1947ع تائين ۽ مسلم ليگ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين .قرارداد پاڪستان واري اهم اجلاس جي صدارت جناح صاحب پاڻ ڪئي، محنت جو حسين تحفو جناح صاحب پاڪستان جي صورت ۾ حاصل ڪيو. فيڊرل ڪاسترو جو خيال آهن ته،جڏهن انسان دلين ۾ ڪي آدرش کڻي نڪرندا آهن ته دنيا جي ڪا به طاقت جيل جون ديوارون يا قبرستان جا پٿر هنن کي دٻائي نه سگهندا آهن، اهڙن انسانن وٽ هڪ ساڃاھ، هڪ جذبو، هڪ ضمير ۽ هڪ وفا جو تصور موجود هوندو آهي. قائداعظم جي جدوجهد پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾آيو ان کان پوءِ جناح صاحب ملڪ جو پهريون گورنر جنرل بڻيو، پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح زندگي جا آخري لمحا زيارت بلوچستان ۾ گذاريا، 11سيپٽمبر 1948ع تي 72 سالن جي عمر ۾ سندس روح پرواز ٿي ويو، قائداعظم محمد علي جناح جي جنازي نماز مولانا شبير احمد عثماني پڙهائي، آخري آرام گاهه ڪراچي سنڌ ۾ اٿس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو