ناميارو محقق ، افسانه نگار۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر اياز قادري: مرڻو آهي سڀ کي مرندو هت هرڪو، گنگا جي گوڏ ۾ ڪو سنڌ ڀرڪو، اهڙو ڪم ڪر ڪو، جيڪو ماري موت کي.( شيخ اياز ) سنڌي ادب جي ليکارين ۾ ٻوليءَ لاءِ عملي شعور حيرت جي حد تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گهاٽو لاڳاپو آهي. جنهن جي وسيلي اهو فن ۽ فڪر جي تخليقي صلاحيت کي صدين تائين قوم فخر سان ياد ڪندي آهي، جئين اياز قادري پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌي ادب ۽ٻوليءَ کي اهميت ڏني. اڄ اياز قادري جو فڪر روشن سج لاءِ جيئان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اياز قادري جي زندگي جو خاڪو : پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو. 19 -جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر هو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار -اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي آنرس، ايم. اي فارسي، ايم. اي سنڌي ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. -اياز قادري1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمن مقرر ٿيو ۽ 10 سالن تائين انهيءَ عھدي تي رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري اردوترجمو آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آهي. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئس. ڊاڪٽر اياز قادري ، پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو سھيڙيو هو ، پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو، اهو ڪم سندس ڀاڻيجي ذوالفقار قادريءَ نئين سر ترتيب ڏئي ”زلف اياز“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ايئن چون، متان پاند پسائين. در اصل خيال ڪڏهن به مرندو ناهي، پر خيال ڏيندڙ فرد پاڻ سي به جسماني طور مرندا آهن. پر تاريخ ۽ سماج اندر پنهنجي خيال ۽ فڪر جي صورت ۾ اهي سدائين زنده رهندا آهن. انڪار ۾ ڇا هي رکيو، آهي مزو اقرار ۾، پيار ڏئي پنهنجو ڪيو گوهر مٺي گفتار ۾. ( جي ايم رئيساڻي ) اياز قادري سنڌي ادب ۾ عوامي ۽ فطرتي مزاج رکندڙ اديب هو، جنھن هر وقت لطيف خيالن کي نهايت سليس انداز سان پيش ڪيو. ڊاڪٽر اياز قادري1950ع واري دور ۾، پنهنجي رهائشگاهه تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر اياز قادري ’جمعيت الشعراءِ سنڌ باني ميمبر هو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن مان هو.سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو، جنهن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا به پڌرا ٿي چڪا آهن. اياز قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشهور ناول ’آتم ڪهاڻيءَ‘ جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس هيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نه صرف جامع -تاريخ آهي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آهي، جيڪو ٽن صدين تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ پاڻ جي. الانا جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘ 1980ع ۾ ڇپيو، ’مٽيءَ لڌو مانُ‘1970ع، ’عشقيه داستان‘1985ع ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘ لوڪ ادب: 1981ع به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي، آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس. مددي ڪتاب : فڪري تحريرون: سهيڙيندڙ :نور احمد ميمڻ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. 2012ع. تمغہ امتیاز شاعر)جي ايم رئيساڻي، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. 2012ع مارو جي ملير جا: مرتب :خادم حسين چانڊيو، گنج بخش ڪتاب گھر حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 2004_2005ع شاھ لطيف ۽ سوشل سائنس لطيفيات )پروفیسر ساجد سومرو. ڇاپو ٻيو 2018ع ڪنول پبليڪيشن قنبر.