ڪامريڊ منان چانڊيو سنڌ پوليس ڪوڙن مقابلن ۾ بيگناھ ۽ مسڪين ماڻھو مارڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿي، لڳي ٿو ته هاڻي پنجاب پوليس به ساڳئي قهري فارمولي تي عمل پيرا ٿي رهي آھي، جنهن جو تازو مثال ساهيوال پوليس هٿان زال مڙس سندن ڌيءُ ۽ ڪار ڊرائيور کي دهشتگرد چئي ماري ڇڏڻ آهي، ڪنهن به ملڪ رياست ۽ صوبي جي زميني سرحدن حدن ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻھن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ فوج ۽ ٻيا مرڪزي فورسز قائم ٿيل هوندا آھن، جن جي ذميواري هوندي آھي ته اهي بيروني جارهيت ۽ لشڪر ڪشيءَ کي منظم نموني منهن ڏين اهڙي ريت وري پوليس جي ذميواري هوندي آھي ته اها پرامن ۽ قانون جو احترام ڪندڙن کي ڌاڙيلن، چورن ۽ سماج دشمن عنصرن کان محفوظ رکن، ممڪن آھي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ايئن ٿيندو هجي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڻ واري پياري پاڪستان ۾ جتي وفاقي فورسز پنهنجي ماڻھن کي شير شاهه جي شڪري وانگي گهر جا چوزا چائڻ واري ڪرت تي هلندي پنهنجي قومن، طبقن، ڌرين ۽ فردن کي فتح ڪرڻ جي شوق کي لڳا پيا آھن، اتي پوليس سڳوري به عام ماڻھن جي عزت، جان ۽ مال جي ويري ۽ تاڪائو بڻيل آھي، چوڻ جو مطلب ته جن ادارن ۽ فورسز کي عوام جي آئيني، قانوني، جمهوري ۽ انساني حقن جو قدر ۽ رخوالي ڪرڻي آھي، اهي جيڪڏهن انهن جي پائمالي ڪن ته پوءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو ويل ۽ ويڌن ٿي سگهي ٿي، وفاقي فورسز ڪهڙي ريت بلوچ ۽ سنڌي قومي اڳواڻن ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏي ٿي يان انهن جا چچريل لاش ڪيرائي ٿي، اها به هڪ المياتي درد ڪٿا آھي جن جو ازالو نه وقت جي حڪومت ڪري ٿي نه وري اعليٰ عدالت، ڇوته اهي ادارا ڄڻ ته ملڪي قانونن کان مٿانهان ۽ پنهنجي خاني خان هجن، باقي رهيو سوال پوليس جو ته اها به هاڻي هڪ قسم جي قاتل مافيا بنجي چڪي آھي جيڪا به وٺ ڪونه ٿي ڏئي، جڏھن به چاهي ته ڪٿي به ڪنهن به واٽ ويندي يا گرفتار ڪري گولين جو بک بنائي مقابلي جو ڍونگ رچائڻ ۾ ڪابه دير، هٻڪ يا خوف خدا محسوس ڪونه ٿي ڪري، جيتوڻيڪ خود پوليس جي لا ۽ قائدن ۾ ڪنهن به ڏوهاري کي مقابلي ۾ مارڻ کان زندهه پڪڙڻ کي ترجيح ڏني ويندي آھي ته جيئن ان کان ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ٻين گروهن ۽ فردن جي معلومات حاصل ڪري انهن تائين آساني سان پهچي کين قانون جي فولادي هٿن ۾ آڻي سگهجي، پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ٽي چار ڏينهن اڳ ساهيوال واقعي جي ته ان تي پوري ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آھي، هڪ طرف جتان ڪٿان پوليس خلاف آواز اٿي رهيا آھن ٻئي پاسي عمراني سرڪار جي ڪجهه مرڪزي ۽ صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مرد عورت دهشتگرد هئا جن جو مارجي وڃڻ پوليس جي بهادري آھي، ٽئين طرف پوليس جي گولين جو خاڄ بنيل چئن انسانن جي پاڙي سرين جو چوڻ آھي ته اهي انتهائي شريف هئا جن جي خلاف ڪٿي به شڪايت درج ٿيل ڪونه آھي، چوٿين پاسي خوني وارڌات واري جاءِ تي موجود عام ماڻھن جو چوڻ آھي ته پوليس بنا ڪنهن اڳواٽ وارننگ ۽ ڪار ۾ سوار ماڻھن جي تلاشي وٺڻ جي گوليون هلائي ڇڏيون، ان ڏکوئيندڙ مامري جي اصل حقيقت ڄاڻڻ لاءِ پنجاب سرڪار هڪ بااختيار جي آءِ ٽي قائم ڪئي آھي جنهن هي سٽون لکڻ وقت تائين پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ مارجي ويلن کي بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آھي، ان کان سواءِ وفاقي ۽ صوبائي سرڪار مارجي ويلن جي وارثن لاءِ ٻه ڪروڙ رپين جي مالي سهائتا جو اعلان پڻ ڪيو آھي، واقعي جي شروعات ۾ ئي پنجاب سرڪار جي ڪيترين ئي وزيرن گڏجي هڪئي آواز ۾ پوليس جي ڪاروائي کي درست قرار ڏنو هيو ۽ ساڳي وقت ئي عمراني سرڪار مارجي ويلن جي مالي سهائتا جو اعلان پڻ ڪيو اهي، اهي ٻئين ڳالهيون هڪٻئي جي ابتڙ هيون ڇو ته جيڪڏھن مارجي ويل دهشتگرد ۽ انهن جا ساٿاري هيا ته پوءِ مالي سهائتا ڇو؟ اهي ڏاڍا منجهائيندڙ سوال آھن جن تي ڪيترائي تبصرا ۽ تحفظات ظاهر ڪيا پيا وڃن، اسان جي نظر ۾ ساهيوال سانحي تي سڄي ملڪ ۾ جيڪو سوڳ ڪيو پيو وڃي، ان جو هڪ سبب اهو آھي ته ٽي ماڻھو هڪئي گهر جا قتل ٿيل آھن، جن مان ٻه عورتون آھن ٻيو وري اهو ته پوليس جو نشانون بنيل پنجاب سان واسطو رکندڙ پنجابي آھن، باقي سنڌ ۾ اهڙين قهري ڪارواين تي ايڏو وڏو رد عمل ڏسڻ ۾ ڪڏھن به ڪونه آيو آھي، در حقيقت قاتل ڪهڙي به قوم جو هجي ۽ ڪيڏو بااثر ڇونه هجي يا وري مقتول ڪير ۽ ڪيترا به ڪمزور ڇونه هجي، پر انساني قانوني ۽ اخلاقي ناتي نفرتون قاتل انهن جي سهڪارين ۽ همدرديون مقتولن ۽ انهن جي وارثن سان هئڻ ضروري آھن، پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ ۾ خاص عام ننڍ ۽ وڏائي جو دستور ورهين کان وٺي نه صرف جاري رهندو پيو اچي پر ان ۾ واڌ ويجهه ٿيندي پئي اچي، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پوليس هٿان ماڻهون مارجڻ عام رواجي ڳالهه آھي، اها به حقيقت آھي ته اڄ ڏينهن تائين قاتل پوليس وارن کي ڪا به مثالي سزا ڪونه ملي آھي، هو جيترا به ڪيس ڪلور ڪري رهي آھي اهي سڀ جو سڀ کين ڦٻيو وڃن، مثال طورتي اڄ کان اڍائي ڏهاڪا اڳ شاهبندر وارو خوني واقعو هجي يا علي سونهاري جو قتل توڙي مير مرتضيٰ ڀٽو جهڙي اڻٻنگ ڪونڌر مڙس جو پنهنجي ڇهن جان نثارن سميت ڪراچي پوليس هٿان مارجي وڃڻ؟ مير مرتضيٰ ڀٽو کي جنهن وقت ماريو ويو هو ته هو ان وقت ايم پي اي هيو ان کان سواءِ هو اڳوڻي وزيراعظم جو پٽ ۽ ان وقت جي وزيراعظم جو ڀاءُ پڻ هيو، اھڙي اهم شخصيت جي قاتلن هڪ سپاهي کان وٺي جيڪي به پوليس عملدار جاءِ وارڌات تي موجود هئا انهن سڀني جو اهو ئي موقف هيو ته مرتضيٰ ڀٽو سان دهشتگرد ساڻ هئا جن پوليس جوانن کي مارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي ڪاروائي ۾ مارجي ويا، ساڳي ڪوڙي ڪهاڻي شاهبندر سانحي وقت به ورجائي وئي، جهڙي ريت ساهيوال سانحي ۾ ملوث سي ٽي ڊي پوليس اهلڪار بيسرو راڳ ڳائي رهيا آھن اهڙي ريت سنڌ پوليس جي پرڪارن جي پچار ڪنداسين ته پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي جي اها افسوس ناڪ وارتا به ذھن تي تري ايندي جنهن ۾ سانگهڙ ڊسٽرڪٽ جيل مان ڇهن هرن کي سيشن ڪورٽ حاضريءَ جي پيش ڪرڻ بهاني ڪڍي رستي ۾ پوليس ماري اهو چيو ته مزڪورهه قيدين کي سندن ٻاهر وارا ساٿي ڇڏائڻ آيا هئا جن پوليس پارٽيءَ تي ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قيدي مارجي ويا، پوليس جي انهن پراڻين وهشتين کي هڪ طرف رکي ٻه سال اڳ وڳڻ پوليس جي ايس ايڇ او سلام چانڊيو جي ڪمانڊ هيٺ لالو رانڪ شهر ۾ هڪ واپاري اتحاد جي صدر منظور سولنگي جي گهر تي پوليس هلان ڪري ان جي ستر سالا پوڙهي ماءُ لڇم خاتون ۽ نوجوان پورهيت ڀاءُ چاڪر سولنگي کي بيگناهه قتل ڪرڻ واري بي رحمانا ڪاروائي، يا تازو ٺٽي ضلعي جي هڪ شهر ور ۾ ملاح برادري سان واسطو رکندڙ هڪ شهري جي گهر تي چڙھائي ڪري تيرنهن سالا عابدا ملاح کي مارڻ ۽ ڪيترين ئي گهر ڀاتين کي زخمي ڪرڻ يا وري ان کان ڪجهه مهينا اڳ ڪنڌ ڪوٽ جي ٻن رهاڪن جن مان هڪ پرائمري ماستر ۽ ٻيو چوپائي مال جو واپاري هيو انهن کي دادو ضلعي جي تاريخي شھر وٽان پوليس هٿان گرفتار ڪري لکين رپيا روڪ موبائل فونو فر ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻو ضلعي جي جابلو علائقي ۾ آڻي مارڻ ۽ پوءِ پوليس مقابلي جو ڍونگ رچائڻ جهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي خوني ڪاروايون ڪرڻ سنڌ پوليس لاءِ ڄڻ ته روز مرهه جو مامرو هجي، مقصد چوڻ جو ته پوليس پنجاب جي هجي يا سنڌ جي، خيبر پختونخواهه جي هجي يا بلوچستان جي هجي اها قانون کي لتاڙيندڙ پنهنجي اختيارن کي اورانگهيندڙ انسان دشمني واري ساڳي عادت رکن ٿيون، ها فرق اهو آھي ته پنجاب ۾ اهڙين واقعن تي وڏو گوڙ ٿئي ٿو جنهن جو مثال ساهيوال سانحي تي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊيل ايوانن مان ٿيندڙ بحثن مان سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ چئن ماڻھن جي پوليس هٿان مارجڻ واري واقعي تي جيڪا جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي ان شروعاتي رپورٽ ۾ پوليس کي ڪوڙو قرار ڏيندي مارجي ويلن کي بيقصور قرار ڏئي ڇڏيو آھي، باوجود ان جي به سينيٽ جهڙي اعليٰ ايوان ۾ واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي، جڏھن ته قومي اسيمبلي ۾ بحث دوران پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جي تجويز ڏني آھي، اسان کي حيرت ٿي ٿئي ته حڪومتي ڌر جي وزيرن، چونڊيل عيوضين پارليامينٽ جهڙي اهم ادار ۾ کل ۽ وائڙائپ جهڙو موقف اختيار ڪندي چيو آھي ته ساهيوال سانحي جي ذميوار اپوزيشن ۽ اڳوڻيون حڪومتون آھن جن جي اقتداري دور ۾ پوليس ماڻهو مار مهم هلائيندي هئي، هتي سوال اهو ناهي ته اڳوڻين حڪومتن جي ايامڪاري دوران پوليس اهڙين سنگين وارڌاتين ۾ ملوث رهي آھي، جنهن کي اهڙين غير قانوني حرڪتن کان روڪڻ ذميوارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ ضروري هيو جيڪو نه ٿي سگهيو جنهنڪري پوليس جو من وڌي ويو، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه هئڻ گهرجي ته هاڻي به ان غلط عمل جي آبياري ٿيندي رهي، ملڪ جا باشعور باضمير ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ڪروڙين ماڻهو ڪلھ به پوليس پاران عدالت ۽ قانون کان مٿانهين حرڪتن جا مخالف هئا ۽ اڄ به آھن ۽ سڀاڻي پڻ رهندا، پر اصل ڳالھ اها آھي ته ساهيوال واقعي جي ذميواري عمراني سرڪار کي قبولڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ انهن وزيرن کي فارغ ڪرڻ گهرجي جن بنا ڪنهن ثبوت جي مارجي ويل چئن ماڻھن کي داعش جو ساٿاري چئي ڇڏيو، ٻئي مرحلي ۾ خوني وارڌات ۾ شامل سڀني پوليس وارن ۽ جن ادارن جي اهلڪارن کين اها ڪوڙي معلومات ڏني ته مزڪوره ڪار ۾ سوار دهشتگرد آھن انهن کي وائُکو ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ته جيئن عام ۽ خاص کي اها خبر پوي ته سرڪاري جاسوسي ادارا ۽ انهن جا ذميوار فرد ڪوڙي ۽ ڇسي آڌار تي بيگناهه ماڻھو ڇوٿا مارائين، ٽئين مرحلي ۾ پوري ملڪ ۾ پوليس جي نظام کي نئين سر تشڪيل ڏئي ان مان سموريون ڪميون، ڪوتاهيون، ڪمزوريون، غير ذميواريون، خرمستيون خصوصن بيگناهه ماڻهو مار عادتون ڪڍيون وڃن ۽ اڄ تائين پوليس جي ظلمتن جو شڪار ٿيل سڀني بيڏوهي ۽ مسڪين ماڻھن جي وارثن جي حڪومت طرفان مالي سهائتا ڪرڻ کان علاوه جن به پوليس وارن قانون ۽ خود پوليس جي قائدن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي آھي کين ملڪ جي عدالتي ڪارونهوار موجب مثالي سزا ڏني وڃي، جيستائين اهو سڀڪجهه ممڪن ٿي سگهي ان کان اڳ ساهيوال سانحي ۾ ملوث پوليس وارن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جنهن جو مثال پوري پاڪستان ۽ ان جي سڄي عمر واري عرصي ۾ اڳ ڪڏھن نه ٿيو هيو ۽ ياد رکيو وڃي.