نثارابڙو
نائب منتظم
ادي مست وارو ڪاڪو آچار، هن دفعي پپني کي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ نڪتو، لاڙڪاڻي جي رستن تي هلندي هلندي ڇا ڏسي ته ٻه همراهه رستي جي ڀر ۾ بيٺا آهن، هڪ همراه کڏو کوٽي ٿو ته ٻيو وري ان ۾ مٽي وجهي پوري ٿو ڇڏي ۔۔۔
ڪاڪي آچار کان رهيو نه ٿيو سو وڃي پڇيائين ته “ اڙي احمقو! هي ڇا ٿا ڪريو، ؟
جواب آيو ته اسين ميونسپالٽي (بلديه) جا ملازم آهيون، اسانکي حڪم ٿيو آهي ته رستي جي ٻنهي پاسن کان وڻ پوکيون ۔۔۔
ڪاڪي وراڻيو ته اڙي عقل جا دشمنو! اوهان مان هڪڙو کڏو ٿو کوٽي ته ٻيو وري کڏو ٿو پوري، وڻ ڪٿي آهن ۔۔۔؟؟؟؟
بلديه جي ملازمن مان هڪ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي جواب ڏنو ته؛ اصل ۾ اسين ٽن دوستن کي اهو حڪم مليو ته وڻ پوکيون، مونکي کڏي کوٽڻ جي ڊيوٽي ڏني وئي آهي، هن کي کڏي پورڻ جي ۽ ٻيو اسانجو دوست جيڪو اڄ بيمار آهي ۽ نه آيو آهي انکي وڻن پوکڻ جي ڊيوٽي آهي، هاڻ هو اسانجو بيمار دوست نه آيو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ڊيوٽي به نه ڪريون ڇا ۔۔۔؟
ڪاڪي آچار جو مٿو ڦري ويو ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ڪندي هلي پيو ۔۔۔