علي بابا ۽ اُن جي اداس شهر جو نوحو! (شوڪت ميمڻ) https://www.pahenjiakhbar.com/articles/علي-بابا-۽-اُن-جي-اداس-شهر-جو-نوحو/ جيڪڏھن علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ ٻين ٻولين ۾ ٽرانسليٽ ٿي ڇپجي ها ۽ جيڪڏھن ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ناول تي مشهور مووي ٺاهيندڙ جان اسٽرگس جهڙو ڊائريڪٽر سندس اهو ناول پڙھي وٺي ها ته اهو ڪيئن ممڪن هجي ها ته جان اسٽرگس پنهنجا سڀ ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي هتي نه اچي ها. ايڊوينچر جي ڳولها ۾ ھُو هتي ضرور اچي ها ۽ موهن جو دڙو گهمڻ کان پوءِ هو واپس هليو وڃي ها ۽ جلد ئي وڏي لشڪر سان موٽي اچي ڏوڪريءَ جي آسي پاسي هڪ خيما بستي ٺاهي ها ۽ پوءِ سندس فلم جي پهرئين سِينَ ۾ هُو ڏيکاري ها ته آريجن جي ڳوٺ وٽان هڪ سنسان رستي تان سياري جي سرد رات ۾ هڪ واٽهڙو ڍڳي تي چڙھي هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو اچي رهيو آهي... سندس فلم جو اهو سين ئي ايڏو تجسس وارو هجي ها جو ڏسندڙ ان ۾ ٻڏي وڃن ها، بک ۾ پاه ٿيندڙ ۽ ننڊ جي گهيرٽن ۾ ورتل واٽهڙو، اونداهيءَ رات ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندڙ واٽهڙو، مئل پيرن سان هلندڙ وڏن سڱن وارو ڍڳو ۽ سندس ڳچي ۾ ٻڌل ٽليءَ جو مڌر آلاپ... علي بابا جي ”موهن جو دڙو“ ناول تي ٺهيل فلم به آسڪر ايوارڊ ڪيئن نه کڻي ها پر علي بابا ارنيسٽ هيمنگوي نه هئو، نه ئي علي بابا جو ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي جان اسٽرگس جي هٿن تائين پهتو! ان ڪري علي بابا جي اک سان ڏٺل پنج هزار سال پراڻي ان منظر کي ڪير به فلمائي نه سگهيو جنهن ۾ باه جي مچ تي ڪارن اگهاڙن شودرن جي ڦرندڙ ٽولي جي وچ ۾ هڪ ننڍي نيٽي شودر نينگري وِيَم جي پيڙا کان رڙي رهي هئي.. علي بابا جي اک سان ڏٺل ڪوٽڙيءَ جي شڪاري قبيلي تي لکيل ڪهاڻي ”ٻاليشاهي“ تي به ڪنهن فلمساز جي اک پئجي ڪانه سگهي. ”دنگيءَ منجھ درياه“ ديسي زبان ۾ هوندي به ان وقت جي جاپان ۾ ٿيندڙ عالمي ڊرامن واري فيسٽيول ۾ پهرين نمبر کڻي آيو هئو. مهاڻن جي دنيا تي ٺاهيل ان ڪلاسيڪل ڊرامي جو گيت، جنهن کي ڳائڻ کان پوءِ جيجي زرينا بلوچ به مشهوريءَ جي آسمان تي اڏامڻ لڳي هئي سو اڄ به ڪنن تي پوي ٿو ته سڄي سنڌ جي سڀني پاسن جي ماڻھن سان گڏ اتر جا ماڻھو به جهوميو پون... توسين منهنجا جهيڙا، توسين منهنجا ميڙا، توکي ڏِسيو اي راڻل روحڙو پيو تڳي... اسين ماڻھو لاڙ جا... دريا جي پاڇاڙ جا... ڌڻي بخش باريجي جي ٻاليشاهين تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽريءَ ۾ ڪالھ ٻاليشاهي مسلمان ٿي وڃڻ کان پوءِ سڄڻ شيخ ٿي ويل لالُو شڪاري اڄ به علي بابا کي ساري ٿو، سڄي سنڌ جيان ٻاليشاهين جا مذهب ته مٽجي ويا پر سندن زندگي مٽجي نه سگهي، ڪالھ جا ٻاليشاهي آسمان تي اڏامندڙ ڳِجهن جا لامارا ڏسي پنهنجي پيٽ جي باه وسائڻ لاءِ مئل جانور جي پٺيان نڪري پوندا هئا ۽ اڄ جا ساڳيا شيخ ڪچري جي ڍيرن تان پنا ۽ پاٺا ڇونڊي سير اٽي جو وٺي گهر موٽن ٿا... علي بابا جي شهر ۾ سڀ ڪجھ مَٽجي ويو آهي پر ٻاليشاهين جا ٻار اڃان سوڌو اسڪول جو منهن ڏسي ناهن سگهيا.. علي بابا جي شهر جي ”هليلن“ جا باغ ختم ٿي ويا.. ”سائين هليلن جو نالو اسين ته هاڻي فقط لوڪ گيتن ۾ ئي ٻڌو ٿا“ سال ڏيڍ اڳ مري ويل ڪوٽڙيءَ جي شاعر هاشم شوري ساڻس ٿيل آخري ملاقات ۾ اها ڳالھ ٻڌائي هئي. هن چيو ته ميونسپالٽيءَ جي اڱڻ ۾ کجيءَ جو اهو آخري وڻ وڍيي به ڪيئي سال ٿي ويا آهن جن کي هليلا چيو ويندو هئو. هن ٻڌايو هئو ته ڪوٽڙيءَ ۾ کجين جا وڏا باغ هوندا هئا. انهن نرالين ۽ وڏين توڙي مٺاس ۾ مشهور کجين کي ”هليلا“ چيو ويندو هئو. هاڻي ته ڪوٽڙي شهر جي شيدين جا اهي ناچ به ختم ٿي ويا جن ۾ ٽوليون ٺاهي مُگرمانَ جي ناچ تي هُو مستيءَ ۾ ٽپا ڏئي ڳائيندا هئا، ”آيا ڪوٽڙيءَ جا هُليلا، الاڙي الا...“ پهاڪا جوڙيندڙ ان گمنام سياڻي جي جملي جي پس منظر جي مون کي ڪابه خبر ناهي، ”بيگَ تنهنجي بيگڙي، مون ڪوٽڙيءَ ۾ ڏٺي ڪانه“ ڇا اِها هڪ ڳجهارت هئي جيڪا ان سگهڙ ڏني هئي؟ جيڪڏھن اهو سگهڙ جيئرو آهي جيئرو آهي ۽ ڪوٽڙيءَ جي دريا ڪناري تي ٿيل ڪنهن مچ ڪچهريءَ ۾ اها ڳجهارت وري ڏئي ته ڏور بيتن جو بادشاه قاضي بدر ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ ۾ گم ٿي ويل بيگن جي علامتي بيگڙيءَ کي ڳولڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ مان گم ٿي ويل ”هليلن“ سان گڏ سنڌو ڪناري سالن کان بيٺل ان ”الشهباز جهاز“ جو نالو به ضرور کڻي ها جنهن جي ڊيڪ تي ويهي يارنهن سالن جي ڄمار ۾ علي بابا ”موهن جو دڙو“ ناول لکڻ شروع ڪيو هئو. پر ڪوٽڙيءَ جي شهر مان بيگن جي بيگڙيءَ وانگر رڳو ”الشهباز جهاز“ ئي گم ناهي ٿيو، هن شهر مان عبدالڪريم بلوچ جون يادگيريون به ايئن چورائجي ويون آهن جينئن ”الشهباز جهاز“ جا تختا ڪڍي قسطن ۾ کيس ختم ڪيو ويو.. ڪوٽڙي شهر ته ڇا پر سنڌ جي نئين نسل کي به عبدالڪريم بلوچ جي خبر ناهي ته هُو ڪيڏو وڏو ماڻھو هئو! پي ٽي وي جي جنرل مينجريءَ واري دور ۾ ڀرتي ٿيل لاوارث سنڌي اداڪارن جي کيپ جو اولاد اڃان سوڌو پي ٽي ويءَ تي پنهنجا پير کوڙيو ويٺو آهي. فتح محمد جي ”اوطاق“ ۾ سيد صالح محمد شاه جي غير حاضريءَ ۾ عبدالڪريم بلوچ جهڙو ماڻھو ئي ميزباني ڪري سگهندو هئو جيڪو ٽي وي جا انتظام سنڀالڻ سان گڏ سگهڙن جون گجهارتون به ڀڃي سگهندو هئو.. شهر کي کڻي ڇڏي ڏيو پر ڇا ڪوٽڙيءَ تي ڪريم بلوچ جو ايترو به حق ناهي ته ان جو نالو نئين ٺهيل پل تي سندس تصوير سان گڏ رکجي؟؟ ويسر جو مرض منهنجي سڄي وطن کي وٺي چڪو آهي، منهنجي وطن کان ڪوٽڙيءَ جو اهو اداڪار به وسري ويو آهي جنهن کي سڄي ملڪ جا ماڻهو ساقيءَ جي نالي سان سڃاڻندا آهن. اداڪار ساقيءَ جو لاهور فلم انڊسٽريءَ تي ان وقت جي قائم ٿيل ڌاڪي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو ته هُن هڪڙي فلم جي سين ۾ اسڪرپٽ کان اڳتي وڃي چيو، ”ڀائي دال کاني هي تو ڪوٽڙي ڪي حاجي هاٽل ڪي کاڪي ديکو“ فلم ڊائريڪٽر سندس ان اضافي جملي کي پنهنجي اسڪرپٽ مان ڪٽي نه سگهيو. حاجي هوٽل جي اها دال هاڻ لاهور مان ٺهيل فلم جي ان مڪالمي تائين محدود ٿي وئي آهي. هن شهر جي ستم ظريفيءَ جو ذڪر ڪندي استاد يوسف جو نالو پاڻ مرادو دل جي دفتر تي لکجي ويو آهي، ”آئون هت بند ۾ بندياڻي، لڳي ڏکڻ جي هيرَ...“ هن شهر ۾ هاڻ ”موهن ڪلپنا“ جا مائٽ ڪويتائون ناهن لکندا، هُو دڪان جي سندليءَ تي ويهي بنديءَ تي وياج تي ڏنل قرض جا حساب لکندا آهن! حسين آباد جي سامهون ڪوٽڙيءَ جي بندر وٽ جتي وڏا وڏا جهاز اچي لنگر هڻندا هئا اتي هاڻي ميونسپالٽيءَ جي نيڪال واري پاڻيءَ جي پائيپن ڀرسان جواري تاش کيڏن ٿا، سامهون سنڌوءَ جي سڪل درياه مان واري ٿي اڏامي . علي بابا جو ”الشهباز جهاز“ تختا تختا ٿي وڪامي ويو، اهو الشهباز جهاز، جنهن جي ڊيڪ تي ويهي هُن حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ مان ٿُلهي پاٺي واريءَ بنديءَ تي پارڪر پين سان لکيو هئو، " او سنڌو، تون ڌرتي ماتا جي ھمالا ڇاتين مان مٺي امرت جي ٿڃ کڻي، سون – ساڻيھه ڏي، جا ديوتائن جي ڌرتي آھي، کير سان ڀريل سوئا گانءِ جيان رنڀندي ڊوڙين ٿي، ۽ سون – ساڻيھه جي ٿرن ۾، جي ڌرتيءَ جو سرڳ آھن، ڇُلڪندڙ گھاگھر جيان پلٽي پوين ٿي... تنھنجو پاڻي اکٽ آھي !“ پر ان مها سنڌوءَ جو پاڻي به پورو ٿي چڪو، هاڻ مهاڻن جا بتيلا اداس آهن. سنڌوءَ جو اوج علي بابا جي جيئري ئي ختم ٿي ويو، توڙي جو علي بابا جو نوجوان پٽ غلام شاه به سندس جيئري ئي لاوارث ٿي مري ويو هئو پر کيس ان جو شايد ايترو ارمان ڪونه هئو، جيترو هن کي سنڌوءَ جي اوج جو ارمان هئو جيڪو هن جي هوندي ئي آهستي آهستي مري ويو. علي بابا، جنهن کان جڏھن ڪنهن پڇيو ته عُمر گهڻي اٿئي؟، هن هڪدم وراڻيو هئو، ”پاڪستان کان وڏو آهيان“ ان علي بابا پاڻ کان ننڍي پاڪستان پاران مليل صدارتي ايوارڊ کي به پنهنجي لاءِ مناسب نه سمجهي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هئو.. رياست کي پيٽ ۾ ٺونشو هڻڻ جون ڳالھيون ڪندڙ علي بابا جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سندس خواراڪ ٻارن وانگر کير جو پاءُ وارو ڊٻو هوندو هئو جنهن ۾ هُو جوس واري اِسٽرا وجهي پيئندو هئو.. ان ڳالھ جو افسوس به آخر ڪنهن سان ڪجي ته علي بابا کي ”موهن جي دڙي“ جو سڄو مواد مهيا ڪندڙ ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل لائبريريءَ مان پڻ سمورا ڪتاب چورائجي ويا ۽ عبدالله ڊي بلوچ جي ٺاهيل اسڪولن ۾ هاڻ علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪردارن يعني ٻاليشاهين جي ٻارن کي داخلا به نٿي ملي... ”بيگ جي بيگڙيءَ“ وانگر ڪوٽڙيءَ ۾ هاڻ ڪجھ به ته نظر نٿو اچي، سواءِ انهن ”ارغوني ڪٽڪن“ جي جيڪي پاڻ مرادو مهمان ٿي آيا ۽ پوءِ مالڪيءَ واري سموري سگھ حاصل ڪري ويا. هيءُ علي بابا جي ان شهر جو نوحو آهي جنهن ۾ سنڌڙيءَ کي جڏھن ڪڏھن جوکو ڏيندڙ ڪابلي ۽ قنڌاري ماڻھو اليڪشنون کٽي اڇن ٿا پر شڪاريءَ مان شيخ ٿي ويل سڄڻ جي پٽ کي اسڪول جو مسلمان ماستر داخلا نٿو ڏئي.. اِها منهنجي هُن سان آخري ملاقات هئي، ادبي بورڊ جي مهمان خاني ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ علي بابا به آيل هئو، بينظير جي شهادت واري رات کان ڪي راتيون اڳ جي ڳالھ هوندي، ڊسمبر جي پڇاڙڪين راتين ۾ سنڌ ادبي بورڊ جي اڱڻ تي باه تي هٿ سيڪڻ کان پوءِ سيڪريٽري بورڊ سمهڻ هليو ويو هئو ۽ مون سوڀي گيانچنداڻيءَ کي پيناسونڪ جو پراڻو ريڊيو کولي ڏنو هئو، مهاپاره صفدر جي ماٺ کان پوءِ ”سيربين“ جو ساز وڄي رهيو هئو.. مون پنهنجو وات سندس ڪَنَ جي ويجهو ڪري ذور سان کانئس پڇيو، ”سوڀا، پوءِ جڏھن رابندر ناٿ ٽئگور تنهنجو تعارف ڪرائيندي ماڻھن کي ٻڌايو هئو ته هي آهي موهن جي دڙي جو ماڻھو (a man from Mohen jo daro) تڏھن توکي ڪيئن لڳو؟“ سوڀو گيانچندائي خاموش ٿي ويو، هن هڪ نهار علي بابا ۾ وڌي، هُو کير جي ڊي مان اسٽرا سان آخري سرڪون سوسڙاٽ ڪري ڇڪي رهيو هئو،سوڀي ڪجھ چوڻ ٿي چاهيوپر سندس چپن ساڻس ساٿ نه ڏنو، هن سيربين جو ساز ختم ٿي چڪو هئو، هُن پنهنجون پنبڻيون هيٺ ڪري ڇڏيون. مون سندس خاموشيءَ جي زبان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي لڳو ڄڻ چوندو هجي، ”اصل موهن جي دڙي جو واسي ته علي بابا آهي“ يا ڄڻ چوندو هجي، ”نه نه، آئون اڪيلو موهن جي دڙي جو رهواسي ناهيان. علي بابا به منهنجو ڳوٺائي آهي!“