استاد شاعر، ادیب ۽ محقق جي ايم رئيساڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    استاد شاعر، ادیب ۽ محقق جي ايم رئيساڻي

    فقير محمد سنڌي

    منهنجي نيڻن ۾، نينهن تنهنجو آ،
    رات ساري ۽ ڏينهن تنهنجو آ،
    عشق تنهنجو چڪي ٿو ڦاڙي دل،
    هي شڪر آ جو، شينھن تنهنجو آ.
    ( جي ايم رئيساڻي)

    سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولي آهي، ان جو سڀ ريتون، رسمون ثقافت ۽ ڪلاسيڪل ادب سان منسلڪ آهن ۽ اول کان اڄ تائين سرسبز، شاداب ادبي گلستان به آهي.اهڙي ئي گلستان ۾، جي ايم رئيساڻي موجوده دور جو هڪ اهڙو ڏات ڌڻي آهي، جنھن ادب ۾ هر پاسي کان پاڻ موکيو آهي. جي ايم رئيساڻي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ وقتن به وقت تحقيق ڪري سنڌي ادب جو واڌارو به ڪري رهيو آهي. جي ايم رئيساڻي اسلامي فلسفي جو قائل، صوفياڻو سلوڪ رکندڙ ترقي پسند باشعور شخصيت جو مالڪ، غير روايتي عالم با عمل پڻ آهي، جي ايم رئيساڻي جو اصل نالو غلام محمد رئيساڻي مدئجوي آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر نثار بزمي جا سائين جي ايم رئيساڻي لاءِ خوبصورت تاثر آهي ته : غلام محمد رئيساڻي قد ۽ بت مون وانگي هلڪو، اکين تي عينڪ تي عينڪ رنگ گندمي گفتار جو غازي رفتار جو راڻو چڱو ۽ چست آهي، شاعريءَ جي آسمان جو ستارو آهي.
    علم ادب جي حصول لاءِ جي ايم رئيساڻي سنڌ جي ناليواري شعرہ ڪرام کان شاعري ۽ ادب جو علم پرايو، جنھن ۾ نثار بزمي، اشرف زمان پيرچندامي، مولوي امان الله مفلح مهر، نذير احمد ڊيهو، رحمت الله شوق شڪارپوري، جمال الدين جوڳي جمالي، اميد خيرپوري، اعظم عباسي، حڪيم ضياء الدين ضياء جتوئي، غلام نبي ثاقب بروهي ۽ سرمد چانڊيو شامل آهن، ايترن استادن جي زير تربيت رهي سائين جي ايم رئيساڻي شاعراڻي فن ۾ پڻ وافر ذخيرو بڻيل آهن ۽ سندن ڪاوشن جي مڃتا لاءِ جيڪو ڪجھ به لکجي اهو بلڪل گھٽ آهي.
    سائين جي ايم رئيساڻي 13 اپريل 1965ع تي حمزه علي رئيساڻي جي گهر چوهڙ پور ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ادب ۾ وجھ شهرت پاڻ استاد شاعر، مضمون نگار، تحقیق نگار ۽ ڪهاڻيڪار اٿس.
    ديني تعليم جي حصول لاءِ مولوي امان الله مفلح مهر ۽ حضرت علامه مولانا مفتي اعظم حضور احمد ملاح وٽان فارسي تعليم حاصل ڪيائين. عربي تعليم لاءِ پاڻ وڏي محنت ڪري شڪارپور شهر ۾ حضرت علامه مولانا مفتي شفيع محمد مھر القادري جن وٽ پڻ پڙهيا ۽ آخر ڪار لاڙڪاڻي ۾ درگاھ سونو جتوئي جي خلف رشيد حضرت علامه مولانا مفتي اعظم محمد قاسم جتوئي نقشبندي مدظله العالي جن وٽ عربي تعليم مڪمل ڪئي.
    سائين جي ايم رئيساڻي دنياوي تعليم 1982ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ بوائز هاءِ اسڪول مدئجي مان ثانوي تعليم جو امتحان پاس ڪيو، 1984ع ۾ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ اعلي ثانوي درجو جو امتحان پاس ڪيو. 1986ع ۾ مولوي عربڪ پروفيشني، 1987ع تي مولوي عربڪ هائي پروفيشني ۽ 1988ع ۾ مولوي عالم فاضل عربڪ آنرس جو امتحان پاس ڪيو. 1991ع تي ايم، اي اسلامڪ ڪلچر، 1992ع ۾ بي، ايڊ ۽ 1999ع ايم، ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين.
    ادبي حلقي ۾ جي ايم رئيساڻي جا ڪثير تعداد ۾ شاگرد آهن، جيڪي هن وقت به ادبي دنيا ۾ سٺو مقام ماڻي چڪا آهن، جنهن ۾ آءُ ناچيز به شامل آهيان. تهمينه مفتي شاعريءَ جي باري ۾ خوب تاثر ڏنو آهي ته :شاعر دنيا جي هر معاشري جي اهم ۽ ذميوار شخصيت هوندو آهي، سندس شخصيت معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ٿو، دنيا جا گھڻا انقلاب شاعرن جي زبان مان نڪتل شعر جي ڄڀن مان جنم وٺندا آهن، قومن ۾ سجاڳي ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا ذميوار به شاعر آهن.
    سائين جي ايم رئيساڻي لاءِ موجوده وقت جي ۽ گيت جي سر موڙ شاعر سائين سرمد چانڊيي به هڪ دعائيه نظم لکيو آهي.( غلام محمد رئيساڻي)
    غ- غزل جو هي شاعر ته آهي غزالي،
    ل- لکين لعل موتي ۽ مرجان مالي،
    ا- ادب جي حميت جو محبوب مالھي،
    م- محبت سندي ميم جو موالي،
    م- محمد جي در تي صداقت سوالي،
    ح- حقيقت، شريعت، طريقت ۾ عالي،
    م- مزين معرفت سان طبيعت نرالي،
    د- دلاور دلين دوست دلدار والي،
    ر- رسي جنهن هٿ منجهه سڪ جي سنڀالي،
    ا_ اخوت جي جوهر ۾ آهي جمالي،
    ي- يگاني صفت صاف آخوش خصالي،
    س- سدائين رهي شاد آباد حالي،
    ا- الاهي ادب جي ڪئي دل اجالي،
    ن- نماڻي نزاڪت سندو وير والي،
    ي- يقينن. مليو آهي بهرو بلالي.

    سائين جي ايم رئيساڻي کي مڃتا ايوارڊ به مليا آهن، جنھن ۾ سيد وريل شاھ، لائيف اچيو ايوارڊ 2015ع ۽
    استاد قمر کوسو، ايوارڊ 2018ع شامل آهن.
    1997ع ۾ سماجي ادبي فورم جا بانيڪار ۽ صدارتي عهديدار ٿي رهيا. 2006ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جي بانيڪار ۾ پڻ شامل آهن. 2006ع ۾ مهراڻ انگلش ڪوچنگ سينٽر مدئجي جو بنياد وڌائون. 1993ع کان اڃا تائين گورنمينٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾( H. S. T) استاد پڻ آهن. سائين جي ايم رئيساڻي جو پهريون شعري مجموعو، وقت جي واکاڻ، 2010ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو. تمغه امتياز، جيڪو ٻيو شعري مجموعو 2012ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو کي اعزاز حاصل آهي. جي ايم رئيساڻي جي فن۽ شخصيت تي هڪ جامع ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2015ع تي شايع ڪيو، جنھن جو عنوان هيو، سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق، ترتيب ڏيندڙ ۾،محمد عبدالله اعظم رئيساڻي، وحيد محسن، فقير محمد سنڌي ۽ ابو القاسم محمد هاشم رئيساڻي شامل آهن. سائين جي ايم رئيساڻي پنهنجي طبيعت ۾هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو.
    ڪعبي جو ڪعبو آهي، منهن قربدار جو،
    گفتو به آ مقدس، قرآن يار جو.
    محبوب تي رئيساڻي آهي گهڻو فخر،
    حامي حشر ۾ هوندو، هر خاڪسار جو.

    مددي ڪتاب :
    عظيم ماڻهن جا عظيم قول، استاد نبي بخش منگي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2011ع.
    سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق ،جي ايم رئيساڻي جي فن ۽شخصيت، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2015ع.
    وقت جي واکاڻ :شاعري، جي ايم رئيساڻي، مرتب، ابو القاسم محمد هاشم رئيساڻي ،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2010ع.
    تمغه امتياز: شاعري، جي ايم رئيساڻي، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، جنوري 2012ع.
    سنڌ جي تاريخ ( سهيڙيل تاريخ وار ) فقير محمد سنڌي، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو ،2013ع.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو