مخدوم الشعراء، حاجي محمود خادم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    مخدوم الشعراء حاجي محمود خادم:
    فقير محمد سنڌي
    حافظ شيرازي جو شعر آهي ته :،، جڏهن توهان جي دروازي جي خاڪ اسان جي اکين جو سرمو آهي، تڏهن توهين ئي ٻڌايو ته اسين هن درگاهه کان ٻئي هنڌ ڪٿي وڃون؟،، اهڙي طرح سان حاجي محمود خادم کي علم ادب جي درگاهه پرين جو حسن نظر اچي ويو هو تڏهن هر نگاهه علم ادب جي ڪچهرين گذاري ڇڏي.
    حاجي محمود خادم ولد محمد بچل ذات قريشي تونيه عرب جي ولادت ، 4 جنوري 1895ع تي ڳوٺ بٺيءَ، تعلقي ميرو خان اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم دارالعلوم بٺي مدرسي مان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. علم جي پروڙ لاءِ هر وقت حاضر رهندڙ هو، لاڙڪاڻي ۾ ادبي حلقن لاءِ پنهنجو تن من گهور ڪندڙ غازي مڙس هو . 1911ع ۾ ميان محمد قادري ۽ نواب امير علي لاهوريءَ وارن سان گڏجي حج تي ويو. کيس انگريزيءَ تي عبور حاصل هو. مڪه معظمه جي ’باب اسلام مدرسه‘ جي شاگردن کي ’هندستان جي تاريخ‘ متعلق ڄاڻ ڏيندو هو. 1914ع ۾ تپيداري ڪاليج حيدرآباد مان تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪيائين. ملازمت جو آغاز تپيدار جي حيثيت سان ڪرڻ کان پوءِ ترقي ڪري پهرين سپروائيزر پوءِ سرويئر ٿيو. ڳوٺ بٺيءَ مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ اچي رهيو. هيءُ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو ۽ هڪ ئي وقت شاعر، صحافي، سماج سڌارڪ هو. 1915ع ۾ ميان محمد قادري، ميان غلام سرور قادري ۽ نواز علي ’نياز‘، ’بزم مشاعره‘ لاڙڪاڻي جو بنياد رکيو ته هن کي ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو. سندس ڪوششن سان 1921ع ۾ پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 1933ع ڌاري ڪراچيءَ جي ’بزم ادب‘ ۽ ’بزم نظامي‘ کي سرگرم ڪيائين. ’سنڌ سڌار سوسائٽي‘ ٺاهي وئي ته ان جو وائس چيئرمئن چونڊيو ويو. هن جي ڪوششن سان 1946ع ڌاري سنڌ جي سمورن بزم مشاعرن کي گڏ ڪري ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جو بنياد وڌو ويو. هيءُ ان تنظيم جو روح روان هو ۽ آخري دم تائين ان جو سيڪريٽري رهيو. 1949ع ڌاري ڏهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ هن جي رٿ تي ’سنڌي ادبي سوسائٽيءَ‘ جو بنياد پيو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي ڪيو ويو. حاجي محمود ’خادم‘ جي خدمتن عـيـوض 26 ۽ 27 مارچ 1948ع تي ميـهـڙ ۾تعليم کاتي سـنـڌ جي وزيـر پير الاهي بخش جي صدارت ۾ منعقد ٿيل نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي اديبن يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪري کيس ’مخدوم الشعراءِ‘ جو لقب ڏنو.
    سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان: ’رياض البلاغت‘ (1922ع)، ’يادگار داستان‘ (1911ع)، ’ستاره سنڌ‘، ’امام مهدي‘، ’اخلاقي خون‘ (1914ع) ۾ الهڏني الهورائي خان نالي هڪ ڪتب فروش ڇپايا. هن جي ٻن ترجمو ڪيل ناولن ۾ ’شمشير السلام‘ ۽ ’خنجر هلال‘ شامل آهن.
    هن شاعريءَ ۾ ’خادم‘، ’محمود‘، ’پروفيسر‘، ’هرهنٽر‘ تخلص ڪتب آندا ۽ ڪڏهن ’فلڪ فردوسيءَ‘ جي نالي سان مزاحيه شاعري به ڪندو هو. ’اديب سنڌي‘ رسالي جي، مئي 1941ع واري شماري ۾ شايع ٿيل سندس نظم ’ڪالهه ۽ اڄ‘ وڏي شهرت ماڻي. ان کان سواءِ هن ڪيتريون ئي انجمنون کولرايون، جن مان: ’خدام المساجد‘، ’جماعت خادم الغربا‘، ’انجمن تنظيم المسلمين‘ ۽ ’انجمن فدائي اسلام‘ مشهور آهن. مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽريءَ جا فرض بنا نالي سرانجام ڏنائين، انهن ۾ هفتيوار اخبار ’الحقيقت‘، ’هفتيوار پاڪستان’ ۽ ماهوار رسالو ’اديب سنڌ‘ اپريل 1941ع کان ڊسمبر 1952ع وغيره شامل آهن، جيڪي باقاعدگيءَ سان لاڙڪاڻي مان شايع ٿيندا هئا. هن هوندراج ’دکايل‘ کان پرنٽنگ پريس خريد ڪري، ’پاڪستان پرنٽنگ پريس‘ جي نالي سان هلائي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندڙ حاجي محمود ’خادم‘ 9 جنوري 1960ع تي تي لاڏاڻو ڪيو، آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
    مددي ڪتاب :
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.
    ديوان حافظ شيرازي، سنڌيڪار، محمد يعقوب نياز، سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، حيدرآباد ڪراچي.ڇاپو ٻيون 2018ع.
    سنڌ جي تاريخ( سهڙيل تاريخ وار )فقير محمد سنڌي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. 2013ع.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو