شفيق الرحمان شاڪر چوڌاريء خوش گمانين جون صدائون اچي رهيون آهن،دلين وندرائڻ واري راند وري هلي رهي آهي.چهرا بدلجي ويا آهن،چيو پيو وڃي ته ملڪ کي يورپ بنائينداسين،ان کان اڳ به ڪن اها دعوايٰ به ڪئي هئي ته ڪرپشن جو ڏوڪڙ پيٽ ڦاڙي ٻاهر ڪڍنداسين.ڏوڪڙ ته نه نڪتو پر اهي پاڻ ڪرپشن جي اونهي ڪن ۾ ڪري پيا.ڀلو ٿئي نئين ٽيڪنالاجيء جو ماضيء ۾ ڪيل هر ڳالهه ،هر دعويٰ جو ڪلپ ڪيترائي ڀيرا هلي ٿو پر نڪ جي ڏاڍائي ترقيء جي هر شڪل تي ڇانيل آهي.اسان ته پاڪستان کي پاڪستان ڏسڻ کان به سڪي ويا آهيون،اسان جون اکيون ٿڪي پييون آهن.اسان جي دل،دماغ ۽ اسان جو وجود اوهان جي دلاسن کي اميد جو ڪرڻو سمجھي ويٺو آهي.اسان کي ايڪويهين صديء جو نه ته گھٽ ۾ گھٽ ويهين صديء جو ئي پاڪستان ڏيو.پر شايد ان بدنصيب عوام جي جي نصيبن ۾ اهو لکيل ئي ناهي ڇو ته اهي وعدا ڪندڙ،اهي تسليون ۽ دلاسا ڏيندڙ اسان جا رهبر ۽ قائد جن جي آواز ۾ اسان پنهنجن خواهشن جي تڪميل ڏسون ٿا،جن کي اسان سخت گرمي ۽ سرديء ۾،برسات ۽ هوا ۾،دهشتگرديء جي خطرن ۾ قطارن مٿان قطارون ٺاهي ووٽ ڏيون ٿا،جن جي صدائن تي جانين جا نذرانا ڏيون ٿا،اهي اسان کان ملڪ جي ترقيء جي نالي تي ٽيڪس وصول ڪن ٿا،اهي اسان کان هر قسم جون قربانيون گھرن ٿا،اهي اسان کي ڪڙيون گوريون کائڻ لاء چون ٿا ۽ اسين هر بار اهي ڪڙيون گوريون کائيندا رهون ٿا پر اهي اسان سان ڪيل سمورا وعدا ڀلجي وڃن ٿا.ان بيوفا محبوب جيان جيڪو وعدو ته پورو نٿو ڪري پر ڪنهن ٻئي هرجائيء يعني دولت جي پيار ۾ ديوانو بڻجي وڃي ٿو ۽ويچارو عاشق يعني عوام دلاسن جي ڄار ۾ ڦاسي سڄي زندگي پيار جو روڳ کڻي جيئي ٿو.ڇا ڪڏهن حڪمرانن اسان کي جديد طرز جي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.ڇا انهن ڪڏهن اسان کي اسپتالن ۾ ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪڏهن انهن سوچيو ته اسان کي به سستو انصاف ملڻ گھرجي.چون ٿا ته اسان پاڪستان کي پڙهيل لکيل ۽ ترقي يافتا پاڪستان بنائينداسين پر ڏسي وٺو،اڄ به لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان پري آهن،گھٽ ۾ گھٽ 28 سيڪڙو ٻارڙا اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري نٿا سگھن.پرائمري اسڪولن کان سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو ٽٽڻ جي شرح پنجاهه سيڪڙو آهي.فاٽا ۾ 542 ڇوڪرن جا ۽ 108 ڇوڪرين جااسڪول ڪم نه ڪري رهيا آهن.سنڌ جون سورهن سيڪڙو عورتون پرائمريء تائين تعليم حاصل ڪري سگھن ٿيون.بلوچستان ۾ اها شرح رڳو اٺ سيڪڙو آهي.سنڌ جا اڪثر اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن يا وري مال جا واڙا بنجي ويا آهن.ڇا انهن حڪمرانن عوام کي جهالت جي اونداهين مان ڪڍي علم جي روشني مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پبلڪ هيلٿ ڪيئر سسٽم فلاپ ٿي چڪو،ڊاڪٽر روز روز هڙتالن تي هليا وڃن ٿا،ليڊي هيلٿ ورڪرز سندن نوڪرين کي بهتر بنائڻ جا مطالبا ڪن ٿيون پر عوام آهي جو بيمارن جو سمورو وقت انتظار،اذيت،تڪليف،رستن يا موت جي بستري تي گذري ٿو.جيڪر عوام ڪجهه ڪري به ٿو ته اهو جو حڪمرانن کي ڪجهه پٽون پاراتا ڏييو وٺي.صحت جي بجيٽ وفاقي بجيٽ جو رڳو 0.42 سيڪڙو آهي.ڪينسر،هيپاٽائيتز،پوليو،ڊينگي بخار،بلڊ پريشر ۽ شگر وغيره جا مرض ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آهن.دوائن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.علاج معالجو نهايت ئي مهانگو هئڻ سبب غريب جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويو آهي.ڇا انهن حڪمرانن کي رتيء برابر به ڪا ڳڻتي آهي ته غريب ڪيستائين ايئن جيئري دفن ٿيندا رهندا؟انصاف جي ساهمي لڏي رهي آهي،ڪنهن غريب جي جرئت ناهي جو شاهي محل جي گھنٽي وڄائي سگھي ۽ ترت بادشاه سلامت پنهنجي قانوني مشيرن سميت عدالت لڳائي غريب ڌنار کي انصاف ڏيئي سگھي.هتي ته بار بار اين آر او جهڙا ڪارا قانون ايندا رهيا،قاتل آزاد ٿيندا رهيا ۽ مقتولن جا وارث پٽيندا رهيا.ڪارو ڌن سفيد ٿيندو رهيو،شهري ڏينهن ڏٺي غائب ٿيندا رهيا،لا پتا ماڻهن جون ٻڌڻيون سالن تائين ٿينديون رهيون پر سندن گھر وارا انهن جي شڪل ڏسڻ لاء سڪندا رهيا.ڪو به قانون جڙي ٿو ته فقط ڪمزور ۽ غريب لاء،ڏاڍن لاء ڪو قانون حرڪت ۾ نٿو اچي.پوري ملڪن جي سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي ويا پر قانون سڪون جي ننڊ سمهيو رهيو.ملير نديء جي بجري وڪڻي اربين روپيا ڪمائيندڙ بااثر ۽ ظالم سرڪاري عملدار هاڻي ان ئي ملير نديء کي ڪچري سان ڀرڻ ۽ ٻيو گجر نالو بنائڻ وارو عمل تيزيء سان مڪمل ڪري رهيا آهن.ڪراچي مسائلستان بڻجي چڪو آهي.هر هنڌ گندگيء جا ڍير نظر اچن ٿا،حڪمران ٻين ڌنڌن ۾ مست آهن.سنڌ جون ٻهراڙيون پراڻن کنڊرن ۾ بدلجي چڪيون آهن.ماڻهن جي جان،مال ۽ عزت محفوظ رکڻ ۾ پوليس بريء طرح ناڪام ٿي چڪي آهي.فصل ته ٺهيو پر سنڌ کي پيئڻ جو پاڻي به نه پيو ملي.درياء سڪو پيو آهي ۽ ويچارو عوام بيوسيء جي تصوير بڻيو خدا کي ٻاڏائي ۽ حڪمرانن کي بد دعائون ڏيئي رهيو آهي.