انصاف جي آس ۾ ڌڪا کائيندڙ مظلوم!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ناليوارو ڪالم نگار عمار چوڌري پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو؛ جيڪر مديني واري رياست ٺاهڻي آهي ۽ واقعي مظلومن کي انصاف مهيا ڪرڻو آهي ته پوء ڏوهارين کي پڪڙي عين ان هنڌ تي کين وٺي وڃجي جنهن هنڌ اهو سانحو پيش آيو،اتي ٻارڙن ۽ انهن جي وارثن کي به آندو وڃي ۽ انهن جي سامهون انهيء ساڳيء ننڍڙيء گاڏيء ۾ ويهاري انهن پنجن ئي اهلڪارن ۽ انهن جي ذميدار آفيسرن تي ساڳئي نموني انڌا ڌنڌ گوليون وسايون وڃن جهڙيء طرح هنن خليل جي خاندان ۽ سندس ڊرائيور تي وسايون هيون ۽ ان وقت تائين وسايون وڃن جيستائين انهن جو روح سندن طالم،بي حس ۽ نااهل وجود کان الڳ نه ٿي وڃي ۽ ان سموري عمل جي عام شهرين کان وڊيو ٺهرائي اهڙيء طرح سوشل ميڊيا تي پکيڙي وڃي جوجن جن جا اعصاب انهن درندن جي درندگي ڏسي ۽ ٻارڙن جون آهون ۽ دانهون ٻڌي شل ٿي ويا آهن اهي انصاف ٿيندي ڏسي سگھن ۽ پورو سماج ٻيهر نارمل زندگي گذارڻ جي قابل ٿي سگھي.انصاف ڏيڻ مقصود آهي ته پوء قصاص کان گھٽ تي ڪا ڳالهه ٿي ئي نٿي سگھي.قصاص مان مراد آهي بدلو.جان جي بدلي جان،اک جي بدلي اک،ڏند جي بدلي ڏند ۽ مال جي بدلي مال.جيڪو به جنهن سان جيڪو ڏوهه ڪري اهڙي ئي ان کي سزا ڏني وڃي.سورت بقر ۾ رب ڪريم فرمايو؛ ”اي ايمان وارو! اوهان تي مقتولن جي باري م قصاص فرض ڪيو ويو آهي،آزاد جي بدلي ۾ اهو ئي آزاد قتل ڪيو وڃي،غلام جي بدلي غلام قتل ڪيو وڃي ۽ عورت جي بدلي عورت.“

    سماج کي ظلم کان پاڪ ڪرڻ،پوليس کي لغام وجھڻ ۽ وارثن جي غصي ۽ بدلي جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ جو اهو گھٽ ۾ گھٽ عمل هوندو جيڪو ظالمن لاء مثال بڻبو ۽ آئيندي ڪنهن ايليٽ فورس، ڪنهن سي ٽي ڊي،ڪنهن بگھڙ کي اهڙي دهشتگرديء جي جرئت نه ٿي سگھندي.تحريڪ انصاف جي وزير ميان اسلم اقبال چيو ته ملزمن کي انهيء جڳهه تي آڻي ڦاسي ڏني وڃي.جيڪر سوچيو وڃي ته واقعي اها ڪا مذاق جي ڳالهه ته ناهي.پنجن سالن جي باديا جيڪا هٿ ۾ فيڊر جھليو تصويرن ۾ بيٺل نظر اچي ٿي جنهنجي آهه ۽ بددعا کان هيء سڄي رياست زمين ۾ دٻجي سگھي ٿي،آسمان مان قهر ڪري سگھي ٿو ۽ انهن ظالمن تي هلڪو هٿ رکندڙ ۽ احتجاج نه ڪندڙ به ان قهر جي زد ۾ اچي سگھن ٿا.خدا جي پناهه گھرو. جي آئي ٽي سربراهه چوي ٿو ته جاچ ٽيهن کان پهرين مڪمل ڪري نٿي سگھجي.ظالمو! ان کي ايڏو وڏو واقعو ٺاهيو ڪنهن؟ ۽ اهو ان وقت ڇو نٿي سوچيو جڏهن ٽيهن سيڪنڊن م پوري خاندان کي ايس ايم جي گولين سان رت ۽ بارود ۾ وهنجاريو پئي ويو.بد بختو! ان وقت جيڪر ٽي منٽ ئي سوچڻ سمجھڻ تي لڳايو ها ته ايڪشن ڪيئن ڪرڻو آهي.ان وقت ته مکڙين کي مهٽڻ ۾ ٽي سيڪنڊ به نه لڳايا ۽ هاڻي اوهان کي ٽيهه ڏينهن گھرجن.ان ڪري ته جيئن خاندان جو غم ۽ غصو ٿڌو ٿي وڃي ۽ ڪو نئون بحران اچي هن بحران کي هميشه لاء دفن ڪري ڇڏي.هڪ اڌ گولي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي ها ته به ايتري ڳالهه نه ٺهي ها پرتيرهن سالن جي نينگري ۽ سندس ماء کي نشانو بنائي درجن کن گوليون وسايون وييون،ڇو؟ان ڪري جيڪر اها بچي وڃي ها ته عدالت ۾ بيان ڏئي ها ته واردات وقت اصل ۾ ڇا ٿيو هو؟ سندس گواهي مضبوط ترين گواهي ڳڻي وڃي ها.اها ته هاڻي خبر پيئي ته انهن ظالمن کي ته ٽن معصوم ٻارڙن کي به مارڻو هو پر ماء انهن مٿان جھڪي پيئي ۽ سموريون گوليون پنهنجي بدن تي سهي ورتائين.عورت تي ته هٿ کڻندڙ به بي غيرت مرد سڏائيندو آهي،اوهان هڪڙي ماء ۽ ڌيء جو بدن ڇلي ڇڏيو۽ مٿان وري ٻن ڏينهن تائين چوندا رهيا ته اهي سڀ دهشتگرد هئا ۽ جيڪر مسافرن جي وڊيو نه اچي ها ته اوهين ته فيڊر ۾ موجود کير کي به بارود ثابت ڪري وٺو ها.اها سڌي سنئين دهشتگردي نه هئي ته ٻيو ڇاهو ۽ دهشتگردن خليل،سندس زال ۽ ڌيء کي ئي نه بلڪه پنهنجي ماء ۽ پنهنجي ڌيء کي قتل ڪيو آهي.انهن برسٽن جا برسٽ هلائي ڇڏيا پر قدرت جو ڪرشمو هو جو ٽي معصوم الائي ڪيئن بچي ويا.هونئن انهن ٽنهي ٻارڙن جي زندگي موت کان به وڌيڪ دردناڪ ٿي پيئي آهي.اهي هر پل جيئندا ۽ هر پل مرندا رهندا.خبر ناهي ماء سواء زندگي ڪيئن گذرندي،اهي زخم ڪيئن ڀربا.قدرتي موت ته برداشت ٿي وڃي ٿو پر ان انداز جو موت؟اهو به اسان جي ٽيڪس جي پئسن مان خريد ڪيل گولين سان؟ ڇا انهن کي پگھارون ان ڪري ڏنيون وڃن ٿيون ته اهي اچي ڏينهن ڏٺي جو اسان جي ٻارن کي يتيم ڪن ؟ڪنهن چيو ته سي ٽي ڊي جي سربراهه راء اعجاز گذريل ڏينهن ۾ برطانيا مان ڪائونٽر ٽيريرزم جو ڪورس مڪمل ڪيو هو.ڇا ان ڪورس ۾ اهو سيکاريو ويو هو جيڪي ڪجهه ساهيوال ۾ سامهون آيو؟ڇا ان سانحي جا ذميدار رڳو گوليون هلائيندڙ پوليس وارا آهن؟ انهن کي جيڪي هدايتون ڏنيون وييون اهي به ته سامهون اچڻ گھرجن.جن اهي هدايتون ڏنيون اهي به ته پڌرا ٿيڻ گھرجن.معلومات ڏيندڙ،ايڪشن ٽيم جي تربيت ڪندڙ سڀ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن.جهڙيء طرح ماڊل ٽائون واري سانحي بعد ان وقت جي حڪومت جو ڦيٿو ابتو هلڻ شروع ٿي ويو هو ۽ تنزيلا ۽ شازيا جي تيرهن سالن جي نينگري ان وقت جي حڪمرانن کي بد دعائون ڏنيون هيون ان جو نتيجو اڄ سڀني جي سامهون آهي ۽ اڄ پنجن سالن کان پوء تاريخ واپس انهيء موڙ تي وٺي آئي آهي.اهو ڪيس فوجي عدالت ۾ وڃڻ گھرجي.جيڪي اهو پيا چون ته سموريون وڊيوز جعلي ۽ عيني شاهد ڪوڙا آهن انهن کان انصاف جي ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي.رهي ڳالهه ذيشان جي ته هيستائين هن جي هڪ تصوير تي کيس دهشتگرد ثابت ڪيو پيو وڃي ته پوء جيڪر سانحي جون سڀ وڊيوز جعلي آهن ته ڇا اها تصوير به جعلي ٿي نٿي سگھي؟ هلو فرض ڪريو ته ذيشان واقعي گنهگار هو ته به کيس زندهه گرفتار ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم هو.پوليس مقابلي ۾ مارڻ ته سڌو سنئون قتل آهي.ان جي سزا خليل جي ڪٽنب ۽ عمر لاء انتقام ۽ غم جي باهه ۾ سڙندڙ ٻارن کي ڇو ڏني ويئي؟ڪجهه خدا جو خوف ڪريو.هي حڪومتون،اهي اختيار،اهو دٻدٻو سڀ ايندڙ ويندڙ شيون آهن.پهرين به کوڙ آيا ۽ کوڙ هليا ويا.وڏيون وڏيون ٻوليون ٻولڻ وارا اڃ ڪٿي آهن.مڪون لهرائڻ وارا اڄ پنهنجي زمين تي قدم رکڻ کان معذور آهن.ٿورو سوچجي ته انهن اهڙو ڇا ڪيو هو جو ذلت سندن مقدر بڻي.انهن کي به مظلومن جي آهن ٻوڙي ڇڏيو.اهو نٿو مڃي سگھجي ته اهو واقعو ڪنهن غلط فهميء جو نتيجو هو.سي ٽي ڊي وارا ايترو سادا به ناهن.ڪهاڻي ڪا ٻي آهي.هاڻوڪي حڪومت جي منهن تي داغ لڳائڻ ۽ عوام جي نظرن ۾ ڪيرائڻ به اصل مقصد ٿي سگھي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪجهه صوبائي اتحادي قوتون پهرين کان موجود صوبائي سربراهن کان بد ظن ڪري طاقت جو مرڪز پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ گھرنديون هجن نه ته ٽي وي ڏسندڙ ٻار ٻار کي خبر آهي ته اهڙي مشڪوڪ گاڏيء کي ڪيئن هينڊل ڪيو ويندو آهي. فيس بڪ تي اهڙيون بيشمار وڊيوز اچن ٿيون جن ۾ ڪنهن دهشتگرد ،ڪنهن چور يا ڏوهاريء جي گاڏيء جو پيڇو ڪيو ويندو آهي،ڪهڙيء طرح گاڏي روڪي ويندي آهي ۽ ملزم کي ٿڪائي گاڏيء مان ٻاهر ڪڍي۽ مٿي تي هٿ رکي زمين تي ابتو ليٽڻ جو حڪم ڏنوويندو آهي ۽ جيستائين هو گولي نه هلائي تيستائين پوليس گولي نه هلائيندي آهي پر هتي ته ايس او پيز جا ئي بکيا اکيڙيا ويا ۽ فائرنگ جو آخري مرحلو پهرين ئي استعمال ڪيو ويو. جيڪر هن سانحي پويان ڪا سازش نه نڪتي ۽ اهڙن معاملن کي اهڙي ئي غلط انداز ۾ هينڊل ڪيو ويندو رهيو ته پوء ٿي ويو امن امان ۽ ٺهي ويو نئون پاڪستان!بي حسيء جي انتها اها جو وزير اعظم کي اڃا تائين ايتري به توفيق ناهي ٿي جو هو ڏکايل خاندانن جي گھر وڃي انهن سان افسوس جو اظهار ئي ڪري وٺي ها ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ بابت کين ڪو يقين ڏياري سگھي ها.سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت بار بار چئي رهي آهي ته جيڪر اپوزيشن گھري ته معاملي جي جاچ لاء جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري سگھجي ٿي پر جڏهن متاثر ڪٽنب بار بار اهو ساڳيو مطالبو ڪري رهيا آهن ته خبر ناهي حڪومت کي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ کان ڪهڙي شيء روڪي رکيو آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو