شفيق الرحمان شاڪر گوهر ايوب جو ڪتاب ”اقتداري ايوانن ۾ جھاتيون“ هڪ اهڙي شخص جو تاثر ڏئي ٿو جنهن سان گڏ اوهين ڄڻ ڪنهن باغ ۾ وڙڪي رهيا هجو ۽ هو اوهان کي تجربن ۽ واقعن کان سراسري طور تي واقف ڪري رهيو هجي.ڪڏهن هو سياست تي اچي ٿو ته ڪڏهن ذاتي واقعن طرف ته ڪڏهن لطيفن تي ته ڪڏهن وري ٻين جا خاڪا جوڙڻ تي لهيو پوي.انهن مان گھڻا واقعا تصديق ۽ تحقيق گھرن ٿا ۽ سياسي تڪرارن ۽ سياستدانن سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.هڪ هنڌ گوهر ايوب لکي ٿو ته سندس پيء ايوب خان جي صدر بنجڻ بعد جڏهن هو ۽ سندس گھر واري زيب ايوان صدر وڃي ساڻس گڏ ماني کائيندا هئا ته هنن ٻنهي کي ان کاڌي جو بل پيش ڪيو ويندو هو.جيڪر صدر ڪمپٽرولر آفيس مان ڪا شيء گھرائيندو هو توڙي اها سافٽ ڊرنڪ ئي ڇونه هجي ته ان جو بل به صدر کي پيش ڪيو ويندو هو.هو هڪڙو واقعو بيان ڪري ٿو ته والد صاحب چراٽ صوبي سرحد ۾ فوجي ڪمانڊوز ايس ايس جي جي دستي جي جوڙجڪ ڪرڻ گھري ٿي.هو هڪ جرمن ڪمانڊو آفيسر ڪرنل اوٽو اسڪوزيني کان گھڻو متاثر هو جنهن نهايت دليريء سان هڪ جابلو قلعي ۾ قيد اطالوي آمر ميسوليني کي هڪ هلڪي جهاز مان ٻاهر ڪڍي برلن ۾ هٽلر جي سامهون پيش ڪيو هو.والد کي خبر پيئي ته ڪرنل اسڪورزيني اسپين ۾ رٽائيرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي.ان کي ايس ايس جي کي تربيت ڏيڻ لاء پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني ويئي پر جلد ئي والد کي احساس ٿيو ته شايد امريڪين کي اها ڳالهه پسند نه اچي ان ڪري ليفيٽنٽ ڪرنل ابوبڪر کي ايس ايس جي جي تربيت جي ذميداري ڏني ويئي.يا وري سندس اها ڳالهه ته رڻ ڪڇ جي لڙائيء دوران پاڪ فضائيا بري فوج کي مدد مهيا نه ڪئي.فضائيا جي سربراهه ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڀارتي هم منصب کي فون ڪيو ته ان لڙائيء ۾ ٻنهي ملڪن جي فضائيا کي ٻاهر رهڻ گھرجي.ان واقعي کان پوء اصغر خان کي پي آئي اي جو سربراهه بنايو ويو ۽ سندس جڳهه تي فضائيا جي ڪمان نور خان حوالي ڪئي ويئي.يا وري ايف 104 جهاز جي باري ۾ اها ڳالهه ته 1965ع جي جنگ ۾ رات جي وقت حملي جي صلاحيت رکندڙ ڀارتي ڪينبرا جهازن جو پيڇو ڪرڻ لاء پاڪ فضائيا امريڪي جوڙيل جهاز ايف 104 جو خوب استعمال ڪيو پر ان جهاز سان مسئلو اهو هو جو سندس اوندهه ۾ ڏسڻ جي صلاحيت هڪ ميل کان مٿي نه هئي جيڪا نهايت ٿوري هئي.ڪراچيء ۾ سائيڪلون مرمت ڪندڙ هڪ مستريء کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن پيشڪش ڪئي ته هو ان معاملي ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.هن ڪجهه عرصي تائين ان ڪم جو جائزو ورتو ۽ پوء هن انهن جهازن جي رات ۾ ڏسڻ واري صلاحيت ۾ واقعي چڱو خاصو اضافو ڪري ڇڏيو.هڪ ٻئي واقعي جي باري ۾ هو لکي ٿو ته لڙائي دوران جڏهن هڪ ڀارتي هنٽر ماري ڪيرايو ويو ته ان جو زخمي پائيلٽ ستاويهه سالن جو فلائيٽ ليفيٽنٽ ڪي سي ڪري اپا ڀارتي فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل ڪري اپا جو پٽ نڪتو.جنرل ڪري اپا ۽ منهن جي والد جي وچ ۾ سٺي دوستي هئي سو آئون،منهنجي ماء ۽ ڀاء اختر سي ايم ايڇ پنڊيء ۾ نوجوان پائلٽ جي عيادت لاء وياسين ۽ سندس والد کي سندس خيريت جو اطلاع ڏنوسين.چئن مهينن بعد کيس واپس ڀارت موڪليو ويو.ممبئيء تي بمباريء جي حوالي سان هو لکي ٿو ته جنگ جي آخري ڏينهن ۾ منصوبو جوڙيو ويو ته مال بردار سي ون ٿري جهازن ۽ بي ستونجاهه جهازن ذريعي هزار هزار پائونڊن جا بم بمبئي تي ڪيرايا وڃن،23 سيپٽيمبر تي اها ڪاروائي ٿيڻي هئي پر ان کان اڳ ئي جنگ بنديء جو اعلان ٿي ويو.هو 1971ع جي شروع جو هڪ واقعو بيان ڪندي لکي ٿو ته جڏهن ڪراچيء جي هڪ مشهور هوٽل لاگورمي ۾ زلفي ( ذالفقار علي ڀٽو) پنهنجي هڪ دوست سان گڏ شراب پي رهيو هو ۽ ناچ گاني مان به لطف اندوز ٿي رهيو هو.ان دوران ليفيٽنٽ ڪرنل شمس الزمان داخل ٿيو ۽ زلفيء جي پاسي واري ميز تي ويهي رهيو.ٿوري دير ۾ شمس ۽ زلفيء بيلي ڊانسر تي تبصرا ۽ پوء هڪ ٻئي تي ٽوڪون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون.زلفيء ويندي ويندي شمس کي چيو ته مون کي اقتدار ۾ اچڻ ڏي پوء آئون توکي ڏسي وٺندس.شمس جو قد توڙي ڪوٽو هو پر شايد هن گھڻو پي ورتو هو ۽ هونئن به هو ڪاوڙ جو تيز هو.هن زلفيء کي چيو ته ايترو انتظار ڇو ٿو ڪرين،هاڻي ئي مون سان حساب برابر ڪري وٺ.اهو چئي شمس زلفيء جي کاڏيء تي مڪ هنئي،زلفي زمين تي ڪري پيو ۽ جڏهن اٿيو ته غصي مان ڏڪندي چيائين ته هاڻي ته آئون ضرور اقتدار ۾ اچي توکي نه ڇڏيندس.انهيء تي شمس کيس ٻه وڌيڪ ٺونشا هنيا ۽ زلفي وري ڪري پيو.جنهن به اهو منظر ڏٺو سو سڪتي ۾ اچي ويو.زلفي پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي هليو ويو ۽ شمس ويٺو رهيو.شمس ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ بعد به فوج ۾ بحال رهيو.گوهر ايوب جي چوڻ مطابق ڀٽي جو خيال هو ته هو گھٽ ۾ گھٽ ويهه سال ضرور وزير اعظم رهندو.هن وزير اعظم هائوس جي لاء جيڪي نوان ٿانو ۽ ڪٽلري گھرائي انهن سڀني تي وزير اعظم جو سرڪاري نشان اڪرائڻ بدران تلوار جو نشان ٺهرايو ويو سو ڀٽي جي معزوليء بعد سموري ڪراڪري اسٽور ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ويئي. ايوب خان جي وفات جي خبر بابت گوهر ايوب لکي ٿو ته 20 سيپٽيمبر 1974ع ۾ جڏهن منهنجي والد صاحب جي وفات ٿي ته سڀ کان پهرين خبر آل انڊيا ريڊيو نشر ڪئي جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان گھڻي دير بعد والد صاحب جو نالو وٺڻ سواء اها خبر نشر ڪئي ته پاڪستان جو هڪ اڳوڻو صدر وفات ڪري ويو آهي.الاهي بخش سومري ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي جي باري ۾ ذڪر ڪندي لکي ٿو ته جڏهن 1985ع جي چونڊن بعد پارليامينٽ جي ميمبرن جي قسم کڻڻ واري تقريب ٿيڻي هئي ته ان کان هڪ رات اڳ صدر ضياءالحق الاهي بخش سومري کي چيو ته هو في الحال ميڊيا کان پري رهي ڇو ته سڀاڻي وزير اعظم جي طور تي سندس نالي جو اعلان ٿيڻ وارو آهي.صدر جي خواهش هئي ته نالو لڪيل رهي ته جيئن ٻيا اميدوار مٿس دٻاء وڌائي نه سگھن.ايندڙ صبح پارليامينٽ جون گيلريون ڀريل هيون.الاهي بخش سومري جي چوڌاريء پارليامينٽ جي ميمبرن جو ميلو متو پيو هو جڏهن ته محمد خان جوڻيجو پوڊيم جي ويجھو رڳو هڪڙي ميمبر اسلام الدين شيخ سان گڏ اڪيلو بيٺل هو.آئون وڙڪندو وڙڪندو جوڻيجي صاحب وٽ پهتس.هن پڇيو؛ گوهر صاحب! ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون چيو؛ سومري کي نامزد ڪرڻ جون خبرون آهن.انهيء تي جوڻيجي صاحب پڇيو؛ ڇا اڃا به ڪجهه ٿي سگھي ٿو؟ان کان اڳ جو آئون ڪو جواب ڏيان اسلام الدين شيخ به جوڻيجي صاحب کان پاسي ٿي سومري صاحب واري ميڙ طرف هليو ويو.مون جوڻيجي صاحب کي چيو؛ قسم کڻڻ واري تقريب بعد اوهان ڪيڏانهن به نه وڃجو.اسان کي پنهنجي ڪوشش ڇڏي نه ڏيڻ گھرجي.قسم بعد اسان ٻئي مسلم ليگ جي صدر پير پاڳاري صاحب وٽ آياسين.جڏهن پير پاڳاري کي ٻڌايو ويو ته سومري کي وزير اعظم نامزد ڪيو پيو وڃي ته پير پاڳاري جلد ئي صدر کي پيغام موڪليو ته مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان هن کي اهو فيصلو هرگز قبول ناهي اهڙيء طرح ضياء الحق کي نه چاهيندي به عين موقعي تي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پيو ۽ پوء الاهي بخش سومري کي مبارڪون ڏيڻ وارن محمد خان جوڻيجي جوگھيراء ڪري ورتو.