• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ارسا جا تمام ميمبر احتجاجي طور تي مستعفي ٿي ويا۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستو!۔۔۔ پاڻيءَ جي بحران جتي آبڪلاڻي جي مند ۾ سنڌ جي ماروئڙن کي رت روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔۔ جتي سنڌ جا مارو پنهنجي پيارن جي ميتن کي غسل ڏيڻ جي لاءِ پاڻيءَ جي لاءِ سڪن ٿا اتي پنجاب جي سينا زوري اڃان به جاري آهي۔۔۔
اڄ صبح جڏهن ارسا جي پنجاب سان تعلق رکندڙ وقتي چيئرمين تڪراري جهلم لنڪ ڪئنال کي کولڻ جو حڪم ڏنو ته انهيءَ جي ردِ عمل ۾ ارسا جا ٻيا سمورا ميمبر استعيفى ڏئي چڪا آهن۔۔ سرحد، سنڌ، وفاق جي ميمبرن پنهنجي استعيفى جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته بلوچستان جي ميمبر به ڪيتري وقت کان احتجاج طور اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي آهي۔۔
ارسا جو وقتي چيئرمين شفقت مسعود، جيڪو ڪيتري وقت کان چشما جهلم لنڪ ڪئنال نه کولڻ واري ارسا جي فيصلي جي احتجاج ۾ ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيو هو۔۔ هاڻي وقتي چيئرمين جي عهدي سنڀالڻ ساڻ ئي اهو فيصلو ڪيو آهي۔ جنهن جي ردِ عمل ۾ سڀ ميمبر استعيفى ڏئي چڪا آهن۔
سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌي صدر هوندي به سنڌ سان ايتريون زيادتيون ڇو پيون ٿين ۽ ان جي حصي جو پاڻي پنجاب صوبي جا شرارتي ماڻهو ڊنڪي جي چوٽ تي کڻن پيا۔۔۔ ؟
 
جواب: ارسا جا تمام ميمبر احتجاجي طور تي مستعفي ٿي ويا۔۔

۽ ان کان به وڏي خبر اها ته پنجاب جو وڏو وزير چوي ٿو
”اسان پنجاب جي حصي جو هڪ ڦڙو به ٻين کي نه ڏينداسين“
هتي ٻيا ڪير آهن۔۔۔ سموري پاڪستان جي وڏي جماعت جي رهنما جو اهڙو بيان ڇا لساني ناهي۔۔۔

ڇا اسان جو وڏو وزير ٻيو نه ته رڳو ايترو چوندو۔۔
”اسان سنڌ جي حصي جو گهڻو نه سهي پر اڌ حصو هن دفعي ئي ضرور وٺنداسين“
 
جواب: ارسا جا تمام ميمبر احتجاجي طور تي مستعفي ٿي ويا۔۔

ادا اسان جي سنڌ سان پنجاب هميشه نا انصافيون ڪيون آهن مگر هن ڀيري ڏک ته اهيو آهي ته پنهنجن جي حڪومت هوندي اسان سنڌ وارا پيسجون پيا، ۽ اسان جي ڍنڊن ۽ واهن جي تمام بري حالت آهي، جنهن تي روئڻ ٿو اچي، جڏهن ته اسلام جو پڻ اهيو قانون قائدو آهي ته پاڻي جو حق پهرين پڇڙي وارن جو آهي، ڇا ؟ انهن کي ات اسلام نظر ڪو نه ٿو اچي،۔ باقي هر ڳالهه ۾ هنن کي اسلام نظر ايندو آهي۔
سنڌ جي واهن جي حالت​
4217514052_6ffab8df00.jpg

11rvyte.jpg

سنڌ دوستو ٿورو غور ڪريو ۽ ڏسو ته سائڻ عابده توهان کي ڇا ٿي چوي​
http://www.youtube.com/watch?v=n3i43mFYO-s&feature=related
 
جواب: ارسا جا تمام ميمبر احتجاجي طور تي مستعفي ٿي ويا۔۔

پنجاپ سان جيڪو خدا ڪندو اهو دنيا جي تاريخ لکيو وندو
 
Back
Top