* ناحق قتل جي هولناڪي * * ابوعمير حزب الله بلوچ * الله تعاليٰ مومنن جون صفتون ذڪر ڪندي فرمايو: ⭐ وَالَّذِينَ لَا يَدْعُونَ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ وَلَا يَقْتُلُونَ النَّفْسَ الَّتِي حَرَّمَ اللَّهُ إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَا يَزْنُونَ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ يَلْقَ أَثَامًا . يُضَاعَفْ لَهُ الْعَذَابُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَيَخْلُدْ فِيهِ مُهَانًا) [سورة الفرقان.68 . 69] ۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جان کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اهي ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو. قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار ٿي رھندو. ⭐ وَلَا تَقْتُلُوا النَّفْسَ الَّتِي حَرَّمَ اللَّهُ إِلَّا بِالْحَقِّ ۗ وَمَن قُتِلَ مَظْلُومًا فَقَدْ جَعَلْنَا لِوَلِيِّهِ سُلْطَانًا فَلَا يُسْرِف فِّي الْقَتْلِ ۖ إِنَّهُ كَانَ مَنصُورًا .(بني اسرائيل: 33) ۽ اھڙي ماڻھو کي نه ماريو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق قتل ڪيو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ کيس جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي. ⭐ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الْقِصَاصُ فِي الْقَتْلَى ۖ الْحُرُّ بِالْحُرِّ وَالْعَبْدُ بِالْعَبْدِ وَالْأُنثَىٰ بِالْأُنثَىٰ ۚ فَمَنْ عُفِيَ لَهُ مِنْ أَخِيهِ شَيْءٌ فَاتِّبَاعٌ بِالْمَعْرُوفِ وَأَدَاءٌ إِلَيْهِ بِإِحْسَانٍ ۗ ذَٰلِكَ تَخْفِيفٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَرَحْمَةٌ ۗ فَمَنِ اعْتَدَىٰ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَلَهُ عَذَابٌ أَلِيمٌ (البقرة: 178) اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي آهي ، آزاد مرد جي عيوض آزاد ، ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ عورت جي بدلي عورت آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ به حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. ⭐ وَلَكُمْ فِي الْقِصَاصِ حَيَاةٌ يَا أُولِي الْأَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ (179) البقرة.) اي عقل وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو. ⭐ جيڪڏھن اسان جي اسلامي ملڪن جا حڪمران هن آيت تي غور ڪن ته قصاص جي نافذ ڪرڻ ۾ ملڪ ۽ ان جي رهڻ وارن جي حياتي ۽ زندگي آھي ان کان سواءِ معاشرو ڪڏھن به سک جو ساهه نه ٿو کڻي سگهي ۽ ڪڏھن به ملڪ ۾ امن قائم ٿي نه سگهندو جيستائين الله جي حدن کي بغير ڪنهن تفريق جي انصاف سان نافذ نه ٿو ڪيو وڃي ، الله تعاليٰ ارض توحيد سعودي عرب کي قيامت تائين قائم ۽ دائم رکي ان جو مثال اسان جي سامهون آهي جتي ڪجهه نه ڪجهه شرعي حدون نافذ آھن ته اتي جرائم جو ريشو تمام گهٽ آھي ، شاهي خاندان جي شھزادن کي پڻ قصاص ۾ قتل ڪيو ويو ، هاڻي تازو ئي سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڊرائيور جي قتل ۾ ملوث چئن ڄڻن کي قصاص ۾ قتل ڪيو ويو ، ڪاش اسان جي حڪمرانن کي به ڪو هوش اچي ته هوند ساهيوال ، آرمي پبلڪ اسڪول ، سوات واري مدرسي، لال مسجد ، ۽ ٻارهن مئي وغيره جهڙا سانحا اڳتي لاءِ ٿيڻ بند ٿي وڃڻ . ⭐ مِنْ أَجْلِ ذَٰلِكَ كَتَبْنَا عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفْسًا بِغَيْرِ نَفْسٍ أَوْ فَسَادٍ فِي الْأَرْضِ فَكَأَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِيعًا وَمَنْ أَحْيَاهَا فَكَأَنَّمَا أَحْيَا النَّاسَ جَمِيعًا ۚ وَلَقَدْ جَاءَتْهُمْ رُسُلُنَا بِالْبَيِّنَاتِ ثُمَّ إِنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم بَعْدَ ذَٰلِكَ فِي الْأَرْضِ لَمُسْرِفُونَ .(البقرة: 32) انھيءَ ڪري بني اسرائيل تي لازم ڪيوسون ته جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي قتل ڪندو تنھن ڄڻ سڀني ماڻھن کي قتل ڪيو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ البت بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري بيشڪ اُن کانپوءِ منجھائن گھڻا مُلڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا. ⭐ وَمَن يَقْتُلْ مُؤْمِنًا مُّتَعَمِّدًا فَجَزَاؤُهُ جَهَنَّمُ خَالِدًا فِيهَا وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذَابًا عَظِيمًا .(النساء: 93) ۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي ان ۾ سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمربو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس. ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : ٽن ڳالهين کان سواءِ ڪنهن به ڪلمي پڙھندڙ کي قتل ڪرڻ حلال نه آھي (1) قتل جي بدلي ۾ قتل (2) شادي شده هوندي زنا ڪرڻ (3) دين اسلام کي ڇڏي مرتد ٿي مسلمانن جي جماعت کان جدا ٿيندڙ . (صحيح بخاري : 6878 . مسلم : 1676) ⭐ شريعت ۾ ڪجهه ٻيون شيون به آهن جن جي ارتڪاب تي پڻ قتل لازم ٿئي ٿو مثال طور : الله ۽ سندس رسولن سان بغاوت ، سندن توهين ۽ گستاخي وغيره . ⭐ پر قصاص يا حد لڳائڻ وارو ڪم اسلامي خليفي ، حڪمران يا عدالت جو آھي ڪنهن عام ماڻھو کي اهو اختيار ناهي ڏنو ويو ته اهو ڪنهن کي قتل ڪري . *مسلمان جي عزت ۽ حرمت* ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مسلمان جي تعريف ئي هيءَ ڪئي آهي ته : الْمُسْلِمُ مَنْ سَلِمَ الْمُسْلِمُونَ مِنْ لِسَانِهِ وَيَدِهِ. يعني مسلمان اهو آھي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ ھجن . (صحيح بخاري: 10) ⭐ امام ڪائنات عليه السلام حجة الوداع جي موقعي تي خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو : فَإِنَّ دِمَاءَكُمْ، وَأَمْوَالَكُمْ، وَأَعْرَاضَكُمْ عَلَيْكُمْ حَرَامٌ،كَحُرْمَةِ يَوْمِكُمْ هَذَا، فِي بَلَدِكُمْ هَذَا، فِي شَهْرِكُمْ هَذَا . فَأَعَادَهَا مِرَارًا.... فَلَا تَرْجِعُنَّ بَعْدِي كُفَّارًا، أَوْ ضُلَّالًا يَضْرِبُ بَعْضُكُمْ رِقَابَ بَعْضٍ،. بيشڪ توهان جو خون ، توهان جو مال ، ۽ توهان جون عزتون هڪ ٻئي تي اهڙي طرح (عظمت ، شرف ، حرمت واريون ۽ ) حرام آهن جيئن هيءُ (جمعي جو) ڏينهن ، هيءُ شھر (مڪو پاڪ) ۽ هيءُ مهينو (ذوالحج) حرمت وارا آهن ، ۽ پاڻ ڪيترائي ڀيرا اها ڳالھ ارشاد فرمايائون. ۽ مون کان پوءِ ڪافر ۽ گمراھ نه ٿي وڃجو جو هڪ ٻئي جا ڪنڌ لاهڻ لڳو. (صحيح بخاري : 1739. صحيح مسلم : 1679) ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : هڪ ٻئي سان حسد نه ڪيو ، دوکي سان قيمتون نه وڌايو ، هڪٻئي سان بغض ڪينو ۽ نفرت نه رکو ، هڪ ٻئي کان منهن نه موڙيو ، توهان مان ڪير به ٻئي مسلمان جي سودي جي مٿان سودو نه ڪري ، ان سان خيانت نه ڪري ۽ ڪوڙ نه ڳالهائي، الله جا ٻانها ۽ پاڻ ۾ ڀائر ٿي وڃو ، هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ، نه ته ان تي پاڻ ظلم ڪري ٿو ۽ نه ئي کيس بي يار و مددگار ڪري ڪنهن دشمن جي حوالي ڪري ٿو ، ۽ نه ان کي ڪم تر ۽ حقير سمجهي ٿو ، تقويٰ ۽ پرهيزگاري هتي آهي ۽ پاڻ پنهنجي سيني مبارڪ ڏانهن ٽي ڀيرا اشارو ڪيائون ، فرمايائون ته ڪنهن ماڻھو جي بڇڙي هجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو هو پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءَ کي حقير ۽ ڪمتر سمجهي ، وڌيڪ فرمايائون : كُلُّ الْمُسْلِمِ عَلَى الْمُسْلِمِ حَرَامٌ ؛ دَمُهُ، وَمَالُهُ، وَعِرْضُهُ . هر مسلمان جي مٿان ٻئي مسلمان جو خون ، مال ، ۽ عزت بلڪل حرام آهي . (صحيح مسلم : 2564. جامع ترمذي : 1927) ⭐ ڪنهن مسلمان کي گاريون ڏيڻ گناهه جو ڪم آھي ۽ قتل ڪرڻ ڪفر آھي . (بخاري: 6044) ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ دفعي خطبو ارشاد فرمائيندي وڏي آواز سان فرمايو: اي اهي ماڻھوؤ جن زبان سان ته ايمان آندو آھي پر سندن دلين تائين ايمان ناهي پهتو مسلمانن کي تڪليفون نه رسايو ۽ نه ئي سندن عيبن جي پٺيان لڳو ڇو ته جيڪو مسلمانن جا عيب ڳولهيندو ته الله تعاليٰ ان جا عيب ظاهر ڪندو پوءِ ان کي پنهنجي گهر ۾ ئي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو . سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما ڪعبة الله کي ڏسي فرمايو: مَا أَعْظَمَكِ، وَأَعْظَمَ حُرْمَتَكِ، وَالْمُؤْمِنُ أَعْظَمُ حُرْمَةً عِنْدَ اللَّهِ مِنْكِ. اي ڪعبه! تنهنجو ڪيترو وڏو شان ، عظمت ، مقام ۽ حرمت آھي پر هڪ مومن جي حرمت الله تعاليٰ وٽ توکان به مٿاهين آهي . (جامع ترمذي : 2032. سنده حسن) ⭐ نوٽ : هن معنيٰ ۾ سنن ابن ماجة جي مرفوع روايت (3932) ۾ راوي نصر بن محمد ضعيف آهي ۽ ان جا شواهد پڻ ضعيف آهن . (انوار الصحيفة للشيخ زبير علي زئي رحمه الله : ص 517.) ⭐ مسلمان کي قتل ڪرڻ ته وڏي ڳالھ آهي بلڪه رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ته فرمايو: مَنْ حَمَلَ عَلَيْنَا السِّلَاحَ،فَلَيْسَ مِنَّا . جيڪو اسان مسلمانن تي صرف هٿيار تاڻيندو ته مسلمانن سان ان جو ڪو به تعلق ناهي . (صحيح بخاري: 7070) ⭐ ٻي حديث ۾ آھي : مَنْ أَشَارَ إِلَى أَخِيهِ بِحَدِيدَةٍ، فَإِنَّ الْمَلَائِكَةَ تَلْعَنُهُ حَتَّى يَدَعَهُ، وَإِنْ كَانَ أَخَاهُ لِأَبِيهِ وَأُمِّهِ. (صحيح مسلم : 2616) جيڪو ماڻھو پنهنجي ڀاءَ ڏانهن لوھَ جي ڪنهن شيءِ سان اشارو ڪري ٿو ته الله جا ملائڪ ان تي ايستائين لعنت ڪندا رهن ٿا جيستائين هو ان کي ڇڏي نه ٿو، پوءِ ڀلي اهو سندس ماءُ پيءُ ڄايو حقيقي ڀاءُ ئي ڇونه هجي . ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جڏهن ٻه مسلمان هڪ ٻئي جي سامهون تلوار کڻي بيهن ته قاتل ۽ مقتول ٻئي دوزخي آهن عرض ڪيو ويو ته مقتول جو ڪهڙو ڏوھُ ؟ فرمايائون ته: إِنَّهُ كَانَ حَرِيصًا عَلَى قَتْلِ صَاحِبِهِ . اهو به ته سامهون واري قاتل کي قتل ڪرڻ گهري پيو. (صحيح بخاري: 6875) ⭐ لَا يَحِلُّ لِمُسْلِمٍ أَنْ يُرَوِّعَ مُسْلِمًا. ڪنهن مسلمان لاءِ اهو حلال ئي ناهي جو هو ڪنهن مسلمان کي ڊيڄاري ۽ خوفزده ڪري . (ابودائود: 5004) ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ته کلي عام هٿيار کڻي هلڻ نمائش ڪرڻ کان به منع فرمائي ته متان ڪنهن کي نقصان نه پهچي . (ابوداؤد: 2588) ⭐ اسلام مومن جي عظمت جو اهڙو ته درس ڏنو آھي جو سندس لاش جي بي حرمتي به برداشت ناهي ڪئي فرمايائون ته : ڪنهن مري ويل مومن جي هڏي ڀڃڻ زندهه جي هڏي ڀڃڻ وانگر ئي آھي . ( مسند احمد: 24308) *ذمي ڪافر جو قتل* ⭐ مطلب ته ڪنهن مسلمان ڏانهن اهڙي قسم جو اشارو يا سندس قتل جو ارادو ڪرڻ به جرم آهي . بلڪه مسلمان ته ڇا هڪ غيرمسلم ڪافر ذمي جيڪو جزيو ادا ڪندڙ ھجي ۽ ڪنهن مسلمان سلطنت ، حڪومت يا ملڪ ۾ رهندو هجي ته ان کي به قتل ڪرڻ وڏو گناھ آهي . رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : مَنْ قَتَلَ مُعَاهَدًا لَمْ يَرِحْ رَائِحَةَ الْجَنَّةِ، وَإِنَّ رِيحَهَا تُوجَدُ مِنْ مَسِيرَةِ أَرْبَعِينَ عَامًا - وفي رواية لابي داؤد: حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيْهِ الْجَنَّةَ . (صحيح بخاري: 3166. ابوداؤد: 2760) جنهن ماڻھو ڪنهن ذمي معاهد کي بغير ڪنهن ڏوھَ جي قتل ڪيو ته اهو جنت جي خوشبوء به نه سنگهي سگهندو جيتوڻيڪ جنت جي خوشبو چاليهن سالن جي مسافري تائين پکڙيل هوندي، ۽ الله تعاليٰ ان تي جنت کي حرام ڪري ڇڏيو آھي . ⭐ ايستائين جو صرف انهن ئي ڪافرن سان وڙھڻ جي اجازت آھي جيڪي مسلمانن سان وڙھڻ ۾ اڳرائي ڪن يا دين اسلام جي ترويج ۾ رڪاوٽون وجهن ، پر انهن جي به ٻارن ٻچن ، عورتن ، بزرگن پوڙھن کي مارڻ کان منع ڪئي وئي آھي ، بلڪه بغير ڪنهن ضرورت جي سندن جانور مارڻ ۽ ٻني ٻاري کي نقصان رسائڻ کان پڻ روڪيو ويو آهي . *گهرج کان سواءِ پکي يا جانور مارڻ* ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: جنهن ڪنهن جهرڪي يا ان کان ننڍي وڏي ڪنهن به شيءِ کي ضرورت کان سواءِ ماريو ته قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ان کان سوال ڪندو . (سنن النسائي : 4349. 4445 ) نوٽ: هن مان اهي جانور خارج آهن جن کي شريعت مارڻ جو حڪم ڏنو آھي مثال طور : نانگ ، وڇون ، ڪوئو ، چچي ( ڪِرِڙِي ، ڇِپڪَلِي) ، ڪانگ ، ڳجهه ، نقصان ڏيندڙ ڪتو ، وغيره . ⭐ الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي ان ماڻھو تي لعنت آهي جيڪو ڪنهن جاندار کي نشانو هڻي ماري ٿو .(صحيح مسلم : 1958) ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : هڪ نبي سڳورو ڪنهن وڻ ھيٺان آرامي ٿيو ته ان کي هڪ ماڪوڙي (ڪِيڙي ، ڪِولي ) ڏنگيو جنهن تي هن سڀني ماڪوڙين کي سندن پوري ٻِر سميت ساڙائي ڇڏيو ،ان تي الله تعاليٰ سندن طرف وحي ڪيئي ته توهان کي هڪ ئي ماڪوڙي ڏنگيو هيو ان کي ئي مارڻو هيو! ، اهي ماڪوڙيون به هڪ مخلوق آھن جيڪي الله تعاليٰ جي تسبيح ڪنديون آهن . (صحيح بخاري : 3019. 3319.) *انسانيت جو قتل قيامت جي نشاني* ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن قيامت کان پهرين نشانين جو ذڪر ڪندي فرمايو : وَيَكْثُرَ الْهَرْجُ، وَهُوَ الْقَتْلُ الْقَتْلُ . يعني قتل گهڻو وڌي ويندو . (صحيح بخاري : 1036) ⭐ ايتري قدر جو سندن فرمان آهي ته : لَا يَدْرِي الْقَاتِلُ فِي أَيِّ شَيْءٍ قَتَلَ، وَلَا يَدْرِي الْمَقْتُولُ عَلَى أَيِّ شَيْءٍ قُتِلَ . قاتل کي اها خبر نه هوندي ته هو ڇو قتل ڪري رهيو آهي ۽ مقتول کي به خبر نه هوندي ته کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريو پيو وڃي . (صحيح مسلم: 2908) ⭐ ايستائين جو ماڻھو پنهنجي پاڙيسري ۽ ويجهن مائٽن ، سؤٽ ڀاءَ ۽ پيءَ کي به قتل ڪندو . (السلسلة الصحيحة : 3185) ⭐ اهڙي فتني واري دور ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجا هٿيار مُڏا يعني ناقابل استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو : يَعْمِدُ إِلَى سَيْفِهِ، فَيَدُقُّ عَلَى حَدِّهِ بِحَجَرٍ، ثُمَّ لِيَنْجُ إِنِ اسْتَطَاعَ النَّجَاءَ، (صحيح مسلم : 2887) *قتل شيطان جو پسنديده گناهه* عن ابي موسى الاشعري عن النبي صلي الله عليه وسلم قال : إِذَا أَصْبَحَ إِبْلِيسُ بَثَّ جُنُودَهُ، فَيَقُولُ: مَنْ أَضَلَّ الْيَوْمَ مُسْلِمًا أَلْبَسْتُهُ التَّاجَ.....وَيَجِيءُ هَذَا، فَيَقُولُ: لَمْ أَزَلْ بِهِ حَتَّى قَتَلَ فَيَقُولُ: أَنْتَ أَنْتَ، وَيُلْبِسُهُ التَّاجَ. (صحيح ابن حبان : 6189. مستدرك حاكم : 8027. صححه ووافقه الذهبي. السلسلة الصحيحة : 1280) شيطان پنهنجي چيلن کي مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ روانو ڪندي اعلان ڪري ٿو جيڪو وڌيڪ ڪم ڪري ايندو ان کي تاج پارائيندس پوءِ جڏهن واپس اچي رپورٽ ڏين ٿا ته سڀني کان وڌيڪ قتل ڪرائيندڙ چيلي تي خوش ٿيئي ٿو ۽ ان کي شيطاني تاج پارائي ٿو . *ناحق قتل جي سنگيني* ⭐ عَنْ عَبْدِ اللَّهِ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لَا تُقْتَلُ نَفْسٌ ظُلْمًا إِلَّا كَانَ عَلَى ابْنِ آدَمَ الْأَوَّلِ كِفْلٌ مِنْ دَمِهَا ؛ لِأَنَّهُ أَوَّلُ مَنْ سَنَّ الْقَتْلَ .(صحيح بخاري: 3335) دنيا ۾ ڪوبه ناحق قتل ٿئي ٿو ته آدم عليه السلام جي پٽ (قابيل) تي ان گناهه جو حصو به لکيو وڃي ٿو ڇو ته هن (پنهنجي ڀاءَ هابيل کي ماري ڪري) ان قتل جي شروعات ڪيئي هئي . ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن قتل کي “الموبقات“ يعني هلاڪ ، تباهه ۽ برباد ڪندڙ ستن ڪبيره گناهن ۾ شرڪ ۽ جادو کان پوءِ ٽئين نمبر تي ذڪر فرمايو . ( صحيح بخاري: 2766 .مسلم: 89) ⭐ عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : أَبْغَضُ النَّاسِ إِلَى اللَّهِ ثَلَاثَةٌ : مُلْحِدٌ فِي الْحَرَمِ، وَمُبْتَغٍ فِي الْإِسْلَامِ سُنَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ، وَمُطَّلِبُ دَمِ امْرِئٍ بِغَيْرِ حَقٍّ لِيُهَرِيقَ دَمَهُ . ( صحيح بخاري: 6882) الله تعاليٰ جن ٽن ماڻھن کان سڀني کان وڌيڪ بغض ۽ نفرت ڪري ٿو انهن ۾ هڪ ناحق خون ڪندڙ به آهي . ⭐ عَنِ ابْنِ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لَنْ يَزَالَ الْمُؤْمِنُ فِي فُسْحَةٍ مِنْ دِينِهِ مَا لَمْ يُصِبْ دَمًا حَرَامًا . وفي رواية لابي داؤد : لَا يَزَالُ الْمُؤْمِنُ مُعْنِقًا صَالِحًا مَا لَمْ يُصِبْ دَمًا حَرَامًا، فَإِذَا أَصَابَ دَمًا حَرَامًا بَلَّحَ (صحيح بخاري : 6862. ابوداؤد : 4270) هڪ مومن جي دين ۾ اوستائين ترقي ۽ واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ هو نيڪي ۽ اطاعت جي رستي تي هلندو رهي ٿو، جستائين هو ناحق خون نه ٿو ڪري پر جڏهن ناحق خون ڪري ٿو ته سندس ديني ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ هو هلاڪت ۽ بربادي جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو . ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : وَمَنِ اسْتَطَاعَ أَنْ لَا يُحَالَ بَيْنَهُ وَبَيْنَ الْجَنَّةِ بِمِلْءِ كَفِّهِ مِنْ دَمٍ أَهْرَاقَهُ فَلْيَفْعَلْ . جيڪو ماڻھو اهو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو ته رت جي هڪ لَپَ سندس جنت ۾ وڃڻ کان رڪاوٽ نه بڻجي وڃي ته کيس ضرور ايئن ڪرڻ گهرجي (يعني هو ناحق خون کان هر صورت پاڻ کي بچائي ايئن نه ٿئي جو اها شيءِ ان جي جنت ۾ وڃڻ کان رڪاوٽ بڻجي وڃي ) صحيح بخاري : 7152) ⭐ يَخْرُجُ عُنُقٌ مِنَ النَّارِ يَتَكَلَّمُ، يَقُولُ : وُكِّلْتُ الْيَوْمَ بِثَلَاثَةٍ : بِكُلِّ جَبَّارٍ، وَبِمَنْ جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلَهًا آخَرَ، وَبِمَنْ قَتَلَ نَفْسًا بِغَيْرِ نَفْسٍ. فَيَنْطَوِي عَلَيْهِمْ، فَيَقْذِفُهُمْ فِي غَمَرَاتِ جَهَنَّمَ . (سلسلة الاحاديث الصحيحة : 2699) قيامت جي ڏينهن دوزخ مان هڪ ڳچي نڪرندي جيڪا ڪجهه ماڻھن کي جهلي دوزخ جي اُوناهين ۾ اڇلائيندي انهن ۾ هڪ ماڻھو ناحق قتل ڪرڻ وارو به هوندو . ⭐ سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنه فرمايو: إِنَّ مِنْ وَرَطَاتِ الْأُمُورِ الَّتِي لَا مَخْرَجَ لِمَنْ أَوْقَعَ نَفْسَهُ فِيهَا، سَفْكَ الدَّمِ الْحَرَامِ بِغَيْرِ حِلِّهِ. (صحيح بخاري : 6863) ناحق خون ڪرڻ اهڙو گناهه آهي جو ان مان نڪرڻ جي ڪا به گهٽي نه ٿي رهي . ⭐ اسلام هڪ انسان جي عظمت جو درس ايتري قدر ڏنو آھي جو هڪ ميت جي هڏي ڀڃڻ کي گناهه ۾ زندهه جي هڏي ڀڃڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آھي . (ابوداؤد : 3207. ) *ڪلمي پڙھندڙ مسلمان ۽ مومن جو قتل* ⭐ عَنْ عُبَادَةَ بْنِ الصَّامِتِ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ قَالَ : مَنْ قَتَلَ مُؤْمِنًا فَاعْتَبَطَ بِقَتْلِهِ لَمْ يَقْبَلِ اللَّهُ مِنْهُ صَرْفًا وَلَا عَدْلًا . (ابوداؤد : 4270) جنهن ماڻھو ڪنهن مومن کي ناحق قتل ڪيو (۽ ان تي خوش ٿيو) ته الله تعاليٰ سندس ڪابه فرضي ۽ نفلي عبادت قبول نه ڪندو . ⭐ عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لَزَوَالُ الدُّنْيَا أَهْوَنُ عَلَى اللَّهِ مِنْ قَتْلِ رَجُلٍ مُسْلِمٍ. (جامع ترمذي: 1395. نسائي : 3987. ابن ماجة: 2619) سڄي دنيا جو تباهه ۽ برباد ٿي وڃڻ الله تعاليٰ وٽ هڪ مومن جي قتل کان هلڪو آهي . ⭐عَنۡ أَبِيۡ سَعِيدٍ الْخُدْرِيَّ ، وَأَبِيۡ هُرَيْرَةَ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لَوْ أَنَّ أَهْلَ السَّمَاءِ، وَالْأَرْضِ اِشْتَرَكُوا فِي دَمِ مُؤْمِنٍ لَأَكَبَّهُمُ اللَّهُ فِي النَّارِ . (جامع ترمذي : 1398) جيڪڏھن سڀئي آسمان وارا ۽ زمين وارا (فرض ڪيو ته) ڪنهن مومن کي قتل ڪرڻ لاءِ گڏجي پون ته الله تعاليٰ سڀني کي اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلائي ڇڏيندو (۽ ان کي ڪا به پرواهه نه هوندي) . ⭐ عَنۡ أَبِيۡ الدَّرْدَاءِ يَقُولُ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : كُلُّ ذَنْبٍ عَسَى اللَّهُ أَنْ يَغْفِرَهُ، إِلَّا مَنْ مَاتَ مُشْرِكًا، أَوْ مُؤْمِنٌ قَتَلَ مُؤْمِنًا مُتَعَمِّدًا . (ابوداؤد: 4270) وفي رواية : أبى الله أن يجعل لقاتل المؤمن توبة .(السلسة الصحيحة : 689) هر گناهه جي باري ۾ اميد آهي ته الله تعاليٰ ان کي معاف ڪري ڇڏي پر جيڪو شرڪ جي حالت ۾ فوت ٿيو يا ڪو مومن جنهن ڪنهن ٻئي مومن کي قتل ڪيو ...الله تعاليٰ مومن جي قاتل جي توبه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ... نوٽ : علماء ۽ محدثين جو اهڙين روايتن جي باري ۾ اهو چوڻ آهي ته نه معاف ڪرڻ جو حڪم ان ماڻھو لاءِ آھي جيڪو مسلمان کي قتل ڪرڻ حلال سمجهندو هجي ، يا وري اهي روايتون تغليظ ۽ تشديد تي محمول آھن ، ورنه شرڪ کان سواءِ باقي گناهن جي معافي ممڪن آھي : إِنَّ اللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَنْ يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَٰلِكَ لِمَنْ يَشَاءُ ۚ وَمَنْ يُشْرِكْ بِاللَّهِ فَقَدِ افْتَرَىٰ إِثْمًا عَظِيمًا(سورة النساء 48) ⭐ هڪ سؤ ماڻھن جي قاتل جي توبه به الله تعاليٰ قبول فرمائي . (بخاري : 3470. مسلم : 2766) ⭐ سيدنا ابن عباس رضي الله عنه جو اهو موقف هيو ته قاتل جي توبه ناهي ، ان کي به ايئن سمجهڻ گهرجي جيئن مذڪوره روايتون يا سندس موقف کي دلائل جي اعتبار سان مرجوح قرار ڏئي سگهجي . (تفصيل لاءِ شروحات حديث ) ⭐ ڪنهن جنگ ۾ هڪڙي ڪافر مسلمانن کي وڏو نقصان رسايو جو ڪيترين ئي مسلمانن کي شهيد ڪيائين سيدنا اسامه بن زيد ۽ هڪ انصاري صحابي رضي الله عنهما ان جي پٺيان پيا ۽ ان کي سوگهو ڪري وڌائون بس تلوار جو وار ڪرڻ لڳا ته هن ڪلمو لا اله الا الله پڙهيو انصاري ته تلوار جهلي ورتي پر سيدنا اسامه ان کي قتل ڪري ڇڏيو ، سيدنا اسامه جو خيال هيو ته هو قتل کان بچڻ لاءِ ڪلمو پڙھي رهيو آھي ، جنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : أَفَلَا شَقَقْتَ عَنْ قَلْبِهِ حَتَّى تَعْلَمَ أَقَالَهَا أَمْ لَا ؟ - أَقَتَلْتَهُ بَعْدَ أَنْ قَالَ : لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ ؟ . قَالَ : فَمَا زَالَ يُكَرِّرُهَا عَلَيَّ حَتَّى تَمَنَّيْتُ أَنِّي لَمْ أَكُنْ أَسْلَمْتُ قَبْلَ ذَلِكَ الْيَوْمِ. - وَكَيْفَ تَصْنَعُ بِلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ إِذَا جَاءَتْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ؟- ڇا تون ان جي دل چيري ڏٺي هئي ته هن ڪلمو ڪيئن پڙھيو ! ڇا تون ان کي لا اله الا الله پڙھڻ کان پوءِ به قتل ڪري ڇڏيو!! ؟ تون قيامت جي ڏينهن ان لا اله الا الله جو ڇا ڪندين جڏھن هو ايندو !؟ ۽ پاڻ اها ڳالهه ورجائيندا رهيا ايستائين جو مون خواهش ڪئي ته ڪاش آئون اڄ کان پهرين مسلمان ئي نه ٿيان ها ته بهتر هيو . (صحيح بخاري : 4269. صحيح مسلم : 96. 97.) هڪ حديث ۾ آهي اهڙو ڪافر جيڪو جنگ ۾ ڪنهن مسلمان جو هڪ هٿ ڪپي ۽ پوءِ ڪلمو پڙھي ته ان کي قتل ڪندڙ ڪافر ٿي پوندو ۽ اهو مسلمان : فَإِنْ قَتَلْتَهُ فَإِنَّهُ بِمَنْزِلَتِكَ قَبْلَ أَنْ تَقْتُلَهُ، وَإِنَّكَ بِمَنْزِلَتِهِ قَبْلَ أَنْ يَقُولَ كَلِمَتَهُ الَّتِي قَالَ . (صحيح بخاري: 4019. مسلم) *قيامت جي ڏينهن قاتل ۽ مقتول جي حالت* رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : أَوَّلُ مَا يُقْضَى بَيْنَ النَّاسِ فِي الدِّمَاءِ . قيامت جي سڀ کان پهرين (حقوق العباد جي متعلق ) خون يعني قتل جو فيصلو ڪيو ويندو . (صحيح بخاري: 6864) ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : قيامت جي ڏينهن قاتل ۽ مقتول اهڙي حالت ۾ ايندا جو مقتول پنهنجي قاتل کي گِهليندو الله جي عرش وٽ پهچندو ۽ سندس رڳن مان رت وهي رهيو هوندو ، الله تعاليٰ کي عرض ڪندو : رَبِّ، سَلْ هَذَا لِمَ قَتَلَنِي ؟ اي منهنجا رب هن کان سوال ڪر ته مون کي هن ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو هيو ؟ (ترمذي : 3029. ابن ماجه : 2621. نسائي : 3999) (وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ ۚ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ)