اک نماڻي ڪجل سُڏڪا ڪتاب تي تبصرو جعفر شاهاڻي. گهڻو ﺍڳ ﺟڏﻫﻦ آئون ساڻس ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭜﻴﺮﻭ ﻣﻠﻴﻮ هئس، ﺍن وقت ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻋﻠﻢ ﻋﺮﻭﺽ ﺳﮑﮡ ﺟﻮ ﻭڏﻭ ﺟﻨﻮﻥ ﻫﻮ ۽ انهي دوست جي طرفان ميزبان جي حيثيت ۾ ڏنل محبتون به وسارڻ جهڙيون ناهن، نه وري سندس سوچ ۽ لوچ ۽ شاعريءَ سان عشق جي انتها وسارڻ جوڳي آهي. اڄ انهي ڳالهه کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ انهي پهرين ملاقات کان پوءِ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺍڪﺜﺮ ﻓﻮﻥ ﺗﻲ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ به ﭤﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﺭﻫﻴﻮﻥ ﺟﻴڪﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻮ ﺗﻴﺌﻦ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺁﻫﻦ، پوءِ کڻي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ڪري ڪيڏيون به دشواريون ڇو نه محسوس ٿيون هجن پر اسان جو نينهن نبارُ ئي رهيو. شاعري بنيادي طور تي هَٽُ جو وکر ناهي، نه وري زور زبردستي ”هَمُ نَه تُمَ“ ڪري اَڪُ جي ماکي لاهڻ وانگر آسان به آهي. حقيقت ۾ شاعري زندگيءَ جو حُسن به آهي، ته زندگيءَ جي سُٺن پهلوئن کي اجاگر ڪري معاشري ۾ ٿيندڙ چڱاين ۽ مدائين کي ٿورن لفظن ۾ ماپ تور ڪري ماڻهن اڳيان پيش ڪري پنهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ جو اعليٰ نمونو به آهي، ته اگهور ننڊ ۾ سُتل هٿ وس هجڻ وارن ماڻهن کي حق ۽ سچ جو احساس ڏيارڻ جو ذريعو پڻ. باشعور قوم جي باشعور باشندن لاءِ شاعري انقلاب يا آزادي جهڙين اتم سوچ رکندڙ ماڻهن ۾ اتساھ پيدا ڪري پنهنجي منزل تي پهچڻ جو سڌو دڳ به ثابت ٿي آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال پڻ موجود آهن. اسان وٽ شاعريءَ ۾ جتي جدت جو لاڙو روز بروز وڌندو رهي ٿو، اتي جيتريون آڱريون شاعريءَ ڏانهن کڄن ٿيون شايد ٻئي پاسي ايترو ڪنهن جو ڌيان نه هجي پر پوءِ به ڪجهه الڳ ڪﺮﻱ ڏﺳﮡ ﺟﻲ ﺟﺴﺘﺠﻮ ﺭﮐﻨﺪڙ کوڙ سارا ادب دوست آهن جيڪي پاڻ پتوڙيندا اچن. انهن ادب دوستن ۾ منهنجي انهي دوست ”ﻋﻠﻲ ﻋﺎﺟﺰ ﺷﺮ“ جو نالو به ڳڻجي ٿو، جيڪو زندگيءَ جي ڪاروهنوارُ ۽ دنياداري کي مُنهن ڏيندي پاڻ پتوڙيندو اچي. علي عاجز جو ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺷﻌﺮﻱ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ’’ ﺍﮎ ﻧﻤﺎﮢﻲ، ڪﺠﻞ ﺳُڏڪﺎ ‘‘ ﻫڪ ﺋﻲ ﺑﺤﺮ ﻭﺯﻥ ﻓﺎﻋﻼﺗﻦ ﻣﻔﺎﻋﻠﻦ ﻓﻌﻠﻦ (ﺑﺤﺮ ﺧﻔﻴﻒ ﻣﺴﺪﺱ ﻣﺨﺒﻮﻥ ﻣﺨﺬﻭﻑ) تي 110 ﻏﺰﻟﻦ تي مشتمل پڌرو ٿي چڪو آهي، جيڪو کيس نمايان ڪرڻ جو پختو دليل آهي ته انهي وزن تي هِن کان اڳ سنڌي ساهت ۾ سعيد ميمڻ جو ”ازل جو آڏاڻو“ ۽ سعيد سومري جو ”اڌ خيال جي خاڪ“ ڪتابن کان پوءِ انهي هڪ ئي وزن تي ٽئين ڪتاب جو تاج سندس مٿي تي آهي. علي عاجز شر پنهنجي هِن شعري مجموعي ۾ جتي پيار پنهنجائپ، انسانيت، امن ۽ سلامتي جي پرچارُ ڪندي نظر اچي ٿو، اتي معاشرتي بڇڙاين ۽ قومي مسئلن تي به فڪر ۽ فن کي مدنظر رکندي خوب نڀايو اٿس. حقيقت ۾ سڄڻ ساڻيھ جي فڪرمندي ۽ من اندر جي لوچ به انهن خوش نصيبن کي قدرت طرفان سوغات ۾ ملندي آهي، جن جو من اُجرو هوندو آهي ۽ عدد ناھ عشق، پڄاڻي پاڻ لهي جي پروڙ هوندي به ڏينهن رات جاکوڙيندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ علي عاجز شر جو هيءُ پهريون قلمي پورهيو آهي ۽ سندس ڪوتا انهي ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي، وٽس ڏات سان ڏانءُ به آهي. هاڻ درياھُ لاٿ ۾ آهي، سوچ ۾ گم سماج سارو آ. *** اک نماڻي هئي ڪجل سڏڪا، ڍنڍ پاڻي نه هو ڪنول سڏڪا. *** باھ فرقن سندي ٻري هتڙي، هيل آهن ثواب سڏڪن ۾. روڪ اسڪول تي پئي آهي، ڇوڪريءَ جا ڪتاب سڏڪن ۾. يا هن عدالت وڃي ڪيو پرڻو، دربدر هاڻ ڏاج سارو آ. سندس ڪوتا مان مٿي ڏنل انهن چند شعرن مان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس سوچ جي نه رڳو وڏي اڏام آهي پر سندس اعليٰ آدرشن جي سڃاڻپ پڻ واضح آهي. جيڪڏهن علي عاجز شر انهي جستجو سان پاڻ پتوڙيندو رهيو ته سنڌي ساهت ۾ منفرد نماچارُ کان کيس ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. مون کي ويساھ آهي سندس هيءُ پهريون شعري مجموعو اک نماڻي، ڪجل سڏڪا کيس وڏو اتساھ ۽ سنڌي ساهت ۾ الڳ مقام تي بيهارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ساڻ نئين ٽھيءَ جي فني سکيا ۽ تقطيع ۾ رهنمائي پڻ ڪندو. ڪنول پبليڪيشن ﻗﻨﺒﺮ ﻃﺮﻓﺎﻥ پڌرو ٿيل هِن ڪتاب ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺳﻴﺎﻝ ﺣﻴﺎﺕ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ۽ بيڪ ٽﺎﺋﻴٽﻞ ﺗﻲ ﺁﭘﺎ ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺠﻴﺪﻱ ﺟﻲ ﺭﺍﺀِ ﺳﺎﮠ ﻓﻠﻴﭗ ڪﻮﺭ ﺗﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺁﺳﻲ ﺯﻣﻴﻨﻲ، ﻣﺎﻳﺎ ﺳﺎﮔﺮ ﺍﻭڏ، ﺍﺻﻐﺮ ﺷﺮ ۽ ﻧﺜﺮ ﻧﻮﻳﺲ ﺍﻳڊﻭﻭڪﻴٽ ﻣﺤﻤﺪ ﻳﻌﻘﻮﺏ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺟﺎ ﺭﺍﻳﺎ ﭘﮡ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ. Jaffarshahani155@gmail.com (6 فيبروري 2016ع تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل تبصرو)