• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ڪهڙو علاج آهي۔۔؟ ضرور پڙهو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
لاهور جي هڪ اسپتال ۾ غلط دوا جي وجهڻ جي ڪري چنيوٽ سان تعلق رکندڙ اٺ سالن جي جويريه جون ٻئي اکيون ٻاهر نڪري آيون آهن. مجبور والدين پنهنجي ڌيءَ جي علاج ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي اڌائي لکن ۾ زميندار وٽ گروي رکي ڇڏيو. چنيوٽ شهر جي رهواسي، الله يار جي ڌيءَ جويريه کي اکين جي تڪليف جي شڪايت تي لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، جتي چار ڏينهن ڇوڪري جون اکيون بلڪل صحيح هيون، پنجين ڏينهن جويريه کي اکين ۾ تڪليف محسوس ٿي، جنهن تي ڊاڪٽرن جويريه کي اکين ۾ دوا ڏني..
دوا جي استعمال سان ننڍڙيءَ جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ شروع ٿي ويون ۽ ڇهين ڏينهن ان جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. جنهن کان پوءِ اسپتال جي عملي مريض جا تمام ڪاغذ کسي کيس ڊسچارج ڪري ڇڏيو. بيوس ۽ مجبور والدين نا اميد ٿي چنيوٽ واپس هليا آيا، جتي ڌيءَ جي علاج لاءِ والد پنهنجي گهر کي ۽ گهر جي سموري سامان کي وڪڻي ڇڏيو ۽ وڌيڪ پئسن جي ضرورت تي پاڻ کي اڌائي لک روپين جي عيوض مقامي زميندار وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. الله يار پنهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ ڪنهن مسيحا جي تلاش ۾ آهي.
حد ته اها ٿي وئي آهي جو اهڙي سنگين واقعي کي پاڪستاني ميڊيا ڪوريج ڏيڻ ضروري نه سمجهيو آهي..

هي ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا ڇا ڏس ڏين ٿا۔۔ ڇا اهڙن ادارن کي پڇڻ وارو ڪير آهي۔۔؟
87111_big.jpg
 
جواب: هي ڪهڙو علاج آهي۔۔؟ ضرور پڙهو۔۔

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جـــي ۾، آزار جــــا انواع،
صاحب ڏيج شفا، ميـــــان! مريضـــــن کي۔
 
جواب: هي ڪهڙو علاج آهي۔۔؟ ضرور پڙهو۔۔

سائين اها خبر آج ٽي ويءَ جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجي ٿي۔۔
 
Back
Top