بي حسي ۽ احساسن جو جهان!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بي حسيء جو زهر هڪ نشي جيان آهستي آهستي رت ست ۽ نس نس ۾ لهي ٿو ته نيٺ انسان کي جيئرو جاڳندو لاش بنائي ڇڏي ٿو.هر خود غرض ۽ مفاد پرست بي حس ٿيندو آهي ۽ هر دردمند هڪ حساس دل جو مالڪ هوندو آهي. بي حسي اها آهي جو انسان پنهنجي ظاهري ۽ باطني ذميدارين کان غافل ٿي وڃي. ظاهري ذميداريون بندن جي حقن سان جڏهن ته باطني ذميداريون الله جي حقن هيٺ اچن ٿيون.ظاهر ۽ باطن،ٻاهر ۽ اندر جو اهو فرق رڳو سمجھڻ لاء آهي.جڏهن سمجهه مڪمل ٿئي ٿي ته اهو فرق مٽجي وڃي ٿو،تفاوت ختم ٿي وڃي ٿو.ظاهر ۽ باطن ۾ لاڳاپو ضرور آهي پر انهيء لاڳاپي ۾ هميشگي ڪانهي.ظاهر ۽ باطن جو فرق رڳو انساني شعور جو فرق آهي نه ته حقيقت ۾ حقيقت رڳي هڪڙي آهي ۽ اها حقيقت ئي حق آهي.جنهن ۾ دوئيء جو شڪ ناهي.اهڙِيء طرح بندن جا سمورا حق به الله جا حق ئي آهن ڇوته بندا سڀ جا سڀ الله جا بندا ئي ته هوندا آهن.بي حسي حقن جو نعرو ته بلند ڪندي آهي پر پنهنجن فرضن جي آواز تي ڪن نٿي ڏئي.هڪ حساس دل فرض ته ڇا نفل به ادا ڪرڻ ۾ مست رهي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو اها دل اڪثر قرب خداونديء جي محل ۾ رهي ٿي.احساس انسان جي اندر قافلي جو رهبر آهي جيڪو قافلي کي منزل طرف هروقت گامزن رکي ٿو.جنهن احساس کي سمهاري ڇڏيو تنهن پنهنجي ضمير کي سمهاري ڇڏيو.جڏهن ضمير سمهي رهي ٿو ته ڪن ٻوڙا ۽ اکيون انڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ نصيحت ڪندڙن جو سمورو ڪم ۽ ڪلام ڪنهن صحرا ۾ اڀريل آواز مثل وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو سڌارو ڪندڙ ۽ سماج کي سنواريندڙ جو سمورو ڌيان انسان جي اندر جي احساس جي جوت جاڳائڻ تي لڳل رهندو آهي.سزا جي ٽڪٽڪيء تي ٻڌي ڪوڙن سان ڇلڻ منتظمن جو ڪم آهي پر مصلحن جو ڪم رڳو ضمير کي جھنجھوڙڻ هوندو آهي.دراصل حال جي سڌاري جو تعلق خيال سان آهي ۽ خيال جو تعلق باطن سان آهي.باطن اصل آهي ۽ ظاهر ان جو نقل آهي.اصل کي ڇڏي نقل پويان پوڻ هڪ نقلي ڪم آهي.وجود کي ڇڏي پاڇي تي ڏنڊا وسائڻ سان ڪجهه حاصل نٿو ٿئي.اصل ڪم سڌارو آهي ۽ سڌاري ۾ خيرخواهي هوندي آهي.

    احساس هڪ نعمت آهي.درد جي دولت وڏي دولت آهي.ان ڪري دردمند دولتمند هوندو آهي ۽ بي حس سڃو ٿيندو آهي.سماج ۾ غربت ڏوڪڙ پئسو گھٽ هئڻ سبب نه پر بي حسيء جي وبا پکڙجڻ سبب وڌي ٿي.انسان بک ته برداشت ڪري سگھي ٿو پر پنهنجن جي بي رخي برداشت نٿو ڪري سگھي.جڏهن اسان پنهنجي آسپاس جي ماڻهن کان غافل ٿي ويندا آهيون ته ماڻهو غريب ٿيڻ لڳندا آهن.وطن ۾ رهندي به غريب الوطن ڪري ڇڏيندڙ شيء پنهنجن جي بي حسي آهي.جڏهن کان انسان احساس جي صحرا مان نڪري بي حس عمارتن ۾ پناهه ورتي آهي،عمارتن ۽ امارتن جي مليل ڀڳت سان شهرن م غربت ٽٽي پيئي آهي.جيڪر هر شخص پاڻ کان غريب رڳي هڪ ماڻهوء جو هٿ پڪڙي وٺي ته زندگيء جي شام ٿيڻ کان اڳ غربت ختم ٿي وڃي . ڪوبه غريب اهڙو ناهي جنهن کان وڌي ڪري ڪو غريب نه هجي ۽ ڪو امير اهڙو ناهي جنهن جي ڀيٽ ۾ ڪو ٻيو امير نه هجي. احساس خاموش ضرور هوندو آهي پر وسرندو ناهي.خاموشيء جي اونهي ساگر ۾ بڏي وڃڻ باوجود به احساس جي ٻارهن دري نيٺ واپس ٻاهر نڪري نروار ٿئي ٿي.بي حسي رڳو چرٻ زبانيء جو هنر ڄاڻي ٿي.بي حس ماڻهو پنهنجي چرٻ زبانيء سان پنهنجا عيب لڪائيندو آهي ۽ ٻين جي پولن جي ڍنڍوري جو دهل وڄائيندو آهي.بي حسي دردمنديء جي عظمت کان اڻ واقف رهي آهي ڇوته دردمندي پردي پويان پنهنجي مزاج ۾ عيب ڍڪيندڙ هوندي آهي. بي حس انسان پنهنجو گھر،پنهنجو ملڪ ڇڏي غيرن جون وسنديون وسائڻ لاء هلي پوندو آهي.هتي پنهنجن جي ڪم نٿو اچي پر هُتي غيرن جي غلامي قبول ڪري وٺي ٿو.بي حس ماڻهو لذتن جي سواري ترڪ نٿو ڪري توڙي جو کيس ان جي قيمت سڄي عمر جي غلاميء جي صورت ۾ ادا ڪرڻي ڇو نه پوي.هڪڙي لذت کان نجات هزار غلامين کان نجات آهي.ڪنهن لذت کي زير ڪرڻ اصل ۾ ڪنهن ايندڙ ممڪنا زوال جي پيش بندي ڪرڻ آهي.پنهنجو پاڻ کي فتح ڪرڻ جو عنوان رڳو ڪنهن حساس دل ۾ ئي جڳهه پائي ٿو.خواهش کي فتح ڪرڻ اصل ۾ پنهنجي وجود جي راڄڌانيء ۾ راڄ ڪرڻ آهي.خواهش جي اثر هيٺ اچڻ وجود هٿان غلام بنجڻ آهي.انسان جي عظمت حيواني جبلتن تي فتح حاصل ڪرڻ ۾ لکي ويئي آهي.علم جو سمورو داستان حيواني سطح مان نڪري روحاني سطح تي فائز ٿيڻ ۾ لکيل آهي.انسان هئڻ جي حيثيت ۾ جسماني جبلتن پويان هلڻ شڪست جو اعلان آهي ۽ انهن جي مشهوري ڪرڻ جهالت جو اعلان آهي.خواهش جي زور تي هلندڙ سواري نهايت ئي تيز رفتار هوندي آهي.ان ڪري پنهنجي برباديء جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي گھمي ٿي.خواهش زور جي هجي يا زر جي هوا جي گھوڙي تي سوار هوندي آهي.اها رڳو قناعت آهي جنهن کي بيهڻ جو ڏانء حاصل آهي.مشاهدو ۽ مڪالمو ڪنهن صاحب قيام جو ئي مقدر بڻبو آهي.ڪنهن ڊوڙندڙ شخص جو منظر سندس مطمع نظر جيان لڏندو رهندو آهي.هن جي پيرن ۾ ڏڪڻي هوندي آهي ۽ عزم ۾ به ڏڪڻي!

    ڪنهن ڇت هيٺان جيڪر ٻه مزاج گڏجي پون ته هڪڙو ظالم ٿي ويندو آهي ته ٻيو مظلوم! بي حس ماڻهو ظالم هوندو ۽ جنهن وٽ احساس هوندو عام طور تي اهو مظلوم هوندو.ظالم سياه ڪار ٿئي ٿو جڏهن ته مظلوم سدائين سرخرو ٿيندو آهي. ڪنهن فرمايو ته ظالم ٿيڻ کان بهتر آهي ته مظلوم بڻجي وڃو.مظلوم جيڪر ٻين مظلومن جي حق ۾ ظالم نه بڻجي ته ظاهر مان نڪري باطن ۾ قدم رکي سگھي ٿو.احساس دراصل پاڻ سڃاڻڻ جي پهرين منزل آهي.احساس کان محروم ماڻهو قرب ۽ قربانيء جي تصور کان محروم آهي . اهو ان سرخوشيء کان محروم آهي جنهنجو مزو رڳو ان جو حصو هوندو آهي جيڪو پنهنجو حق ٻين جي خوشيء لاء خوشيء سان ڇڏي ڏئي ٿو.خوشي ۽ سرخوشيء ۾ اهو ئي فرق آهي جو خوشي رڳو ظاهري ٿي سگھي ٿي پر سر خوشي لازمي آهي ته باطني هجي.احساس ڪرڻ وارو ئي احسان ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪو احساس کان محروم آهي اهو احسان ڪرڻ ۽ احسان مڃڻ جي صلاحيت کان به محروم آهي.سماج احساس ۽ احسان جي ٻانهن ۾ پرورش پائيندا آهن.بيوسن جي مجبورين جو فائدو کڻڻ جو هنر رڳو بي حس ماڻهن وٽ جنم وٺي ٿو.ذاتي مفاد کي گڏيل مفاد تي ترجيح ڏيڻ رڳو ڪنهن بي حس ماڻهن جو شيوو هوندو آهي.بي حسيء جي انتها غفلت آهي ۽ غفلت تڪبر سميت سمورن گناهن جي شروعات هوندي آهي.بي حس شخص ٻين جي جذبن کي پنهنجي انا جي بوٽن هيٺان لتاڙيندو ويندو آهي ۽ هن کي ان جو ايترو احساس به نه ٿيندو آهي جيترو ڪنهن روڊ تي هلندڙ عام ماڻهوء کي پنهنجن پيرن هيٺان ايندڙ خزان رسيده سڪل پن جي چرچراهٽ سان ٿيندو آهي.بي حسيء جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي جو زيان جو احساس هليو ويندو آهي.بي حسيء جي پهرين نشاني اها هوندي آهي ته وقت جي زيان جو احساس نه رهندو آهي.بي حس انسان پنهنجو وقت به ضايع ڪندو آهي ته پاڻ سان گڏ ٻين جو وقت به وڏي بي رحميء سان ضايع ڪندو آهي.جيڪر پنهنجي زيان جو احساس پيدا ٿي پوي ته سڌاري جي اميد قائم رهي ٿي پر جڏهن زيان جو احساس ئي مري وڃي ته ظاهري ۽ باطني ترقيء جا سڀ رستا هميشه لاء بند ٿي ٿا وڃن.

    بي حسيء جي زهر جو ترياق اهو آهي جو ڪنهن احساس جي صاحب جي سنگت اختيار ڪجي.جهڙي سنگت هوندي آهي اهڙي ئي سوچ جڙندي آهي ۽ جهڙو خيال هوندو آهي اهڙو ئي حال ترتيب وٺندو آهي.خوشحال ٿيڻ لاء خوش خيال هئڻ ضروري آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو