تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ عبدالغفور ڀرڳڙي ڪ پاڪستان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ عبدالغفور ڀرڳڙي :
    فقير محمد سنڌي
    تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ عبدالغفور ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. زندگي جي سڀني بهارن کي سدا بهار بڻائيندڙ مشهور قانوندان، اديب، دانشور، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هر موڙ تي سرگرميءَ سان حصو ورتو.
    عبدالغفور ڀرڳڙي جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان ويجهڙائپ رهي جنهن جي معرفت 1946ع تي ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي رهيو. قانوني طور تي عبدالغفور ڀرڳڙي جولاءِ 1947ع تي وڪالت جي سند حاصل ڪئي هئائين تنهنڪري قانوني پاسي کان هن کي تمام سٺي ڄاڻ هئي. ضلعي سياست ۾ هن ميونسپل اصلاح جماعت ٺاهي. پوءِ ان ئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ سان چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي ميونسپل لاڙڪاڻي جو چيئرمين بڻيو. 1955ع تائين بهتر نموني سان پنهنجي عهدي تي ڪم ڪيو. بعد ۾ محمد ايوب کهڙي هن اداري کي معطل ڪيو. عبدالغفور ڀرڳڙي پنهنجي ٻئي دور ۾ ميونسپل جي سهڪار سان لاڙڪاڻي شهر جا روڊ رستا پڪا ڪرايا.
    9 جنوري 1958ع تي غلام محمد ٽائون هال جو بنياد رکيائين جنهن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون کان ڪرايائين.1954ع تي ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ ڀرڳڙي ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڀرڳڙي 1962ع تي بي ڊي اليڪشن معفرت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شهدادڪوٽ مان سيف الله مگسي جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي شهدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمه جناح جي پولنگ انچارج بڻيو. جتي صدر ايوب خان 36 ۽ محترمه فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا. محنت ۽ جستجو ڀرڳڙيءَ جي ضمير ۾ شامل هئي۔. اهڙي طرح 1976ع تي ذوالفقار علي ڀٽي ڀرڳڙي جي دعوت ڏني. جنهن ڪري عبدالغفور ڀرڳڙي پاڪستان پيپلز پارٽي م شموليت اختيار ڪئي. 1977ع تي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي شهدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. ضياءُ الحق جي مارشل لا دور ۾ 5 ڀيرا جيل ياترا به ڪيائين. 1982ع تي پيپلز پارٽي کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل مجلس شورا جو رڪن بڻيو. 1984ع تي روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير جو قلمدان حاصل ڪيائين. 1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ٿيو. عبدالغفور ڀرڳڙي لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب جو 1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار صدر رهيو. ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو.
    1960ع کان پنجن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. لاڙڪاڻي مان هفتيوار انصاف اخبار جاري ڪئي. ڀرڳڙي، قائداعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ساٿ ڌڻي سرواڻ 1994ع ۾ لکيو. زندگيءَ جو سفر نالي سان شاهه لطيف رومي ۽ اقبال جي ڪلام تي ڪتاب ترتيب ڏنو. 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ شموليت ڪيائين. محترمه جي خواهش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي تي ڪتاب لکيو. Falcon of Pakistan پنهنجي ساروڻين تي ڪتاب، گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا، آخر هي صاف سٿري زندگي جو مالڪ 10 فيبروري 2015ع تي راهه رباني وٺي ويو
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو