ڪهاڻي ڪتاب ”آخري ماڻهو“ تي تبصرو جعفر شاهاڻي مون جڏھن به سندس ڪو ڪھاڻي ڪتاب، ڪالم، سھيڙيل ڪتاب، ترجمو ٿيل ڪتاب يا فيسبڪ تي تخليقي پورھيو پڙھيو آھي ته پوري توجهه سان پڙھڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ کيس ذاتي طور تي ميسيج ڪري پنھنجي پسند ناپسند جو اظھار پڻ ڪيو آھي، ڇو ته مون جڏھن بہ کيس پڙھيو آھي ته مونکي منفرد لڳو آھي. ادبي دنيا ۾ ھُن جي رڳو اھا سڃاڻپ به ناھي. ان کانسواءِ به ھُن ڪيترن ئي صنفن تي پڻ لکيو آھي ۽ ڪيترن شعبن سان لاڳاپيل پڻ رھيو آھي. جنھن جو ھُن مئي 2018ع ۾ پڌرو ٿيل پنھنجي ڪھاڻي ڪتاب "آخري ماڻهو" ۾ ذڪر به ڪيو آھي، پر نه ئي منھنجي ھُن سان ڪا ملاقات ٿيل آھي ۽ نه وري منھنجي ڪڏھن ساڻس فون تي ڳالھ ٻولھ به ٿيل آھي. تازو جڏھن سندس اهو ڪھاڻي ڪتاب "آخري ماڻهو" پڙھيم ته سندس ڪھاڻين جي موضوعن ۽ طرزِ تحرير (اسلوب) جي نرالپ لکڻ تي مجبور ڪيو. مانواري زيب سنڌيءَ جي انھي ڪھاڻي ڪتاب ۾ شروعات سائنس فڪشن فينٽيسي ڪھاڻي "ايڪٽيھين ڊسمبر" کان ٿيل آھي، جنھن ۾ هُن فرضي ٽئين عالمي جنگ ۾ انسانذات کي سائنس جي عروج تي پهچڻ سان گڏ هانوَ ڏاريندڙ تجربي ۽ انسان جي انا ڪارڻ پوري دنيا جي تباھي جو منظر چٽيو آھي ۽ اها سائنس فڪشن فينٽيسي ڪھاڻي هوندي به مڃڻ جوڳي حقيقت پڻ آهي. ان کانپوءِ ٻئي ڪھاڻي "آخري ماڻهو" انھي پھرين ڪھاڻي ايڪٽيھين ڊسمبر جي تسلسل ۾ آھي، جنھن ۾ ٽئين فرضي عالمي جنگ کانپوءِ به انسانذات جي جياپي جو تسلسل ڄاڻائيندي ڪيترن ئي پھلوئن کان سوچڻ تي مجبور ڪندي جانورن کي عقلمند ڏسيو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ اڻ ڳڻيا گمان حقيقت جو روپ ڌاريندي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. جڏھن ته محترم جامي چانڊيو انھي ڪتاب جي مھاڳ ۾ مجموعي کي ڪھاڻين ۽ افسانن جو گڏيل مجموعو لکيو آهي ۽ افساني جي فرق کي به واضح ڪيو آھي. جڏھن ته آئون انھي ڪتاب ۾ شامل شروعاتي انھن ٻنھي ڪھاڻين کي سائنس فڪشن فينٽيسي سمجهندي باقي سمورين ڪھاڻين کان مختلف ضرور سمجهان ٿو پر انھن کي افساني جي زمري ۾ آڻڻ بدران سائنس فڪشن فينٽيسي سڏڻ ئي سٺو ڀانيان ٿو ڇو ته اھي ٻئي ڪھاڻيون پڙھندي نه صرف منھنجي ذهن ۾ ڪيترن ئي ڳالھين نه رڳو جنم ورتو پر سوچيم انھي موضوع تي ٻه ڪھاڻيون لکڻ بجاءِ زيب سائنس فڪشن فينٽيسي ناول لکي ھا ته اصل واھ واھ ٿي وڃي ھا پر پوءِ به اھي ٻئي ڪھاڻيون شاھڪارُ آھن. محترم زيب سنڌيءَ جي انھي ڪتاب ۾ شامل ”دربان، انقلاب، انصاف، منھنجي قاتل کي به سزا ڏيو، بزرگ جا ٽي ڏينھن، سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس، نو گو ايريا، قاتل مسيحا، پوڙھو پٽيوالو، واريءَ جو ڪفن ۽ گم ٿيل ماڻھو“ ڪھاڻيون اسان جي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ بغير ڪنھن جي وڌاءُ جي پلاٽ جي تربيت سان ڀرپور نموني پڄاڻي تي پھچن ٿيون پر زيب جو طرزِ تحرير (اسلوب) به متاثر ڪندڙ آھي ۽ ڪيترين ئي ڪھاڻين جا موضوع رواجي ھوندي به سندس اسلوب پڙھندڙ کي رواجي موضوع يا گھٽ لکيل موضوع ھوندي به بوريت جو شڪار ٿيڻ نٿو ٿئي. موھن جي دڙي سان ثقافت کاتي جي لاپرواهي، انھي تاريخي ماڳ سان ٿيل ھٿ چراند کان ڪري اجڙڻ جي جنھن طريقي سان ”تاريخ سان ملاقات، موھن جي دڙي جو خزانو ۽ سر جان مارشل اِن ٽربل“ ڪھاڻين ۾ جنھن اسلوب سان عڪاسي ڪئي آھي سا به ڪمال جي آھي، پر محترم جامي انھن ٽنھي ڪھاڻين کي به افسانو سڏيو آھي. منھنجي خيال ۾ انھن ٽنھي ڪھاڻين مان ڪنھن ھڪ جو به افساني سان قطعي تعلق ناھي، ڇو ته خواب يا خيال ۾ ڪنھن افسانوي پروهت ڪردار جو تعلق به سڌو سنئون حقيقت سان ڳنڍڻ وڌيڪ بهتر آهي بجاءِ ڪنھن افساني سان ڳنڍڻ جي. محترم زيب سنڌيءَ جي انھي ڪھاڻي ڪتاب تي تبصرو قطعي ڪنھن تي تنقيد جو مقصد ناھي ۽ نه وري پاڻ وڻائڻ جو شوق پر جيئن هر ماڻھوءَ جي پنھنجي پنھنجي سوچ ھوندي آھي تيئن مون جيئن محسوس ڪيو ائين لکيم. منھنجي خيال ۾ آخري ماڻھو ڪھاڻي ڪتاب ۾ جيترو افساني سان لاڳاپيل ڳالهيون آھن، انھيءَ کان وڌ انھن جو سماجي المين ۽ حقيقتن سان تعلق مستقبل ۾ ممڪن آھي پر جي ڪٿي ڪٿي افساني واري جهلڪ محسوس ٿئي ته جلد ئي سماجي حقيقتن ڏانھن ڪھاڻيون موٽ به کائين ٿيون. ان کانسواءِ مون ھِن ڪتاب ۾ شامل ڪجھه ڪھاڻين ۾ فلسفي جي جهلڪ به محسوس ڪئي جيڪا مون هِن کان اڳ سنڌي ڪنھن ڪھاڻيڪار ۾ محسوس نه ڪئي آهي. سمبارا پبليڪشن طرفان پڌرو ٿيل ھِن ڪھاڻي ڪتاب جو مھاڳ مانواري جامي چانڊيو لکيو آھي جڏھن ته بئڪ ٽائيٽل تي محترمه نورالھديٰ شاھ جي راء شامل ھجڻ کانسواءِ محترم تاج بلوچ، امداد حسيني ۽ رحمت ماڃوٺيءَ جا ڪتاب ۾ مختصر رايا پڻ شامل آھن. (12 ڊسمبر 2018ع تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل تبصرو)