جيئن ته مان هن فورم تي نئو آهيان مان کي ڪجھ سنڌي لکڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي۔ مان جو نالو همانگير سولنگي آهي۔ منهنجو اصل ماڳ شڪارپور آهي اسان جو ٽائون ڊکڻ آهي۔ هن ٽائيم مان ڪراچي ۾ رهان ٿو۔ مان ايم اي اڪنامنڪس ۾ ڪئي آهي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي آهي۔ جيئن ته مان 2008 کان پاڪستان ميرين اڪيڊمي گورنمينٽ آف پاڪستان ۾ بحيثيت ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڪم آفيس اسٽنٽ اڪائونٽس برانچ ۾ سروس ڪري رهيو آهيان۔ جيئن ته آ ءگورنمينٽ آف پاڪستان منسٽري آف پورٽس ۽ شپنگ مان سي مين جو ڪورس پڻ ڪيو آهي۔ ۽ توهان سنڌي ڀائرن جي دعا جو طلبگار آهيان مان 2011 ۾ جي اگر خدا چاهيو ته آ سي سروس جوائن ڪندس ۽ پنهنجي سنڌي قوم جي نمائندگي ڪندس۔ ان رستي پوري دنيا جو سير به ڪندس انشاالله (آمين) ۽ مان انشاالله هن فورم جي ذريعي سکندس ۽ اوهان کي پنهنجي به ناليج ڏيندس۔ دعا ۾ ياد
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ ادا همانگير صاحب توهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي منهنجي طرفان ۽ سنڌ سلامت جي تمام ساٿين طرفان ڀلي ڪار چئجي ٿي، توهان جهڙا پڙهيل لکيل ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ڪندڙ ساٿين جي اسان جي فورم تي تمام گهڻي ضرورت آهي، اميد ته توهان جهڙا همانگير ماڻهون اسان جي فورم تي ايندا رهندا ۽ پنهنجي ڪرڻي ڀريندا رهندا،
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ سڄڻ آيا ، ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ ڊکڻ شهر جا سهڻا دوست، سولنگي، سنڌ دوست اوطاق تي اچڻ سان اوهانکي ڀليڪار چئجي ٿي، ماشاء الله اوهان نه فقط تفصيلي تعرف ڪرايو بلڪه اسانکي اهو آسرو به ڏنو ته اوهان سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندا ۔۔۔ ڀائڙا آءُ ننڍڙي لاءَ جڏهن لاڙڪاڻي کان شڪارپور يا سکر ويندو هيس ته ڊکڻن واري لاري اڏي تي جيڪو شهر جي ٻاهران هوندو هو، اچي لاري بيهندي هئي ته آءُ هيٺ لهي مائو وٺي روڊ جي ڀر ۾ بيٺل ٻٻرن جي، نم ۽ سرنهن جي ڇانوَ ۾ بيهي ڊکڻ شهر جو نظارو ڪندو هيس۔ ۽ تتل ڏينهن ۾ ڊکڻن جي آس پاس جي هوا کائيندو هيس۔ خئير اها ته ٿي ”ڪاغذ جي ڪشتي، ۽ بارش جي پاڻيِ واري ڳالهه ۔۔۔“ اميد ته اوهانکي هن اڱڻ تي تمام گهڻو ڪجهه پرائڻ لئه ملندو، بس شرط اهو آهي ته ساٿ سلامت رهي ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ شڪارپوري دوست محترم جناب همانگير سولنگي صاحب کي سنڌسلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ ادا همانگير سولنگي صاحب اسان اوهان کي هن اوطاق تي ڀليڪار چئون ٿا۔ توهان جهڙا پڙهيل لکيل ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ڪندڙ ساٿين جي اسان جي فورم تي تمام گهڻي ضرورت آهي، اميد ته توهان جهڙا همانگير ماڻهون اسان جي فورم تي ايندا رهندا ۽ پنهنجي ڪرڻي ڀريندا رهندا۔ ساٿ سلامت رهي ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ واه واه همانگير زبردست ڌماڪي سان آخر اوهان پهچي ويا سنڌ سلامت جي اوطاق تي ڏس آهن نه ماڻهو محبتي۔ مان اوهان کي هتي اچڻ تي ڀلي ڪار چوان ٿو۔ اوهان جي تصوير ته نه لڳي آهي اڃا پروفائيل تي۔؟؟؟؟
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ محترم همانگير سولنگي صاحب سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔ مٺا توهان جون ڪجهه تحريرون نظر مان گذريون۔۔۔۔ جيڪي توهان اسلام زنده باد سيڪشن ۾ موڪليون آهن۔۔۔ دوست توهان کي ٿورو آگاهي ڏيندو هلان ته مذهب تي ايندڙ هر تحرير کي پهريان منظوري لاءِ رکيو ويندو آهي۔۔۔ ڇو ته سنڌ سلامت فورم تي هر فرقي سان تعلق رکندڙ دوست موجود آهن ۔۔۔ ان ڪري اهڙي تحرير کي منظور نه ڪيو ويندو آهي جنهن سان ڪنهن ٻئي فرقي جي دل آزاري ٿيندي هجي۔۔۔ توهان جي موضوعن کي پڻ پاڻمرادي عمل طور پهريان انتظاميه جي منظوري لاءِ رکيو ويو هو ۔۔۔ موضوع ظاهر نه ٿيڻ جي ڪري ٿي سگهي ٿو توهان کي ڪا الجهن ٿي هجي۔۔ بحرحال توهان جي معلوماتي ليکن کي منظور ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي۔۔۔ جڏهن ته توهان جي انگريزي ۾ موڪليل مواد کي منظور نه ڪيو ويو آهي جو سنڌ سلامت خالص سنڌي فورم آهي ۔۔۔۔ بهتر رهندو پنهنجي انگريزي مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري موڪليو۔۔۔۔ اميد ته اهڙي طرح فورم تي پنهنجي مفيد ليکن کي موڪليندا رهندا ۽ فورم تي ايندڙ ٻين موضوعن جي بحثن ۾ به بحرو وٺندا رهندا۔۔۔
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ ادا سولنگي صاحب۔ توهان کي هن فورم تي اچڻ تي سنڌ سلامت فورم ۽ مون پاران ڀليڪار۔ اسان کي خوشي آهي ته توهان جهڙا دوست هن فورم تي اچي اسان جي هن محفل کي نوان سنيها ۽ سنگتي ساٿ ڏين ٿا۔ اميد ته توهان باقاعده پنهنجيون لکڻيون موڪليندا رهندا۔
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ ادا همانگير سولنگي صاحب۔۔ سنڌ سلامت جي هن مست طرفان اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چئجي
جواب: السلام عليڪم سڀ سنڌي ڀائرن کي۔ هماگير سولنگي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون توهان جو تفصيلي تعارف پڙهي ڪري خوشي محسوس ٿئي ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ