لڙڪن سان لبريز خط ڪتاب تي تبصرو، جعفر شاهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ جعفر شاهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2019۔

  1. جعفر شاهاڻي

    جعفر شاهاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2019
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو: عمرڪوٽ
    لڙڪن سان لَبريز خط ڪتاب تي تبصرو
    جعفر شاهاڻي.
    ماڻهن جي هجوم اڳيان اسٽيج تي لائٽن جي جهرمر تي پيرن ۾ گهنگهرو پائي، دل لُڀائيندڙ لباس سان مئچ ڪندڙ لپ اسٽڪ لڳائي ناچ ڪندڙ رقاصه جي جيتوڻيڪ سڄي بناوٽ مصنوعي هوندي به جڏهن سامهون ويٺل ماڻهو ڄمي وڃڻ وارو تاثر به ڏين تڏهن به هڪ اهل دل ۽ باضمير ليکڪ انهي منظر دوران به معاشري جو مرض شناس طبيب بڻجي گهڻو ڪجهه ڳولي لهندو آهي. بنيادي طور تي ڪوبه ليکڪ ڀلي ڪيترو به وڏو فن ۽ فڪر جو ڄاڻو ٿي وڃي، پر جيستائين ان ۾ سڄڻ ۽ ساڻيھ جي سڪ ۽ ڇِڪ نه هوندي تيسين اهو قلمڪار پنهنجي اصل مقام تي نٿو پهچي سگهي. امر رائيسنگهه راجپوت به سٻاجهي سنڌ جي وارياسي سر زمين سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو ئي نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جي تحريرن ۾ ڌرتي، سرتيءَ جي هڳاءُ ساڻ جيجل ماءُ سان محبت جي انتها ۽ ديس جي درد کي جيئن محسوس ڪيو آهي تيئن محسوس به ڪرايو آهي.
    جيتوڻيڪ خطن وارو دور هاڻ اسان سڀني لاءِ ياد ماضي بڻجي چڪو آهي، پر روشن خيال ادب دوست ئي انهي دور جي علامت کي زنده رکيو اچن. ان حوالي سان مختلف ادب دوستن ۽ سياسي شخصيتن جا خط يا خط ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ته منهنجي نظر مان اڳ به گذريون آهن پر ادب ساڻ تصوراتي خطن جو گڏيل مجموعو ”لڙڪن سان لبريز خط“ پڌرو ٿيندڙ منهنجي خيال ۾ تصوراتي خطن جو پهرون گڏيل مجموعو سنڌي ساهت ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جيڪو ديس واسين جي دردن سان لبريز آهي. هِن ڪتاب ۾ شامل ڪُل 29 مختلف نوعيت جا خط آهن، جن سان امر رائيسنگهه راجپوت ڀرپور نموني نڀاءُ ڪيو آهي. ڪيترن ئي خطن جي اُڻت اهڙي ٿيل آهي جو انهن کي ٿورو ڦير ڦار ڪجي ته سولائي سان خط ڪهاڻيون به ٿي سگهن پيون.
    امر جي هن ڪتاب ۾ سڀئي خط هونئن ته وڻندڙ سادي اسلوب سان ڀلا آهن پر جيجل ماءُ سان شايد ڪجهه وڌيڪ چاھ اٿس، جنهن ڪارڻ مجموعي طور جانچيو وڃي ته اهو ساهميءَ جو پُڙ وڌيڪ وزندار محسوس ٿئي ٿو. لڙڪن سان لبريز خط ڪتاب ۾ شامل خطن ۾ جتي خودڪشي ڪندڙ عورت جي کيسي مان مليل خط به آهي ته، هڪ حساس دل پُٽ جو پنهنجي ماءُ ڏي خط به آهي، نئين پرڻيل ناريءَ جو پنهنجي جيجل ڏي خط به آهي ته، قصور ۾ بيدردي سان مارجي ويل زينب جو پيءَ ڏانهن خط به آهي پر مجال آ جو ليکڪ ڪٿي ورجاءُ ڪيو هُجي يا جان ڇڏائڻ واري ڳالهه ڪئي هجيس، جنهن جو اندازو هر خط بغور پڙهي هرڪو لڳائي سگهي ٿو. امر جي هِن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي صفا نه رڳو قهر جو نثر به آهي، ته ٻوليءَ جي بقاءُ وارو خيال به سندس خطن مان جهلڪي ٿو گڏوگڏ سندس خطن متعلق مجموعي راءِ اها بيهي ٿي ته کيس ڌرتي ماءُ ۽ جيجل ماءُ سان بي انتها محبت اٿس، جنهن ڪري لڙڪن سان لبريز خط سمورو ڪتاب ديس وارن جي دردن سان ٽمٽار آهي، جنهن لاءِ چند چونڊ خطن مان ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.
    * پاڻ کي ڪهڙي خبر ته وياج ڏينهن رات سمهندو ئي ناهي، اها خبر هجي ها ته پاڻ سمهون ئي ڪونه ها. وياج وڌندو ويو ۽ پاڻ قرضو ٿي ويا سين. قرضو چڪائڻ لاءِ ڪا شي نه هئي، نيٺ تو منهنجي ڳچي جي هنسلي گُهري، جيڪا آئون جيئري نه ٿي ڏئي سگهيس، ان ڪري مون کي مرڻو پيو... احساس کان وانجهيل ماڻهن کي ڪهڙي ڪَل ته ڪڏھن ڪا معمولي وَستُو به وڏي اهميت اختيار ڪري ويندي آهي... اها هنسلي جيڪا منهنجي ماءُ جي ڏنل آخري نشاني هئي.
    *پاڙي واري مائي اهو چئي اٽو نه ڏنو هو ته اوهان واپس ڪنهن مهل ڏيندا...؟ خالي تسيو ۽ ڀريل نيڻ کڻي واپس آئي هيس. تو چيو هو اڄ ورت ٿا رکون. مون چيو هو ورت ته ڏينهن جو رکندا آهن. تو سُڏڪندي وراڻيو هو پگلي! غريبن جون گهڻيون راتيون روزن ۾ گذرنديون آهن.
    امر جو هيءُ خودڪشي ڪري مري ويندڙ عورت جي کيسي مان مليل تصوراتي خط رڳو تصوراتي خط ناهي، جنهن ۾ مرندڙ عورت خودڪشي جو ڪارڻ بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ماضيءَ جو مفسليءَ وارو درد به بيان ڪري وئي آهي. امر جو هيءُ خط اسان جي معاشري جو عڪس آهي، جنهن ۾ بيوسي، بک ۽ معاشرتي بڇڙائي تان پردو کنيل آهي.
    * ٻار کي مزوري تي موڪلڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي بيوسي هوندي آهي...!
    * ڏاهو ٿي ڪنهن ڪمايو ناهي، چريو ٿي ڪنهن وڃايو ناهي... (چوڻي)
    *ان ڏينهن کان پوءِ آئون ڪڏهن به ڪنهن ميلي تي ناهيان ويو. رانديڪا مون کي غريبن جي ٻارن جا لاش لڳندا آهن.
    *مون کي انب غريبن کي ڏنل ڏاتار جو ڏنڀ لڳندا آهن.
    مٿي ڏنل چونڊ ٽڪرن مان هڪ ته هوليءَ تي پهچي نه سگهندڙ پورهيت جو پنهنجي پُٽ ڏانهن لکيل خط مان ٽڪرو ورتل آهي ۽ ٻيو هڪ دراوڙ ماءُ جي دانهن مان کنيل ٽڪرو آهي، جن ۾ سادي اسلوب سان غضب جو نثر آهي. ٻار کي مزوري تي لڳائڻ وارو الميو ته اسان سڀني جي سامهون آهي پر اها دنيا جي وڏي بيوسي آهي، اها ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه ۽ عالمي سچ به آهي. ان کانپوءِ رانديڪن کي ٻارن جي لاشن سان ڀيٽڻ به ساڳئي مزوري تي وڃڻ واري ٻار مثل سياسي، سماجي، مهذبي معتبرن لاءِ اڻوندڙ به آهي ته انب ڏاتار طرفان ڏنل ڏنڀن واري ڳالهه ساڳئي ماڻهن جي مُنهن تي چماٽ پڻ آهي.
    نثار بلوچ جي خط جي جواب ۾ لکيل سڄو خط ٿر جي سياسي، ادبي، علمي ۽ معاشرتي المين جو ميڙ ۽ ڏوراپو آهي، جنهن سان امر ٻين شخصي خطن کان هن خط ۾ وڌيڪ اثرائتي نموني نڀايو آهي پر ڪن ڳالهين ۾ اهو خط پڻ مونکي سڄي سنڌ جي المين جو عڪس محسوس ٿيو آهي. امر رائيسنگهه راجپوت جي هِن لڙڪن سان لبريز خط ڪتاب جو وايو منڊل انهن ڏتڙيل ماڻهن جي چڪنا چور ٿيندڙ خوابن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ توهان کي ٽهڪ ته ورلي به ڪونه ملندا پر سڪرات وقت مرندڙ ماڻهوءَ جي پيڙاءُ، جدائي جو جام پيئندڙ مائرن، ڀينرن، ڌيئرن، پٽن جا اُهي سُڏڪا، آهون ۽ دانهون ضرور محسوس ٿينديون جيڪي اسان جي معاشري ۾ ناسور بڻيل آهن. امر جو هيءُ لڙڪن سان لبريز خط ڪتاب سنڌ جي انهن المين جو ميڙ آهي جيڪي روز اسان ٽيليويزن تي ڏسون ۽ اخبارن ۾ پڙهون ٿا.
    ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان پڌرو ٿيل 160 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جو مُهاڳ عزيز گل لکيو آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي اشرف ڪنڀار جي راءِ شامل پڻ آهي.
    Jaffarshahani155@gmail.com
    (14 فيبروري 2019ع تي هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيل تبصرو)
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو