پارسائي جون حدون ڪتاب تي تبصرو، جعفر شاهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ جعفر شاهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2019۔

  1. جعفر شاهاڻي

    جعفر شاهاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2019
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو: عمرڪوٽ
    پارسائي جون حدون ڪتاب تي تبصرو
    جعفر شاھاڻي
    ﺳﻨﮅ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻲ ۾ ﺭﻫﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺟڏﻫﻦ 1050 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﻣﺮﻥ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺎﻫﺖ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﻧﻨﮃﻱ ﭔﺎﺭ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺭﻳڙﻫﻴﻮﻥ ﭘﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮﻥ. ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺳﻤﻦ، ﺍﺭﻏﻮﻧﻦ، ﺗﺮﺧﺎﻧﻦ، ﻣﻐﻠﻦ، ڪﻠﻬﻮڙﻥ ۽ ٽﺎﻟﭙﺮﻥ ﺟﻲ 1843 ﻉ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﭘﺎﮠ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﻭڏﺍ ﺷﺎﻋﺮ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﻮ ﻫِﺘﻲ ﺫڪﺮ ﻣﺨﺘﺼﺮََ ﺋﻲ ڪﺒﻮ ﺗﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڊﮔﻬﻲ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ. ﺗﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻥ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺯﺑﺎﻥ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﮐﻲ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺯﺑﺎﻥ ﺟﻮ ﺩﺭﺟﻮ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ 1853 ﻉ ۾ ﺻﻮﺭﺗﺨﻄﻲ ﭠﻬﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻧﺜﺮ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ .
    ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﺫﻫﻨﻲ ﺑﺎﻟﻐﻲ ﺟﻲ ﭘﺮﮎ ﮐﺎﻥ ڪﺮﻱ ﺍﺩﺏ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﺁﺋﻴﻨﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺟاڳرﺗﺎ ﺟﻮ ﭘﺘﻮ ﭘﮡ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ. ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﻈﻢ ﺗﻲ ﻟﮑﻨﺪڙﻥ ﺟﺎ ﺍﻧﮓ ﺍﮐﺮ ﻫڪ ﭘﺎﺳﻲ ﺭﮐﻲ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺟﻲ ﺍﺩﺏ ﺗﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﻧﻈﺮ ﻭﺟﻬﻨﺪﺍ ﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﻭڏﺍ ﻧﺎﻻ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺫﻫﻦ ۾ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ .
    ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﺪﻳﺪ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﺟﺘﻲ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ۽ ﺳﻴﻨﻴﺌﺮز ﺩﻭﺳﺖ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺎﻫﺖ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮄﺍڪﻮ ﭴﻤﺎﺋﮡ ۾ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ، ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﮘﺎﮢﻴٽﻮ ﺑﻪ ﺁﮜﺮﻳﻦ ﺗﻲ ڳڻڻ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﻲ ﺁﻫﻲ. ڪﻮﺗﺎ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﭔﻦ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﺍﺩﺏ ﺩﻭﺳﺖ ﺁﻫﻦ، ﻫڪڙﺍ ﻓڪﺮﻱ ﺍڏﺍﻣﻦ ﮐﻲ ﺍﻭﻟﻴﺖ ڏﻳﮡ ﻭﺍﺭﻥ ﻣﺎﻥ ﺗﻪ، ﭔﻴﺎ ﻓڪﺮ ۽ ﻓﻦ ﺟﻲ ﮔڏﻳﻞ ﺭﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﮔﺎﻣﺰﻥ ﺁﻫﻦ.
    ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻧﻘﻄﻦ ﮐﻲ ﻫڪ ﭘﺎﺳﻲ ﺭﮐﻲ ﺁﺋﻮﻥ ﭔﻨﻬﻲ ﺟﻲ ﻃﺮﻓﺪﺍﺭﻱ ڪﻨﺪﺱ ﺗﻪ ﮔﻬٽ ۾ ﮔﻬٽ ﻫُﻨﻦ ﻭٽ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﻘﺎ ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ ﺗﻪ ﺁﻫﻲ.
    ﺍﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻲ ﻗﻄﺎﺭ ۾ ﺳﭕﺎﺟﻬﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺿﻠﻌﻲ ڪﺸﻤﻮﺭ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺳﻮﻟﻨﮕﻲﺀَ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺷﻌﺮﻱ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ” ﭘﺎﺭﺳﺎﺋﻲ ﺟﻮﻥ ﺣﺪﻭﻥ “ ﭘڙﮬﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺍﻫﻮ ﻭﻳﺴﺎﮪ ﻭﻳﺘﺮ ﭘﺨﺘﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺎﻫﺖ ﻧﻪ ﺭﮘﻮ ﺟﺪﺕ ڏﺍﻧﻬﻦ ﮔﺎﻣﺰﻥ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻭٽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻃﺮﺯ ﺍﺳﻠﻮﺏ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ.
    ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺟﻲ ﻫِﻦ ڪﺘﺎﺏ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﮔﻬﮣﺎ ﻏﺰﻝ ﺁﻫﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﻭﺍﺿﺢ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺳﻮﻟﻨﮕﻲﺀَ ﺟﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪﻩ ﺻﻨﻒ ﻏﺰﻝ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺟﻲ ﻫِﻦ ڪﺘﺎﺏ ۾ ﻭﺍﻳﻮﻥ ۽ ﻧﻈﻢ ﺑﻪ ﺁﻫﻦ.
    ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺟﻲ ﻫِﻦ ﻧڪﻮﺭ ڪﺘﺎﺏ ﭘﺎﺭﺳﺎﺋﻲ ﺟﻮﻥ ﺣﺪﻭﻥ ۾ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺍﻫﺎ ﺧﻮﺑﻲ ڏﺍﮂﻱ ﻭﮢﻨﺪڙ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﮔﻬٽ ۾ ﮔﻬٽ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺫﺍﺗﻴﺎﺕ ﺟﻲ ﺩﺍﺋﺮﻥ ۾ ﻗﻴﺪ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﺍﻫﺎ ﻫڪ ﺳﻠﺠﻬﻴﻞ ڪﻮﻱ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ .
    ﻫﺮ ﮔﻬڙﻱ ﻇُﻠﻤﺘﻦ ﺟﻲ ﭤﻲ ڪﺎﻫﻲ ﻫﺘﻲ،
    ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﻣﻮﺕ ﺁﻫﻲ ﻫﺘﻲ .
    ﻻﻡ ﮀﺎ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ ﻭﮠ ﺟﻲ ﭘﺎﺭﺕ ﺍﭤﺌﻲ،
    ﻳﺎﺭ ﺟﻬﺮڪﻲ ﭜﻠﻲ ﮔﻬﺮ ﺗﻪ ﭠﺎﻫﻲ ﻫﺘﻲ .
    ***
    ڏﺍﮂ ڪڙڪﻴﻮ ﺁ ﭤﺮﭤﻠﻮ ﺁﻫﻲ،
    ﺑﺎﺯ ﺟﻬﺮڪﻲ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﻟﮙﻮ ﺁﻫﻲ .
    ***
    ﺳﺎﻧﮃﻱ ﻫﻴڏﺍ ﺳﻮﺭ ﺣﻴﺎﺗﻲ،
    ﭤڪﺠﻲ ﭘﺌﻲ ﺁ، ﺟﻬﻮﺭ ﺣﻴﺎﺗﻲ .
    ﭜﻮﮘﻲ ﻭﻳﭡﻲ ﺧﺎﻣﻮﺷﻴﻦ ﺳﺎﻥ،
    ﺩﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺩﺳﺘﻮﺭ ﺣﻴﺎﺗﻲ .
    ﻓٽ ﭘﺎﭤﻦ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﻨﺪﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ،
    ﮔﻬﺎﺭﻱ ﭤﻮ ﻣﺰﺩﻭﺭ ﺣﻴﺎﺗﻲ .
    ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺩﺭﻳﺎ ﮐﻲ ڪﻮﺯﻱ ۾ ﺑﻨﺪ ڪﺮﮠ ﺁﻫﻲ ﺍﮔﺮ ڪﻮ ڪﻮﻱ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﻗﻒ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺍﻫﻮ ﻣﻘﺎﻡ ﻣﺎﮢﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻱ ﭘﺮ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ڪﺎﻭﺵ ۾ ﺍﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ڪﺮﻱ ڏﺳﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺍﻧﻬﻲ ﺭﻣﺰ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ ﺍﮢﻮﺍﻗﻒ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ڪﻨﻬﻦ ﻫڪ ﺩﺍﺋﺮﻱ ۾ ﮔﻬﻤﻨﺪڙ ﻧﺎﻫﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺭﻣﺰﻭﻥ ﺁﻫﻦ، ڪﭥﻲ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﻋڪﺲ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ، ڪﭥﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﺟﻲ ﻏﻠﻴﻆ ﺭﺳﻤﻦ ﮐﻲ ﻧﻨﺪﻳﻮ ﺍﭤﺲ. ڪﭥﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ﭼﺌﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ، ڪﭥﻲ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺟﻮ ﻗﺮﺽ ﻻﻫﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﺌﻲ ﺍﭤﺲ. ڪﭥﻲ ﺳُﻮﻧﻬﻦ ﺍڳياﻥ ﺳﻼﻣﻲ ﺑﻪ ﭜﺮﻱ ﺍﭤﺲ ﺗﻪ، ڪﭥﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺷﺪﺕ ﮐﺎﻥ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺑﻪ ڪﺌﻲ ﺍﭤﺲ، ڪﭥﻲ ﺣﻮﺻﻠﻮ ڏﻧﻮ ﺍﭤﺲ ﺗﻪ، ڪﭥﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻴﻮﺍﺭﻱ ﺑﻪ ڪﺌﻲ ﺍﭤﺲ.
    ڪﻴﺌﻦ ﭼﻮﺍﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻗﺼﻮ ﻫﻮ ﻋﺎﻡ ڪﻮ،
    ڪﻴﺌﻦ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺗﻮ ﺑﻨﺎ ﭤﻮ ﺷﺎﻡ ڪﻮ .
    ***
    ﺳﺎﮪ ﭤﻮ ﺳُﺮڪﻲ ﺳﭡﺎ ڪﭙڙﺍ ﻫُﺠﻦ،
    ﻋﻴﺪ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍﺑﺎ ڪﭙڙﺍ ﻫﺠﻦ
    ﻣﻦ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ ﺣﺎﻝ ﻣﻴﺮﺍ ﮄﻭﭘﺠﻦ،
    ڪﺎﺵ ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﭜﻲ ﺍﮀﺎ ڪﭙڙﺍ ﻫﺠﻦ .
    ***
    ﺩﺭﺩ ﮐﺎﻥ ﺁﺟﻮ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﺁﺱ ﺗﻲ،
    ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﻬﺎﺭﻳﺎﻥ ﭘﻴﻮ ﻭﺷﻮﺍﺱ ﺗﻲ .
    ﺧﻮﺍﺏ ﺍﮢﻨﺪﻱ ﺩﻝ ﭼﺮﻱ ﭴﺎﺗﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ،
    ﻧﻨڊ ﻧﻴﮣﻦ ﺟﻲ ٽﻨﮕﻴﻞ ﺁ ٽﻴﺎﺱ ﺗﻲ .
    ***
    ﺭﮘﻮ ﺟﻲ ﻟڙڪ ﻭﻳﻬﻲ ﻫﺎﺭﺟﻦ ﻫﺎ،
    ﺗﻪ ﻫﻴڏﺍ ﺣﻮﺻﻼ ڪﻴﺌﻦ ﮄﺍﺭﺟﻦ ﻫﺎ .
    ﭴﻤﻨﺪﻱ ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ڪﻮ ﭴﺎﻡ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﭘﺮ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺳﻮﻟﻨﮕﻲﺀَ ﺟﻮ ﺷﻌﺮﻱ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ﭘﺎﺭﺳﺎﺋﻲ ﺟﻮﻥ ﺣﺪﻭﻥ ﭘڙﻫﻲ؛ ﺁﺋﻮﻥ ﺍﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﻋﺘﻤﺎﺩ ﺳﺎﻥ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻭٽﺲ ڏﺍﺕ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ڏﺍﻥﺀُ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ.
    ﺳﻤﺒﺎﺭﺍ ﭘﺒﻠﻴڪﻴﺸﻦ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭘﮅﺭﻭ ڪﻴﻞ ﻫِﻦ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﻣﻬﺎﮖ ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻱ ﻧﻘﺎﺩ ﺧﻠﻴﻖ ﭔﮕﻬﻴﻮ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﭡﻮ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﺑﺌڪ ٽﺎﺋﻴٽﻞ ﺭﺧﺴﺎﻧﻪ ﭘﺮﻳﺖ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ، ﻓﻠﻴﭗ ڪﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻳﻮﺏ ﮐﻮﺳﻮ، ﻋﺠﺐ ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ﺭﺍﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﺎﻧﻲ ۽ ﺯﻳﺐ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺟﺎ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺭﺍﻳﺎ ﭘﮡ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .
    (6 سيپٽمبر 2017ع تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل تبصرو)
     
    اظهر امر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو