ڪتاب تون ئي تون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    ڪتاب "تون ئي تون" جو سرجڻھار بخاري افضل !!

    منھنجي سنڌ جو خوبصورت ۽ پيارو لکيڪ سنڌي ادب کي شاعري جو مجموعو ڏيندڙ منھنجي سنڌ جو پيارو شاعر بخاري افضل جنھن جو تعلق "کجين" واري ضلعي خيرپور ميرس جي پياري ۽ دلڪش ڳوٺ اڳڙا سان آھي منھنجو هن سان واسطو فيس بڪ تان ٿيو جيڪو گھرائپ ۾ هليو ويو
    بخاري افضل سندس شاعري جو ڪتاب جڏھن مون ڏانھن تحفو ڪري موڪليو تڏھن کان مان کيس سندس شاعري جو مطالعو ڪرڻ لڳس
    بخاري افضل جي پھرين ڪتان "تون ئي تون" ۾ هن ڪمال جي شاعري سرجھائي آھي بخاري افضل پنھنجي شاعري ۾ سنڌ,سونھن, پيار ۽ پريت جو خوبصورت نموني سان ذڪر ڪيو آھي هن اُھو تخليقون ڪھڙي ڪيفيت ۾ سرجھايون آھن اُھو هڪ شاعر ٻيو پڙھندڙ ئي ڄاڻي سگھي ٿو
    هن جي شاعري ۾ پيار محبت امن ڀائيچاري جھڙي خوبصورت احساسن سان سرجھايل آھي
    بخاري افضل جو ڪتاب "تون ئي تون" جڏھن اسان جي هٿن جي سونھن بڻيو تڏھن مون بخاري افضل جي غزلن کي پاڻي جيان پئيڻ شروع ڪيو تڏھن سندس ئي غزل جو ڪجھ هي سٽون منھنجي دل کي چير ڏئي ويون
    جيڪي اوهان سامھون رکجن ٿيون
    هتي افضل چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو!

    تون سھڻو سڀ کان اهو سچ آهي مگر،
    سھڻو توکان منھنجو يار، اي چنڊ لھي وڃ.

    توکي ڏسڻ سان اچي ٿو ياد پرين پنھنجو،
    ۽ دل بہ ٿئي ٿي بيقرار، اي چنڊ لھي وڃ.

    سنڌ جي هر شاعر جي شاعري انڊلٺ جي رنگن جيان هوندي آهي، مختلف رنگ، مختلف خيال، مختلف موضوع ۽ کوڙ سارا خواب ۽ وري ڪجھ ساڀيائون بہ.... اهي سڀ رنگ تخليقن ۾ موجود ھوندا آھن ھر شاعر اُھا ڪوشش ڪندو آھي هن جي تخليق انڊلٺ جي رنگ جيان رنگين ٿي سڄي سنڌ کي رنگين ڪري,

    ٻئي جاء بخاري افضل چوي ٿو ته;

    جهڙ ڦڙ رنگ لاتو آهي
    ڪنھن تہ سارنگ ڳاتو آهي.

    سندس هڪ ٻئي غزل جون هي سُٺون به لاجواب آھن;

    ٿيڻو هو پيار ٿي ويو
    اجنبي ڪو يار ٿي ويو

    مون ته رُڳو توڏي ڏٺو پئي
    اکڙين منجھ خمار ٿي ويو

    بخاري افضل پنھنجي شاعري ۾ هر موضوع تي ڳالھيو آھي جيڪي هن جي شاعري ۾ انڊلٺ جي رنگن جيان چمڪي بخاري افضل جي محنت ۾ رنگ ڀريو آھي
    ڪتاب "تون ئي تون" جو مھاڳ سندس ئي ڳوٺ جي خادم عباسي ۽ تاثرات حسين تبسم بيڪ ٽائٽل زبير سومري لکيو آھي
    هن مجموعو ۾ بخاري افضل جي غزل وايون نظم شامل آهن. هي مجموعو 176 صفحن تي مشتمل آھي هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي

    اظھر امر/
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو