شفيق الرحمان شاڪر جيڪي ماڻهو پاڳل ٿي وڃن ٿا اهي ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن،هر پاڳل جي پنهنجي قسمت هوندي آهي.ڪجهه پاڳلن کي گهر وارا سنڀالي وٺن ٿا،ڪجهه پاڳل طاقتور ٿي وڃن ٿا ته سندن پاڳلپڻ کي عقلمندي به قرار ڏنو وڃي ٿو.جڏهن ته ڪجهه پاڳلن کي پاڳلخانن ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو.اهي پاڳل خانا جيل به ٿين ٿا ته اسپتالون به.پاڳلخانن جا واقعا عربي ۽ ٻين زبانن ۾ ڪافي ملن ٿا.خليفي هارون الرشيد جو مشهور واقعو آهي ته هن ڪنهن پاڳل خاني جو دورو ڪيو ۽ اتي هڪ پاڳل هن کي پنهنجن سوالن ذريعي بيوقوف بنائي ڇڏيو هو.چون ٿا ته جيڪو ماڻهو به ”اوريجينل پاڳل“ هوندو آهي اهو پاڳل خاني ۾ ئي خوش رهندو آهي ۽ اتان نڪرڻ نه گھرندو آهي.ها.جيڪي نقلي پاڳل هجن اهي پاڳل خاني ۾ خوش نٿا رهن،پاڳل خاني جو ماحول به عجيب هوندو آهي هر پاڳل پنهنجو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان وڏو عقلمند سمجھندو آهي،ڪو پاڳل بادشاهه هوندو آهي ته ڪو وزير اعظم.هر پاڳل جي پنهنجي ذات جي باري ۾ ڪا نه ڪا وڏي دعويٰ ضرور هوندي آهي ۽ اهي دعوائون بدلبيون به رهنديون آهن.پاڳل کي ڪهڙو شرم جيڪر هو هڪڙي ڏينهن سپهه سالار بڻجي وڃي ته ٻئي ڏينهن تي ميراثي ۽ فنڪار.هن کي پاڻ ئي سوچڻو آهي ۽ پاڻ ئي دعويٰ ڪرڻي آهيپاڻ ئي فيصلو ڪرڻو آهي.چون ٿا ته جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو هو ته پاڳل خانن ۾ به ماحول گرم هو.هر پاڳل پنهنجو پاڻ کي ڪو مشهور ليڊر قرار ڏيئي رهيو هو،ننڍا پاڳل سندس چوڌاريء گڏ ٿي ويا ٿي.اوچتو ڪو ٻيو پاڳل سندس خلاف محاذ کولي ڇڏيندو هوپوء ڪجهه پاڳل فيصلو ڪرڻ وارا بڻجي ويا ٿي ۽ اهڙيء طرح پورا علائقا،صوبا ۽ ضلعا پاڳلن ۾ ورهائجي ويا ٿي.تڏهن سمورا پاڳل خوشيء وچان نچڻ لڳاٿي ته اسان وڏو ڪم ڪري ڇڏيو آهي.پاڳلن وٽ ڳڻپ جي وڏي اهميت آهي.اوهان ڪنهن به پاڳل سان ملو اهو ضرور ڪانه ڪاشيء ڳڻي رهيو هوندو،حساب ڪري رهيو هوندو پر ڳڻپ هن جي پنهنجي هوندي.هڪڙي ڊاڪٽر پنهنجو قصو لکيو آهي ته هڪ ڏينهن آئون پاڳل خاني ۾ پنهنجي ڊيوٽيء تي ويس جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته منهنجي ڪنن ۾ آواز گونجيو؛ويهه،ويهه،ويهه... آئون حيران ٿي ويس ۽ اندازو لڳائڻ لڳس.ترت ئي خبر پئجي ويئي ته پاڳلن جي وڏي ڪمري مان اهو آواز اچي رهيو آهي ۽ سمورا پاڳل ملي ڪري ڪورس جي انداز ۾ چئي رهيا آهن؛ ويهه،ويهه،ويهه...پهرين ته مون نظرانداز ڪيو پر جڏهن سندن آواز نه رڪيو ته مون کي تجسس ٿيو،اتي ديوار سان گڏ هڪ سنهو سوراخ هو جنهن تي نگراني ڪرڻ وارا پاڳلن تي لڪي نگاهه رکندا هئا.آئون ان سوراخ تائين پهتس ۽ اک لڳائي ڏسڻ لڳس،اوچتو اندران ٻهاري جو تيز ڪک منهنجي اک ۾ لڳو ۽ پاڳلن جو آواز گونجيو؛ ايڪويهه،ايڪويهه،ايڪويهه..يعني مون کان اڳ اهي ان طرح جا ويهه شڪار ڪري چڪا هئا ۽ آئون سندن ايڪويهون شڪار هئس.هاڻي انهن پاڳلن جو خوشيء ۽ فخر ۾ ساهه نڪري رهيو هو۽ رڙيون ڪري رهيا هئا ته ايڪويهه،ايڪويهه..پاڳلن جون فتحون،انهنجي شڪست،انهنجي رعيت،انهن جي مقبوليت اهي سڀ خيالي معاملا هوندا آهن.پر اهي انهن کي حقيقي سمجھن ٿا ۽ انهن م مست رهڻ گھرن ٿا. هاڻي اچو هن دنيا جي سڀ کان وڏي پاڳل خاني طرف! اهو آهي فيسبڪ.پوري جو پورو ماحول پاڳل خاني وارو آهي بلڪه ان کان به ويل.هتي به هڪ خيالي بادشاهي قائم آهي.ڪو يهودي گماشتو هن سلطنت جو سامري ۽ سلطان آهي.هتي هر شخص گم آهي،مست ۽ مدهوش آهي.ڪٿي ڪو بادشاهه آهي ته ڪو وري ان جي رعيت.ڪٿي ڪو دانشور آهي ۽ ٻيا ان جا فين ۽ پنکا.ڪٿي ڳڻپ هلي رهي آهي،منهنجا هيترا فالوئر آهن.ڪو فخر وچان ڦاٽي رهيو آهي ته مون کي هيتريون لائيڪس مليون ۽ فلاڻي کي هيتريون گھٽ.ڪٿي ڪو ڪنهن جو پڇ پڪڙي ڇڪي رهيو آهي ته ڪو ڪنهن ٻئي جي منهن تي ڪاراٺ ملي رهيو آهي.ڪٿي ڪو مرد عورت بڻجي هزارين ماڻهن کي پاڳل بنائي رهيو آهي ته ڪا عورت مرد بڻجي پنهنجن سهيلين جو ڪردار چيڪ ڪري رهي آهي. هتي نقلي خيال،نقلي عقيدا،نقلي بادشاهت،نقلي مقبوليت ۽ نقلي بحث مباحثا گرم آهن.قيمتي کان قيمتي ماڻهو ان پاڳل خاني ۾ داخل ٿي هڪ ٽڪي جا رهجي وڃن ٿا.پنندڙن وانگر هڪ هڪ لائيڪ جا محتاج رهن ٿا.ڪنهن بيعزت جيان هر ڪنهنجون گاريون سهن ٿا ۽ بيڪار ماڻهن سان پنهنجو وقت ضايع ڪن ٿا.جنهن جي گھر ۾ ڪا عزت نه هجي اهو ان پاڳل خاني ۾ سڀني کان گھڻو عزتدار آهي ڇوته سندس فالوئرز گھڻا آهن.اهي فالوئرز ڪير آهن ۽ ڪٿي آهن ۽ ڇو آهن؟پاڳلن کي انهن سمورين ڳالهين تي سوچڻ جي خاص ضرورت نه هوندي آهي.هتي هر پاڳل پاڻ کي ٻئي پاڳل کان عقلمند سمجھندو آهي ۽ سامريء جي ان گندي هول ۾ هرڪو پوريء طرح ڦاٿو پيو آهي.پنهنجي زندگيء جا بهترين لمحا برباد ڪري رهيو آهي.پر ڪوبه نٿو سوچي ته اهو ڇا ڪري رهيو آهي،ڇو ڪري رهيو آهي ۽ انهيء مان ڇا حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڇا لڳائي رهيو آهي؟ڪاش جيڪر اهي قيمتي دماغ جڏهن ان پاڳل خاني ۾ ڪجهه ڪلاڪ گذاري ٻاهر نڪرن ته رڳو گھڙي ڏسي پنهنجو پاڻ کان پڇن ته اهو وقت جيڪر اهي پنهن جي پوڙهي ماء ۽ پيء جي قدمن ۾ويهي انهن جي دل وندرائڻ ۾ گذارين ته سندن قسمت بدلجي وڃي.اهو ئي وقت خدمت خلق ۾ لڳي ته آخرت لاء ذخيرو بڻجي وڃي.پر ڪجهه به نه ٿيو.ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڳل خاني ۾ ڪنهنجو پڇ ڇڪڻ ۾،ڪنهن جي پڇ تي پير رکڻ ۾،ڪنهن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ۾،ڪنهن کي کلائڻ ۽ روئاڙڻ ۾ ۽ ڪجهه پاڳلن جا لائيڪس گڏ ڪرڻ ۾،ڪجهه بدبوء جمع ڪرڻ ۽ ڪجهه بدبوء سنگھڻ ۾ ۽ ڪجهه ان بدبوء تي تبصرا ڪرڻ ۾ ئي وقت ناس ٿيو وڃي.فيسبڪ جو پاڳل خانو ڪنهن سامريء جي دماغ جو جادو آهي ۽ جادوء ۾ ڪشش هوندي آهي يا وري اهو دماغ کي ننڍو ڪري ڇڏيندو آهي.ننڍڙا ٻار وڊيو گيم تي ڪيترائي ماڻهو ماري وٺن ٿا.نانگن جا مقابلا کٽي وٺن ٿا.ڪارن جي ريس ۾ گھڻا نمبر کڻي وڃن ٿا. جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه خيالي هوندو آهي.پر جيئن ته ٻار جو دماغ ننڍو هوندو آهي ان ڪري اهو خوشي محسوس ڪندو آهي.ڪنهن عقلمند ۽ ذميدار شخص کي انهن شين مان خوشي ۽ فتح جو احساس نه ٿيندو آهي.فيسبڪ تي ايندي ئي انساني دماغ ننڍو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو انهن شين ۾ خوشي ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿوجيڪي شيون هن جي ڪنهن ڪم جون ناهن.پرويز مشرف کي فيسبڪ تي چاليهه لک فالوئر مليا ته سندس دماغ ئي لڏي ويو.هو ڊڪندو پاڪستان پهتو پر ايئرپورٽ تي چاليهه فالوئرز به موجود نه هئا.فيسبڪ فالوئرن کي ته فيسبڪ تي ئي ملڻو هو انهنجو ايئرپورٽ تي ڪهڙو ڪم؟ستم جي ڳالهه اها جو جن وٽ پنهنجن شاگردن،پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي والدين لاء وقت ناهي هوندو اهي فيسبڪ جي پاڳلخاني ۾ ڀرپور وقت گذارين ٿا.هاڻي ته فيسبڪ جي پيرويء ۾ اهڙيون ٻيون به ڪئين اوطاقون قائم ٿي وييون آهن.ماڻهو قسمين قسمين دوکن ۾ فيسبڪ تي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.
اھو پاڳلخانو ھاڻي ھر ڪنھن جو گھر بڻجي ويو آھي ۽ اسان بـ ان ئي پاڳلخاني ۾ انھن پاڳلن وانگر لائڪون پيا ڳڻيندا آھيون.