ناول ري اسٽور ٿيل ماڻهپو تي تبصرو، جعفر شاهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ جعفر شاهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2019۔

  1. جعفر شاهاڻي

    جعفر شاهاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2019
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو: عمرڪوٽ
    ناول ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ تي تبصرو
    جعفر شاهاڻي
    ﮔﻬﮣﻮ ﺍڳ ﺍﺩﺑﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺍﻫﻮ ﺭِﻳﻨﮕٽُ ﮔﺴﻴﻦ ﭘﻨﮅﻳﻦ ﭔﮅﮠ ۾ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﺎﻭﻝ ﺟﻲ ﺻﻨﻒ ﺗﻲ ڪﻢ ﻧﻪ ﭘﻴﻮ ﭤﺌﻲ ﻳﺎ ﭤﺌﻲ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ۾ ﺭﺱ ﭼﺲ ﻧﺎﻫﻲ. ﻳﻌﻨٖﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﺟﻮﻥ ﻓﻨﻲ ﮔﻬﺮﺟﻮﻥ ﭘﻮﺭﻳﻮﻥ ﻧﻪ ﭤﻴﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊ ﺑﻪ ﭘڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺩﻟﻴﻦ ﻭٽاﻥ ﻧﺎﻫﻲ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﭼﺌﺠﻲ ﻭﻗﺖ ۽ ﺣﺎﻻﺗﻦ ﭘٽﺎﻧﺪﺭُ ﭼﮝﻲ ﻧﺎﻫﻲ. ﺍﺩﺑﻲ ﺩﺍﻧﺸﻮﺭﻥ ۽ ﻣﻮﻥ ﺟﻬڙﻥ ﺳﻴﮑڙﺍٽﻦ ﺟﻮﻥ ﺍﻫﻲ ﺷڪﺎﻳﺘﻮﻥ ﺑﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺩﺭﺳﺖ ﻫﻴﻮﻥ ﭘﺮ ﺍﺻﻞ ﻣﺎﻳﻮﺳﻲ ﭰﮭﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﻫﺎ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺗﻨﻘﻴﺪﻥ ﻻﺀِ ﻫﺮ ڪﻨﻬﻦ ڪﺎﺕ ﺍُﭜﺎ ڪﻴﺎ ﭤﺌﻲ ﭘﺮ ڪﻮ ﺍﻫﺎ ڪﻤﻲ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﮠ ﻳﺎ ﺍﺩﺏ ﺳﺎﻥ ﻣﺨﻠﺺ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺎﺭﮠ ﺋﻲ ڪﻴﺘﺮﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎﻥ ﻧﺎﻭﻝ ﮐﻲ ﻳﺘﻴﻢ ﭔﺎﺭ ﺟﻴﺌﻦ ﺩﺭﺩ ﺳَﻬﮣﺎ ﭘﻴﺎ ﭘﺮ ﻭﻳﺠﻬڙ ۾ ﻭﺭﻱ ﻫﺎﮠ ﺍﻫﻲ ﺍﻧﻮﻣﺎﻥ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﻧﺎﻭﻝ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻭﻗﺖ ۾ ﺍﺳﺎﻧﻮٽ ﺗڪڙﻱ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ﻣﺎﮢﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮄﺍڪﻮ ﭴﻤﺎﺋﻴﻨﺪﻭ.
    ﺟﻴﺌﻦ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﮔﻮﻟﻲ ﻟڳڻ ﻭﺍﺭﻱ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻳﺎ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺩﻓﻨﺎﺋﺠﻲ ﻭﭸﮡ ﺟﻮﻥ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ ﻫِﻦ ﻭﻗﺖ ﺷﺮﻣﻨﺪﻩ ﺁﻫﻦ، ﺍﺋﻴﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺭﺍﺀِ ﻣﻮﺟﺐ ﺑﻪ ﻧﺎﻭﻝ ﺑﺎﺑﺖ ﺍﻧﻮﻣﺎﻥ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ ﺑﻪ ﺷﺮﻣﻨﺪﻩ ﭤﻴﻨﺪﺍ .
    ڪﺠﻬﻪ ﭘﺮڏﻳﻬﻲ ﻧﻮﺑﻞ ﭘﺰﺍﺋﻴﺰ ﻧﺎﻭﻝ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺍﻫﻮ ﻣﺰﻭ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ، ﺟﻦ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻫﺎ ﮂﻳﺮﻱ ﻫﺖ ﮐﻮﻟﻴﻨﺪﺱ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﺎﻥ ﮘﺎﻟﻬﻮڙﻭ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﭘﺮ ﭘڙﺍڏﻭ ﺳﻮ ﺋﻲ ﺳڏ ۽ ﻧﻴﭟ ﮔﻮﻧﮕﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮ ﻭﻳﺠﻬڙ ۾ ﭔﻴﻬﺮ ﭘڙﻫﻴﻞ ﻧﺎﻭﻟﻦ ﺟﻮ ﺳﺤﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﺗﻲ ﺩﻣﺎﻍ ﺗﻲ ﺣﺎﻭﻱ ﺁﻫﻲ .
    ﮔﺬﺭﻳﻞ ﭘﻨﺞ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺖ ڪﺘﺎﺏ ﭘڙﮬﮡ ﻭﺍﺭﻥ ڪﺘﺎﺑﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺍﻫڙﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺟﻮ ﻧﺎﻭﻝ ﭘڙﻫﻴﻢ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺎ ﺩﻋﺎ ﺳﻼﻡ ﻳﺎ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﭤﻴﻞ. ﺟﻴﮣﻮﮢﻴڪ ﺍﻫﻮ ﺩﻭﺳﺖ ﭤﺮ ﺟﻲ ﺭﻭﻻڪﻴﻦ ۾ ﺍﻻﺀِ ﮀﺎ ﺟﻮ ﺗﻤﻨﺎﺋﻲ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ﺟﻲ ﺑﻪ ڪﺎ ﺳُﮅَ ﻧﻪ ﺍﭤﻢ.
    ” ﻫﻴﻨﺌڙﻭ ﭔﻪ ﺍﮄ “ ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻧﺎﻭﻝ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﻧﻪ ﭘڙﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ” ﺭﻱ ﺍﺳٽﻮﺭ ﭤﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ “ ﭤﺮ ﺟﻲ ﺗﺮﺍﻳﻦ ﻣﺎﻥ ﭼﻴڪﻲ ﻣٽﻲ ﺟﻬڙﻱ ﺍﻧﻬﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺩﻭﺳﺖ ﻧﺎﺷﺎﺩ ﺭﺣﻢ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﺎﻭﻝ ﭘڙﻫﮡ ﮐﺎﻥ ﺍڳ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﮬﻦ ۾ ﺑﻪ ڪﻴﺌﻲ ﺍﻧﻮﻣﺎﻥ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﺍﻫﻲ ﺭﻳﺰﻩ ﺭﻳﺰﻩ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ!
    ﻧﺎﺷﺎﺩ ﺭﺣﻢ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﺗﻮڙﻱ ﺟﻮ ﭤﺮ ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻭﺋڙﻥ ﺟﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎﺭﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻧﺎﻭﻝ ۾ ﺁﺭٽ ﭘڙﻫﻨﺪڙ ﮐﻲ ﻣﺘﺎﺛﺮ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺟﺪﺕ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻭﮎ ﮐﮣﻨﺪﻱ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.
    ﺭﻱ ﺍﺳٽﻮﺭ ﭤﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ ﭤﺮ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺭﻧﮕﻦ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ﮐﺎﻥ ڪﺮﻱ ﻋﻼﻣﺖ ﻧﮕﺎﺭﻱ، ﻣڪﺎﻟﻤﻦ، ﺗﺸﺒﻴﻬﻦ، ﺍﺳﺘﻌﺎﺭﻥ، ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ۽ ﺗﺴﻠﺴﻞ ﺟﻲ ﺑﺮﻗﺮﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﻧﺎﻭﻝ ﮐﻲ ﺳﭡﻮ ﻧﺎﻭﻝ ﭼﻮﺭﺍﺋﮡ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﺧﻮﺑﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﮀﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﺗﻮﻫﺎﻥ ڪﭥﻲ ﺑﻪ ﺑﺮﻳڪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﻨﺪﺍ ﺗﻪ ﺍڳتي ﺁﺭٽ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﺧﻮﺩ پڙھڻ لاء ﻣﺠﺒﻮﺭ ڪﻨﺪﻭ.
    ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﻫڪ ﺳﭡﻲ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻲ ﺍﻫﺎ ﺋﻲ ﻓﻨﻲ ڪﻤﺎﻟﻴﺖ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻧﺎﺷﺎﺩ ﺭﺣﻢ ﻋﻠﻲ ﻭٽ ﺳﭡﻲ ﺧﻮﺑﻲ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻧﻮﺑﻞ ﭘﺮﺍﺋﻴﺰ ﻧﺎﻭﻟﻦ ۾ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺧﺎﻣﻴﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺍﻫﺎ ﺧﺎﻣﻲ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ.
    ﺭﻱ ﺍﺳٽﻮﺭ ﭤﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ ﺟﺎ ﻣﮏ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺩﻟﺒﺮ ۽ ﺳﻬﻴﻨﺪ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﻟﻴﮑڪ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﮘﻨﮃﻳﻮﻥ ﮐﻮﻟﻴﻨﺪﻱ، ﻣﺎﺿﻲ ﺟﺎ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﭰﻠﻬﻮﺭﻳﻨﺪﻱ ﺍﻳﻒ ﺍﻳﻢ ﻧﻮﺭﻱ ﺁﺑﺎﺩ ﺗﺎﻥ ﺑﺸﻴﺮ ﺍﮂﻳﺠﻮ ﺟﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ۾ ” ﻣٽﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ “ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺧﻄﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ ﺩﻟﺒﺮ ﮐﻲ ﺳﻮﺭﭞ ﺟﻲ ﭘﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﭴﺎﺭ ۾ ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ ﻫڪ، ﭔﻪ ﺍﻧﻬﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺴﻠﺴﻞ ﺟﺎ ﺧﻂ ﺑﻪ ﺭﮐﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﺮ ﭘڙﻫﻨﺪڙ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ .
    ﺭﻱ ﺍﺳٽﻮﺭ ﭤﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ ﺟﻲ ﭘﭵﺎﮢﻲ ﻭﻳﺘﺮ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎﺭﻱ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺟﻦ ﮐﻲ ” ﺳﻬﻴﻨﺪ “ ﺟﻲ ﻣﻌﻨٰﻲ ﺟﻲ ﺍڳ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﻳﺎ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺷﺎﻳﺪ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺍﻥ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺑﺎﻗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ﻫﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﭘﭵﺎﮢﻲ ﻃﺮﻑ ﻭﮄﻧﺪﻱ ﻭﮄﻳڪ ﺩﻟﭽﺴﭗ ﺁﻫﻲ ۽ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺍﻣﻴﺪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺎﻫﺖ ۾ ﻫﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﻧﻪ ﺭڳو ﺍﻫﻢ ﺟﺎﺀِ ﻭﺍﻻﺭﻳﻨﺪﻭ ﭘﺮ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺟﻮ ڪﺎﺭﮠ ﭘﮡ ﺑﮣﺠﻨﺪﻭ.
    Jaffarshahani155@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو